ڪهاڻي لوئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ليکڪ تنويرعباسي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪهاڻي لوئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ليکڪ تنويرعباسي​

    مون هن کي سڃاتو ئي ڪين، ان ۾ منهنجو ڏوھ نه هو. واقئي هو ڪافي بدلجي ويو هو. مليو به سال کان پوءِ هو. هن جي مٽن ۾ کڏون پئجي ويون هيون. وار ڦٽل هئس. جن ۾ شايد ڪن ڏينهن کان تيل نه وڌو هئائين. سندس رنگ ڪنهن اُس ۾ پيل پن جيان لهسجي ويو هو. ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئس ۽ قميص جا بٽڻ کليل هئس، اندران سندس پگھر ۾ ميري ٿيل گنجي ظاهر ٿي رهي هئي.
    مون کي اعتبار ئي نه آيو ته هي ڪو ساڳيو رفيق آهي، جو مون سان پورو سال گڏ پڙهيو هو. جنهن جو منهن ڀريل ۽ رنگ نکريل هوندو هو. جنهن جا وار سدائين سليقي سان سنواريل هوندا هئا ۽ جنهن جي نراڙ تي هڪڙي چڳ سدائين لهرائيندي نظر ايندي هئي ۽ سدائين صاف پئنٽ ۽ رنگين شرٽ ۾ ملبوس نظر ايندو هئو.
    مان ۽ رفيق جنهن درجي ۾ گڏ پڙهيا هئا سين. ان زماني ۾ جڏهن ماستر اسان کي پڙهائيندو هو. ته هي نوٽ بڪ تي ماستر جا ڪارٽون ۽ چوڪرين جا اسڪيچن ٺاهڻ ۾ مشغول نظر ايندو هو جڏهن ڪلاس پوري ٿيڻ بعد هو مون کي اهي ڪارٽون ڏيکاريندو هو ته اسين ٻئي گڏجي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندا هئاسين ۽ ٿوريءَ دير بعد هن جي چپن تي هڪ مرڪ کيڏندي نظر ايندي هئي ڄڻ ته انهن ٽهڪن ڏيڻ سان هن کي سندس محنت جي قيمت ملي وئي هجي. سٺو سال هن ماسترن جي ڪارٽونن ۽ ڇوڪرين جي اسڪيچن ڪڍڻ ۾ گذاري ڇڏيو ۽ جڏهن نتيجو نڪتو، ظاهر هو ته هو ناپاس ئي ٿيو.
    ان کان پوءِ هن سان گڏجڻ جو گھٽ موقعو ملندو هو. ڇو ته مان پاس ٿي ويو هئس ۽ هي ساڳي ئي درجي ۾ ماسترن جا ڪارٽون ۽ ڇوڪرين جا اسڪيچ پيو ڪڍندو هو.
    ڪجھ ڏينهن کان پوءِ مون کي خبر پئي ته هن کي اسڪول مان ڪڍيو ويو آهي. هن بورڊ تي هيڊ ماستر جو ڪارٽون ٺاهيو هو. ان ڏوھ ۾، اسڪول کان نڪرڻ بعد، وري هو مونکي نظر نه آيو ۽ مون به ڪراچي ڇڏي حيدرآباد ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي.
    اڄ ٽن سالن بعد جيئن ئي مان چانھ پيئڻ جي خيال کان هوٽل ۾ گھڙي رهيو هئس، ته هن مون کي ٻانهن کان جھلي پاڻ ڏي ڇڪيو. واقعي پهرين مون هن کي سڃاتو ئي ڪونه، پر پوءِ غور سان ڏسڻ بعد، معلوم ٿيم ته هو ساڳيو رفيق آهي. اسڪيچن ۽ ڪارٽونن وارو رفيق، جنهن جو منهن ڀريل هوندو هو ۽ مون سان گڏجي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. مان هن کي پنهنجي گھر وٺي آيس، هن مون کي ٻڌايو ته هن کي گھر مان ڪڍيو ويو آهي. انهيءَ ئي فن جي شوق سببان. سندس والد جو چوڻ هو ته هو رنگن ۽ برشن تي اجايو خرچ ٿو ڪري ۽ سدائين سندس ڪپڙن تي رنگن جا داغ نظر اچن ٿا. بيڪار ٿو پيو وقت وڃائي ان ڪري اهو شوق ڇڏي ڏي پر هو بدستور تصويرون چٽيندو رهيو. ڪڏهن درياھ جي مست لهرن جون، ته ڪڏهن اوڀر تي اڻندڙ شفق جي وڻندڙ لالائيءَ جون. انهيءَ کان پوءِ گفتگو جو موضوع ڦري، ان وقت جي حالتن تي آيو. هي اهو وقت هو، جو ماڻهن ۾ پنهنجي قوميت جو احساس اچي چڪو هو ۽ هر طرف کان پنهنجي تهذيب کي بچائڻ جا آواز اٿي رهيا هئا. نوجوان طبقو ڪافي سجاڳ ٿي چڪو هو، پر رفيق نهايت جذباتي ٿي ويو هو. هن چيو، ” هاڻي ٻيو سڀ ڪجھ ڇڏي، مون پنهنجي وطن کي تصويرن ۾ چٽڻ شروع ڪيو آهي.“ هن مون کي ڪجھ تصويرون به ڏيکاريون. سکر بئراج، لئنسڊائون پل. سنڌي نينگرين جو کوھ تي جھومٽ، سنڌي ٻڪرار پنهنجي ٻڪرين سان، ڪوٽري بئراج جي ڪنڌيءَ سان خانه بدوشن جا لڏا، انهن سڀني نظارن کي هن رنگن جي قيد ۾ آڻي ڇڏيو هو. هن شاھ جي بيتن کي تصويرن ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو هو، نوري، سسئي، ءَ ميرئي اهي سڀ هن چٽيون، انهن ۾ مون کي مارئي جي تصوير ڏاڍي وڻي. جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته هڪ عاليشان محل ۾ مارئي پٽ تي ليٽيل آهي، هن جا وار پريشان آهن ۽ سندس سادا ميرا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا آهن ۽ هوءَ انهن ڦاٽل ڪپڙن مان ظاهر ٿيندڙ اوگھڙ کي لوئيءَ سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ”هن تصوير جي قيمت گھڻي ٿيندي؟“ مون هروڀرو کائنس پڇيو. ”هن تصوير جي قيمت؟“ هن جي چپن تي طنزيه مرڪ ڊوڙي وئي. ”ماڻهن وٽ پئسو ڪٿي آهي اهڙين تصويرن تي خرچ ڪرڻ لاءِ؟ هنن کي فلم ائڪٽريسن جون اڌ اگھاڙيون تصويرون کپن.“ ائين چوڻ سان هن جي دل ڀرجي آئي ۽ چيائين، ”ڀاءُ اسان جو عوام بکيو آهي، هن کي جنس جي بک، روح جي بک آهي. هن جو به ته ڏوھ نه آهي، هن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پنهنجي بک مارڻي آهي ۽ آرٽسٽ؟ اهي به بکيا آهن. پيٽ جا بکيا، گويا هي به هڪڙو بک جو سودو آهي، آرٽسٽ عوام جي بک مٽائن ٿا ۽ عوام آرٽستن جي.“ ٻه ٽي ڏينهن مون وٽ رهڻ بعد هو روزگار جي تلاش ۾ نڪري ويو ۽ سندس خط مون ڏانهن ايندا رهيا. ڪڏهن لاڙڪاڻي مان ته ڪڏهن سکر مان، ڪڏهن ڪٿان ته ڪڏهن ڪٿان، پهريائين تڪڙا تڪڙا خط لکندو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري خط لکڻ به بند ڪري ڇڏيائين. سندس خطن ۾ سدائين سندس فن جي قدر نه ٿيڻ جو ذڪر هوندو هو. هڪ سال بعد اوچتو هن جو خط آيو، جنهن ۾ هن پنهنجي اچڻ متعلق لکيو هو. جنهن ڏينهن هو اچڻ وارو هو. تنهن ڏينهن مان اسٽيشن تي ويس، گاڏي اچڻ تي مون ٿرڊ ۽ انٽر گاڏا ڳولڻ شروع ڪيا. خلاف توقع هو هڪ سيڪنڊ ڪلاس گاڏي مان سوٽ ڪيس کڻي هيٺ لٿو. مون ڏٺو ته هو ساڳيو رفيق هو. اسڪول وارو رفيق، جنهن جا ڳل ڀريل هئا ۽ وار سليقي سان سنواريل هئا ۽ هڪڙي چڳ سندس پيشانيءَ تي لڙڪي رهي هئي ۽ هو هڪ اڇي سوٽ ۾ ملبوس هو. هن گاڏيءَ مان لهڻ شرط سوٽ ڪيس قليءَ جي حوالي ڪيو ۽ مون سان چنبڙي ويو. گھر وٺي اچڻ بعد، مون هن کي چيو، ” تنهنجي حالت هاڻي سڌري وئي آهي، شايد هاڻي دنيا تنهنجي فن جو قدر ڪرڻ لڳي آهي.“ ”ها....!“ هن ڦڪيءَ مرڪ سان چيو. ”ڇو ته مون پاڻ دنيا جي جذبات جو قدر ڪرڻ شروع ڪيو آهي.“ ائين چئي، هن سوٽ ڪيس کوليو ۽ هڪ تصوير ڪڍي ٿڌو ساھ ڀري، ان تي حسرت واري نظر وجھي مون کي ڏسڻ لاءِ ڏنائين. هي اهائي مارئي جي تصوير هئي، اها ساڳي، جيڪا هن اڳئين سال مون کي ڏيکاري هئي، فرق فقط اهو هو ته هن جي ليڙون ليڙون ٿيل ڪپڙن مان بدن جي اوگھڙ ظاهر ٿي رهي هئي ۽ هن جي لوئي لهي وئي هئي.


     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪهاڻي لوئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ليکڪ تنويرعباسي

    تنوير عباسي جي لکيل هيء ڪهاڻي مون به اڳ ۾ به فورم تي شيئر ڪئي هئي۔ جنهن جي لنڪ هيء آهي۔

    تنوير صاحب جي بهترين ڪهاڻي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو