نثارابڙو
نائب منتظم
.
زال 1؛
منهنجي شام تمام مزيدار گذري … تنهنجي ڪيئن گذري؟
زال 2؛
بيڪار، مون وارو مڙس آيو، ٽن منٽن ۾ رات جي ماني کائي ورتائين ۽ ٻن منٽن ۾ ننڊ وٺي ويس … ڀلا تنهنجي ڪئين مزيدار گذري؟
زال 1؛
اصل ڳالهه نه پڇ! مزيدار … مون وارو مڙس گهر آيو ۽ مونکي ٽيڪسيءَ ۾ وٺي ويو هڪ سهڻي هوٽل ۾ وڃي ماني کاڌي سون، ان کانپوءِ تمام سهڻي علائقي مان گهمندي گهر آياسون ۽ مون واري مڙس هر طرف موم بتيون ٻاري مونکي پنهنجي سامهون ويهار ي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڳالهيون ڪيون … بس ڇا ٻڌايان ڄڻ خواب هو …!!!
ساڳي ئي وقت انهن زالن جا مڙس آفيس ۾ ويهي رات جو تذڪرو ڪجهه هيٺين ريت ڪري رهيا هئا.
مڙس 1؛
تنهنجي شام ڪيئن گذري ...؟
مڙس 2 ؛
تمام آرامده ... آءُ گهر پهتم، رات جي ماني کاڌي واري ميز تي پيل هئي، مون مزي سان کاڌي ۽ ننڊ وٺي وئي ... اصل آرام اچي ويو ۽ صبح تازو توانو ٿي اٿيس ... ۽ ها تنهنجي ڪيئن گذري ...؟؟؟
مڙس 1؛
بيڪار اصل ٿڪجي پيس، آءُ گهر پهتم ته ماني تيار نه هئي ۽ بجلي به ڪون هئي، مون پاڻ واري زال کي کنيو ٽيڪسيءَ ۾ هڪ هوٽل ۾ وڃي ماني کاڌي، کيسو ئي خالي ٿي ويو، جنهن سبب ٽيڪسيءَ جا پئسا به نه بچيا انڪري پنڌ گهر آياسون، گهر پهتاسون ته بجلي اڃان ڪون آئي هئي ... انڪري سڄي گهر ۾ موم بتيون ٻارڻيون پيون، بجلي نه هجڻ سبب ننڊ به نه ٿي آئي ۽ مون واري زال به ڦيريون پائيندي وڦلندي رهي ... مطلب اصل رات وارو ٿڪ اڃان اکين ۾ آهي ...