نوجوان شاعر امر اقبال جو اصل نالو محمد اقبال ولد الهورايو چنه آهي. هن سنڌ جي نامياري استاد ، شاعر ۽ محقق عطا محمد حاميء جي ڳوٺ سوهو ڪناسرا تعلقي ڪوٽڏجي ضلع خيرپور ۾ پهرين اپريل 1974 تي جنم ورتو. مئٽرڪ سينٽ ٿريسز هاء اسڪول خيرپور ۽ انٽر سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان 1991 ۾ ڪيائين. اين اِي ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان 1997 ۾ بِي اِي سول انجنيئرنگ ۾ ڪيائين
امر اقبال 1992 کان شاعري شروع ڪئي ۽ ٿوري عرصي ۾ غزل ، نظم ۽ وائي جي صنف تي عبور حاصل ڪري ورتائين. سندس شاعري سمورن مشهور رسالن ۽ ادبي پرچن ۾ ڇپبي رهي آهي. سندس شاعري جا ٻه شعري مجموعا ڇپيا آهن
سمند اڪيلو آهي 2004امر اقبال 1992 کان شاعري شروع ڪئي ۽ ٿوري عرصي ۾ غزل ، نظم ۽ وائي جي صنف تي عبور حاصل ڪري ورتائين. سندس شاعري سمورن مشهور رسالن ۽ ادبي پرچن ۾ ڇپبي رهي آهي. سندس شاعري جا ٻه شعري مجموعا ڇپيا آهن
اکين مان ٽميل نظم 2004
پاڻ سچل يادگار ڪميٽي ، حامي يادگار ڪميٽي جا ميمبر ۽ سرگرم رڪن آهن
سندن شاعري هتي وند ڪجي ٿي :
ســارا رســتــا ڪــوهــيـڙي ۾
پنهنجا سـپنـا ڪــوهــيـڙي ۾
هــاء مسـافــر مــونجهـاري ۾
آهـــن بــيــٺا ڪــوهــيـڙي ۾
چـــهـرا ڌنـــڌلا ، ۽ ڌنــڌ لا ٿــيا
ســـــــڀ آئـــــينـا ڪـــوهــيـــڙي ۾
تــون چــپ مٺـڙي پر تنهنجا ٻئي
نــيڻ پئي مرڪيــا ڪــوهــيـڙي ۾
ڪافيء جو ڪپ تنهنجون ڳالهيون
شـام جــا لــمحــا ڪــوهــيـڙي ۾
تــنهــا رســتو ۽ خـــــامـــوشــــي
شـــــاعــر تــنهــا ڪــوهــيـڙي ۾
پنهنجا سـپنـا ڪــوهــيـڙي ۾
هــاء مسـافــر مــونجهـاري ۾
آهـــن بــيــٺا ڪــوهــيـڙي ۾
چـــهـرا ڌنـــڌلا ، ۽ ڌنــڌ لا ٿــيا
ســـــــڀ آئـــــينـا ڪـــوهــيـــڙي ۾
تــون چــپ مٺـڙي پر تنهنجا ٻئي
نــيڻ پئي مرڪيــا ڪــوهــيـڙي ۾
ڪافيء جو ڪپ تنهنجون ڳالهيون
شـام جــا لــمحــا ڪــوهــيـڙي ۾
تــنهــا رســتو ۽ خـــــامـــوشــــي
شـــــاعــر تــنهــا ڪــوهــيـڙي ۾
