• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

راشد مورائي اچو گڏجي دوستو۔۔!! ڦيرو ڪو آڻيو، (راشد مورائي)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
اچو گڏجي دوستو۔۔!! ڦيرو ڪو آڻيو،
عقل، علم، عمل کي، هڪ ٻئي سان واڻيون،
ريتيون پراڻيون، مٽايون هن ماڳ تان!

منزل ٿيندي ويجهڙي، جئن جئن پنڌ ڪبو،
ڪاميابي حاصل ڪري، اوچو ڪنڌ ڪبو،
هڻي هنڌ ڪبو، سج اُڀاري سچ جو۔!

%25D8%25A7%25D8%25B3%25D8%25B3.jpg

ڪلڪ لنڪ
ashique.blogspot.com
 
جواب: اچو گڏجي دوستو۔۔!! ڦيرو ڪو آڻيو، (راشد مورائي)

راشد مورائي هڪ انقلابي شاعر آهي جنهن اسان کي نت نوان گيت ڏنا آهن

عاشق سولنگيء جون به مهربانيون جنهن سهڻي ڊزائن ونڊ ڪئي آهي
 
جواب: اچو گڏجي دوستو۔۔!! ڦيرو ڪو آڻيو، (راشد مورائي)

ادا عاشق راشد مورائي بيشڪ سنڌ جو هڪ سهڻو وطن دوست شاعر ۽ ڏاهو آهي ۽ سندس شاعري به انتهائي سهڻي ۽ لڀائيندڙ هوندي آهي ۔۔۔ ۽ اوهانجي پيشڪش به سهڻي آهي ۽ اوهان پنهنجي مستيءَ ۾ ۽ سنڌ جي پيار ۾ جيڪو ڪم ڪيو ٿا سو به بيمثال آهي ۔۔۔

هڪ نصيحت اوهانکي منهنجي پاران ۔۔۔ جي قبول پوي ته ؛

اوهان هميشه جنهن به شاعر جي شاعري پڙهو يا لکو ته انجي اکرن تي ٿورو توجهه ضرور ڪندا ڪريو ۽ ٻه ٽي گهمرا انهن کي ورجائيندا ڪريو ۔۔۔ ۽ تور تڪ ڏسندا ڪريو ۔۔۔

مثال؛ راشد مورائيءَ جي پهرين بيت جو وزن ٽن لفظن تي بيٺل آهي ۔۔۔
آڻيون
واڻيون
پراڻيون

پر اوهان پهرين لفظ جو ”ن“ کائي ويا آهيو، جيتوڻيڪ اها هڪ ننڍي ڳالهه آهي پر
مطلب بدلجي ويو آهي ۽ وزن خراب ٿي پيو آهي ۔۔۔ بيشڪ اوهان اهو بيت کنيو هوندو پر اوهان کي هاڻ آهستي آهستي انهن ڳالهين تي توجهه ڏيڻ کپي ۔۔۔

آڻيو ۔۔۔ آڻيون ، ٻئي الڳ الڳ لفظ آهن ۽ ٻنهي جي معني مختلف آهي ۔۔۔

مثال؛
ماني کائو ۔۔۔ سوچيو ته ڇا معني آهي؟
۽ وري
ماني کائون ۔۔۔ سوچيو ته ڇا معني آهي؟
فرق صرف هڪ اکر ” ن “ جو آهي پر معني بدلجي وئي يا نه ۔۔۔

اوهان صرف شعر جي هيٺ مٿي نگاهه ڦيرائي اهڙين ڳالهين جو خيال ڪندا ته اوهانجي محنت رائيگان نه ويندي ۔۔۔ اميد ته ڳالهه سمجهي ويا هوندا ۔۔۔

دعائن ۾ گڏ
 
سائين اوهانجي وڏي مهرباني۔۔۔جو اوهان سولن لفظ ۾ مونکي سمجهاڻي ڏئي۔۔۔مون تصوير ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي۔۔انشاالله اڳتي خيال ڪبو۔۔مهرباني سائين
 
جواب: اچو گڏجي دوستو۔۔!! ڦيرو ڪو آڻيو، (راشد مورائي)

ادا راشد مورائي جا خوبصورت لفظ ۽ ادا عاشق جي ڪيل ڊزائين تمام بهتر پر مونکي ادا نثار جي ڳالهه تمام گهڻي وڻي اڄ ادي نثار جون ننڊڻيون وصيتون سڀاڻي ڪنهن وڏي غلطي کان بچائيديون ادااوهانجي وڏي مهرباني
 
Back
Top