سنڌ جو لٽل ماسڪو۔۔۔۔۔۔ ٻلهڙيجي ڳوٺ علي اڪبر مشوري انگريزن جي دور ۾ ڪجهه شهر اهڙا هئا، جن جي اهميت انهن جي نظر ۾ سنڌ جي ٻين شهرن کان وڌيڪ هئي. ڪجهه ته شهر اهڙا هئا جيڪي هميشه انگريزن جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀندا هئا. جيئن سانگهڙ هو. اهڙن مان ٻلهڙيجي ڳوٺ به هڪ هو. جنهن کي انگريزن لِٽل ماسڪو ڪري سڏيندا هئا. اهو انهي ڳوٺ کي شرف حاصل آهي. بلهڙيجي ڳوٺ 1700-1800ع جي وچ واري ڏهاڪي ۾ ٺهيو. انگريزن جي دور ۾ هن ڳوٺ اندر ٻلهڙا ۽ هندو رهندا هئا. ان دور ۾ ٻلهڙن جي ٻڪرين جي واڙي هوندي هئي. جڏهن آبادي جي شرح وڌڻ ته هن ڳوٺ جو نالو ٻلهڙيجي رکيو ويو. اوڻهين صدي کان پوءِ هن شهر جي آبادي ۾ واڌ آئي. دريا جي اڳئين ڪناري تي پيرزاده رهندا هئا. تنهن دور ۾ سنڌو درياءَ پنهنجي موجن ۾ مست هوندو هو. ۽ جڏهن سنڌو درياءَ پيرزادن جي اجهن کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي ورتو ته ڪجهه پيرزاده خيرپور طرف لڏي ويا ۽ باقي سمورا لاڙڪاڻي کان 30 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف واقع ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ آباد ٿيا. پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ هندو پنهنجا گھر ڇڏي هندستان هليا ويا ۽ اتي ٻين ذاتين کي آباد ڪري ويا. هن ڳوٺ ۾ مختلف ٻارنهن ذاتيون آباد آهن جن ۾ اڪثريت پيرزادن جي آهي. هن ڳوٺ کي ٽن نالن سان سڏيو ويندو آهي. ٻلهڙيجي، حاجي لال بخش شيخ ۽ لٽل ماسڪو. هتي هڪ هندن جو وڏو پاڙو هو جنهن کي ڀليڏنو پاڙو سڏيندا هئا. جيڪو هن ڳوٺ جي وچ ۾ آهي. 1980ع ۾ هي ڳوٺ بجلي جي سهولت کان آرسته ٿي. جنهن بعد 1990ع ۾ گورنمينٽ طرفان موهن جي دڙي کان بلهڙيجي ڳوٺ تائين لنڪ روڊ ٺاهيو ويو. سن 2000ع ۾ گورنمينٽ طرفان هڪ ميٽرنٽي هوم ٺهرائي ڏنو ويو. جنهن ۾ اڃا تائين ڪو به ڊاڪٽر مقرر نه ٿي سگھيو. جنهن بعد 2000ع ۾ ئي پي ٽي سي ايل فون سروس جي سهولت مهيا ڪئي وئي. جيڪي موبائيل فون جي ڪري گھڻو عرصو هلي نه سگهي. 2007ع ۾ هن ڳوٺ ۾ گئس جي سهولت فراهم ڪئي وئي. جنهن ۾ ٻلهڙيجي ڳوٺ جي سماجي ڪارڪنن محب حسين پيرزادو ۽ گلاب حسين پيرزادو جي ڪوششن جو نتيجو آهي. هي ڳوٺ ادب جي حوالي سان گھڻي اهميت رکي ٿو. جنهن جو مثال ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان“ جو ناميارو ليکڪ، اديب، دانشور ۽ صحافي انور پيرزادو هڪ آهي. هن ڳوٺ ۾ جيڪي به سماجي مسئلا ٿيندا آهن انهن کي حل ڪرڻ ۾ پيرزادن جو تمام گھڻو ڪردار رهيو آهي. هن ڳوٺ جا ماڻهو اڄ به پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪري 5000 هزار سال پراڻي تهذيب موهن جو دڙو واري سنڌي ثقافت جو ڏيک ڏين ٿا. هن ڳوٺ جا ماڻهو سنڌي لباس اجرڪ ۽ ٽوپي کي گھڻو ترجيح ڏين ٿا. هن ڳوٺ جا رهواسي چون ٿا ته قومون ثقافت جي بقا سان ئي زندهه رهنديون آهن، ڇو ته ثقافت قومن ۽ ٻولين جي سڃاڻپ هوندي آهي هن ڳوٺ کي 1973ع ۾ هڪ وڏو خطرو لاحق هو. اهو ته هتي جي درويشن جي ڪري خطرو ٽريو. نه ته اڄ هن ڳوٺ بجاءِ هڪ خنڊرات نما شهر جو نظارو ڏئي ها. ڇو ته 1973ع ۾ سنڌو جي چاڙهه سبب هن شهر کي وڏو خطرو هو. هتي سخي شاهه جمال ۽ سيد سخي ملوڪ شاهه به الله جا بندا ۽ ڪامل بزرگن جون مزارون آهن. هتي هر روز ماڻهو پڻ اچي پنهنجي دل جون مرادون ماڻين ٿا. هن شهر ۾ هڪ پلي گرائونڊ به ٺهي رهيوآهي. جيڪو اٺ ايڪڙن تي مشتمل آهي. ڇو ته هن ڳوٺ جا ماڻهو ساده ۽ سٻاجهڙا هجڻ سان ڳڏ ادب سان به تمام گهڻو چاهه رکندڙ آهن. هتي انور پيرزادو نالي هڪ تمام بهترين ليکڪ، شاعر، اديب، دانشور ۽ سياستدان پڻ هو. جيڪو هن شهر ۾ ادبي سرگرميون ڪرائيندي نظر ۾ اچي ٿو. هتي ڪابه اهڙي سرگرمي ٿيندي آهي ته هتي جا اديب توڙي مقامي ماڻهو وڏي چاهه سان اهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺندا آهن. ٻلهڙيجي ڳوٺ جا ماڻهو صحافت جي حوالي سان تمام گھڻو اڳتي آهن جن ۾ انور پيرزادو ۽ ٻيا به آهن. انور پيرزادو ڊان اخبار ۾ ڪم ڪري چڪو هو. ۽ ان جا عزيز اڄ به مختلف ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن ۾ ڪم ڪري صحافت کي کي اجاگر ڪندا پيا اچن. ۽ اڄ به ڪافي سارا هن ڳوٺ جا ماڻهو سچي صحافت کي پنهنجي زندگي جو حصو سمجهن ٿا. جن ۾ الفت پيرزادو، محمد عيسٰي انصاري، اقرار پيرزادو ۽ ٻيا صحافت ۾ پنهنجو سٺو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مون جڏهن هن شهر بابت محمد قاسم پيرزادي ۽ گلاب پيرزادي کان پڇيو ته هن مونکي ٻڌايو ته اسان پنهنجي وڏڙن کان ٻڌندا هئاسين ته جڏهن انگرين جو زمانو هوندو هو ته هي علائقو تمام گهڻو سرسبز ۽ شادب هوندو هو. ۽ هتي هر وقت ميلي جو ماحول هوندو هو. هتي جي ماڻهن انگريزن جي خلاف اهڙي ته تحريڪ هلائي جو انگريز هن شهر کان ايئن لهرائيندا هئا جيئن گنجو پاڪي کان...... جنهن جي ڪري انگريز هن شهر کي ماسڪو ڪري سڏيندا هئا. جيئن ته اسد علي پيرزادو ٻڌائي ٿو ته هن شهر ۾ ذات پات نالي جهڙي ڪابه شئيءَ نه هوندي هئي سڀ ماڻهو گڏجي رهندا، کائيندا ۽ پيئندا هئا. شادي خوشي ۽ غم جي رسمن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا هئا. نه ڄاڻ هن شهر کي الائي ڪنهنجي نظر لڳي وئي جو هتي جا اصل رهاڪو لڏي هندستان هليا ويا. جنهن سبب هن شهر کي واپاري توڙي سماجي لحاظ کان تمام گهڻو نقصان پهتو. هينئر جڏهن اسين ٻلهيڙجي ڳوٺ کي ڏسون ٿا ته اسان کي هن جي خراب حالت ته تا ڪا حيرت ٿئي ٿي ۽ نه وري ڪاوڙ.... ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ جا باقي شهر به پنهنجي حالت تي روئندا آهن ڇو جو اڳوڻي ۽ موجوده دور ۾ انهن شهر جي حالت کي ڏٺو وڃي ته اسان کي سوءِ ڏک، غم ۽ پريشان ٿيڻ سان ڪجهه به نه ملندو. ڇو جو ڪنهن دور ۾ اهي شهر حسن جا شاهڪار مثال هوندا هئا. پر هيئنر هر طرف کنڊر ئي کنڊر نظر اچي رهيا آهن. هر طرف تباهي جو عالم آهي. انگريزن جا ڇاڙتا اڄ به موجود آهن جيڪي هر روز ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان اسان جا شهر ويران ڪري رهيا آهن. افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته جڏهن اسان هن ڳوٺ جي آبادي کي ڏسون ٿا ته اسان جي اندر ۾ ڏک محسوس ٿئي ٿو ته گورنمينٽ اڄ تائين هن وڏي آبادي واري ڳوٺ کي يوسي جو درجو به نه ڏئي سگهي آهي بشڪريه روشني ڊاٽ ڪام.*