سلام بلوچ ڀيڻ کي ...

'سنڌياڻي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سلام بلوچ ڀيڻ کي ...

    سنڌ سلامت جا ساٿيو؛

    ڪالهه دنيا نيوز چينل تي، نسيم زهره جي ميزباني ۾ هڪ پروگرام پئي ٿيو ... بلوچستان جي ڪوئٽه شهر ۾ رڪارڊنگ ٿي رهي هئي ... موضوع هيو بلوچستان ۽ پاڪستان جا مسئلا ...

    بحث ۾ بلوچستان جا نوجوان نينگر ۽ نينگريون شامل هيون، دوستو! هڪ نوجوان بلوچ ڀيڻ جي دليري ۽ بهادري ڏسي مونکي سنڌ جي مارئي ياد اچي وئي جنهن پنهجي وطن لاءِ هر ڏاڍ ۽ لالچ کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو هو ...

    ان نياڻيءَ پروگرام شروع ٿيندي ئي نسيم زهره کي چيو ته؛ پاڪستان جي مسئلن تي ڳالهائيندينءَ ته معاف ڪجانءِ منهنجو تعلق بلوچستان سان آهي نه ڪي پاڪستان سان ... منهنجي قوميت بلوچ آهي نه ڪي پاڪستاني ... ها جيڪڏهن بلوچستان جي باري ۾ مونکان پڇندينءَ ته منهنجو ملڪ غلام آهي ... اسانکي آزادي گهرجي ۽ خون جي آخري قطري تائين اسانجي اها جدوجهد جاري ۽ ساري رهندي ...

    نسيم زهره جو چهرو ڳاڙهو پيلو ٿي ويو ۽ اسانجي بلوچ ڀيڻ فخر سان منهن مٿي ڪري ڪنهن شيهنڻ جيئان ويٺي هئي ....

    دوستو! اها ڪا معمولي ڳالهه نه هئي ... ٽي وي چينل تي کلي عام بغاوت جي ڳالهه ڪرڻ ... سر تريءَ تي رکڻ جي برابر آهي

    سلام آهي قومن جي اهڙين ڀينرن کي جي پنهنجي قوم جي خاطر کلي عام بغاوت جو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ کڻي، دشمن کي للڪارين ٿيون ...

    منهنجو سر ان قوم جي نياڻيءَ آڏو جهڪندي محسوس ٿيو ...

    الله بينياز سندس زندگي سلامت رکي ۽ هوءَ پنهنجي قوم لاءِ ايئن آواز بلند ڪندي رهي .... آمين ...
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جي ادا ابڙا ان مان لڳي پيو ته مُنهن زور هوائون لڳن پيون، دوکي جي ديوار پٽ پوڻ واري آهي۔ مطلب ته
    سو وقت نيٺ ايندو
    مهڪي چمن به ويندو
    آزاد هن فضا ۾
    ڪو هوجمالو ٿيندو
    رهندي نه رات هاڻي
    ڪا رات هِتُ اُماسي
    سنڌ ديس جا او واسي
    ڇا لئه رهو اُداسي
    مولا ڪندو سڻائي
    هر ڳالهه هُوندي خاصي​
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين نثار ابڙا صاحب

    جس هجي انهي نياڻي کي جنهن پنهنجي بغاوت جو اعلان ڪيو۔۔۔۔ پر شايد اسان جي ايسٽبلشمنٽ انهي کي ڪٿي ڪا سزا نه ٻڌائي هجي اهو هڪ فطري عمل آهي اسان جي هن ملڪ ۾۔۔۔۔ بحرال ادڙي جي اهڙي ڪاوش تي ڪروڙين سلام ۔۔۔۔۔ همٿ وارا هميشه ائين اجاگر رهندا۔۔۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا زاهد جي ايسٽبلشمنٽ کيس سزا ٻڌائي به هجي ... پر ادي جي دل ۾ وطن جي حب ايتري ته ڀريل هئي جو هوءَ شايد اهڙا سئو سر نثار ڪرڻ لاءِ به تيار هجي ...

    پتنگ چوائين پاڻ ته پسي مچ م موٽ،

    اسانجون دعائون ساڻس گڏ آهن ...
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا نثار ناز سهڻا!
    اوهانجي وات ۾ کير ۽ کنڊ
     
  6. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    پنهنجي ئي ملڪ سان بغاوت ۽ وري انهيءَ تي هٺ ۽ هوڏ....!!!
    ”چه معني دارد“
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀاءُ زين
    سمجه ۾ نه آيو ته ڪهڙي ملڪ جي ڳالهه پيا ڪريو؟
     
  8. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    سائين وڏا، پاڪستان اسان جو ملڪ آهي، اسان جي سڃاڻپ آهي. پنهنجي ئي ملڪ جي خلافت بغاوت ڪرڻ ڪنهن محب وطن جو شيوو نه آهي. وڌيڪ پاڻ سمجهه وارا آهيو.
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا ابو زين؛
    جڙيل هجين شال؛

    دوست؛ خبر ناهي ته اوهان ڪهڙي نظريي سان تعلق رکوٿا ... ۽ خبر ناهي ته اوهان پاڪستان جي تاريخ کان ڪيترو واقف آهيو؟

    مٺا دوست؛ جي پاڪستان جي ڳالهه ڪبي ته هيٺيون ڳالهيون ضرور بحث هيٺ اينديون ... هي ڳالهيون آءُ اوهان سان ڪنهن بحث جي خيال کان ڪونه ٿو ڪريان .... بس پنهنجي اندر جي باهه آهي سا ٻاهر ٿو ڪڍان، ممڪن آهي ته آءُ غلط به هجان ۽ اوهان دوست منهنجي رهنمائي ڪري سگهو ته ... لک ٿورا،

    پاڪستان جي حقيقت؛
    1. پاڪستان فطري ملڪ نه پر انگريز سرڪار جي سازش جي پيداوار آهي ...

    2. پاڪستان ملڪ جن بنيادن تي ٺهيو، تنهن نظريي (اسلام) کان هن وقت لکين ڪوه پري آهي ...

    3. پاڪستان جي آرمي دنيا جي ظالم ترين آرمي آهي جنهن ايترا ته مسلمان ماريا آهن جيترا اڄ تائين نه يهودين ۽ نه عيسائين ماريا آهن ... پاڪستان جي آرميءَ جون سٽيل مسلمان قومون آهن ...( بنگالي، بلوچ، سنڌي، پٺاڻ، آزاد قبائل وغيره وغيره) ٽيهه لک مسلمان ته صرف بنگال ۾ ماريا ويا ۽ ٽن لکن کان به وڌ مسلمان عورتن تي جسماني ۽ جنسي تشدد ڪيو ويو ...

    4. پاڪستان هن وقت اهو ملڪ آهي جنهن ۾ اسلام خلاف اهڙيون سازشون پيون ٿين جي اڳي ڪڏهن نه ٿيون آهن ... (ماڊريٽ۔۔۔اسلام)

    5. پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن ۾ مذهبي عبادتگاهن تي فوجي چڙهايون، شان ۽ شوڪت سان ڪري جهاد جو نالو ڏنو وڃي ٿو ...

    6. پاڪستان ۾ ننڍين قومن جو جيڪو استحصال ٿئي پيو سو تاريخ ۾ ڪڏهن نه ٿيو آهي ...

    7. هن ملڪ جا حڪمران، بيوروڪريسي ۽ فوج آمريڪا جا زرخريد غلام آهن ... پنهنجي آقائن جي چوڻ تي ڪجهه به ڪري سگهنٿا ...

    8. هن ملڪ ۾ انصاف نالي ڪا شئي آهي ئي نه، هتان جا تعليمي ادارا، ناڪاره قسم جا انسان پئدا ڪرڻ جون صنعتون آهن ...

    9. پاڪستان جون اسپتالون مرض پئدا ڪن ٿيون نه ته صحت ...

    10. پاڪستان جو قانون ”جو ڏاڍو سو گابو“ جي بنياد تي عمل ڪري رهيو آهي ... الامان! ڪو بي ڏوهي شل نه ڪنهن قانون جي وڪڙ ۾ اچي ...

    11. بي روزگاري، چور بازاري، رشوت، قتل عام، ڌاڙا ۽ ڦريون ... اهي عمل پاڪستاني حڪمرانن جا پسنديده عمل آهن ... باقي ايمانداري ۽ اسلامي ڳالهيون ڪرڻ دهشتگرد قرار ٿيڻ جي برابر آهي ...

    مٺا ڀاءُ ابو زين؛ اندر ۾ باهه آهي ... الله خئير ڪري، هزارون هي شڪوي هين ڪيا ڪيا بتائون ...

    ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو.

    ٻاهر ٻولي هنج جي، اندر ڪارو ڪانءُ،
    اهڙو ٺلهو ٿانءُ، ڀنڃي ڇونه ڀورا ڪجي.

    الله تعالا، سنڌ ملڪ تي رحم ڪري ... اسين سلامتيءَ واري مذهب جا پيروڪار آهيون ... تاريخ جي ڪنهن به پني ته سنڌين ڪنهنجي برائي نه ڪئي آهي ۽ نه ڪندا ... بس دعا آهي ته اسانجي جان انهن ڪمينن، بي ايمان ماڻهن مان آجي ٿئي ته ... سنگهارن سک ٿئي ...

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

    ڀاءُ ابو زين، جي ڪٿي مان غلط هجان ته صحيح ڪجو ... ۽ خدارا جي اوهان ڪٿي غلط آهيو ته مهرباني ڪري پاڻکي صحيح ڪجو ...

    الله اوهانکي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ...آمين
     
  10. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    بيشڪ ادا، توهان جون بيان ڪيل ڳالهيون ٻڌي ڪري ڪنهن به دردمند دل رکندڙ شخص جو دل ضرور ڏکندو. پر ادا ڇا انهيءَ جو بس صرف ۽ صرف واحد حل پاڪستان جو وجود ختم ڪرڻ سان ئي آهي؟ ڇا اهو ممڪن نه آهي ته بغاوت جا جهنڊا هٿ ۾ کڻڻ بجاءِ انهن غلطين جي ازالو ڪيو وڃي...؟ ڇا اهو ممڪن نه آهي ته هن نازڪ حالت ۾ ملڪ کي ٽوڙڻ بجاءِ انهيءَ کي مضبوط ڪرڻ جي فڪر ڪجي. ياد رکو اسان جو وجود پاڪستان جي بقا ۽ سالميت سان آهي. ورنه ڪشميري، فلسطيني ۽ عراقي مسلمانن جي حالت زار توهان ڏسي رهيا آهيو.

    لکڻ لاءِ ته گهڻو ئي ڪجهه آهي، پر منهنجي خيال ۾ هن فورم تي اهو سڀ ڪجهه لکڻ مناسب نه آهي. عين ممڪن آهي ته هي بحث طول پڪڙي وڃي ۽ امڪان آهي ته سنڌ سلامت جو محبتي ماحول آلوده ٿي وڃي. بس صرف آخر ۾ هڪڙي حديث سڳوري پيش ڪندس، جنهن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جو واضح ارشاد مبارڪ آهي ته: ”جهڙا توهان جا عمل هوندا، توهان تي اهڙا ئي حڪمران مسلط ڪيا ويندا.“ ضرورت صرف انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي اصلاح ڪريون بقول ادي رشيد جي ته ”هيءَ دنيا سٺن ماڻهن جي خاموشيءَ جي ڪري ڏکن ۽ تڪليفن ۾ آهي.“

    رب پاڪ کان دعا آهي ته شال اسان کي نيڪ ۽ صالح حڪمران عطا فرمائي. (آمين)
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    آمين ... ثم آمين

    مهرباني ... ادا ابو زين
    معاف ڪجو جي منهنجي ڪنهن سچ چوڻ ڪري، اوهانکي ڪا تڪليف پهتي هجي ... ، واڪا ڪم منهنجو ... ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو ...

    دل ۾ نه ڪجو ...مون پنهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيو آهي

    الله اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ...
     
  12. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    الله اسان سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي. (آمين)
     
  13. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    ادا صحيح ٿا چئو

    [​IMG]
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين سلام انهي ڀيڻ کي هن ڀاءُ جي طرفان، ادا سائين واقعي بلوچستان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي، پر آخر ڇو انهي سان ۽ سنڌ سان ايئن ٿو ڪيو وڃي۔ انهي ڪري جو سنڌي ۽ بلوچ قومون ڪنهن جي اڳيان جهڪنديون ناهن؟ يا وري انهن هميشه عامر جي خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو آهي ۽ انهن جا ڪنڌ پاڙون وڍيا آهن۔

    مان پنهنجي مارُئي وانگر پنهنجي ماروئڻ جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ ڀيڻ کي هڪ دفعو ٻيهر سلام پيش ٿو ڪريان۔
     
  15. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ڪارائتي گفتگو پڙهي سين معلومات ۾ اضافو ٿيو چپ رهڻ ئي بهتر سمجهيو سين جو اسان کان وڌيڪ معلومات وارن جي گفتگو جي وچ ۾ پنهنجي راء کي بيجا سمجهيو سين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو