مُهان محقق، تاريخدان ۽ عالم مولانا ابوالڪلام آزاد جي لکڻين مان ڪجھه کنيل ٽڪڙا

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مُهان محقق، تاريخدان ۽ عالم مولانا ابوالڪلام آزاد جي لکڻين مان ڪجھه
    کنيل ٽڪڙا ​


    اڄ هتي مان برصغير جي هڪ مُهان محقق، تاريخدان ۽ عالم مولانا ابوالڪلام آزاد جي لکڻين مان ڪجھه کنيل ٽڪڙا پيش ڪندس. اميد ته توهان کي به پسند ايندا. مهرباني ڪري پنهنجن ڪمينٽس سان ضرور نوازيندا ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان مون کي به حوصلا افزائي ملي ٿي ۽ پوءِ آءُ به روزانو پوسٽنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
    * ”عورت طرفان پنهنجي حُسن تي غرور، سندس طرفان ان ڳالهه جو اقرار هوندو آهي ته وٽس حُسن کان سواءِ ڪا به اهڙي شيءِ نه آهي، جنهن تي هوءَ فخر ڪري سگھي. سهڻي عورت اک لاءِ جنت، دل لاءِ دوزخ ۽ کيسي لاءِ بربادي هوندي آهي. جنهن عورت ۾ حُسن کان سواءِ ٻي ڪا به خوبي نه آهي، سا مکيل مانيءَ وانگر هوندي آهي، جيڪا تازي تازي ۽ گرم ته ڏاڍي مزيدار هوندي آهي، پرٺرڻ شرط پنهنجي سموري لذت وڃائي ڇڏيندي آهي. مرد کي شاديءَ جي معاملي ۾ اعلى حُسن کان پاسو ڪرڻ گھرجي، ڇو ته حُسن قبضي ۾ اچڻ شرط گھٽجي ويندو آهي، پر ان جون مصيبتون سڄي عمر باقي رهنديون آهن.“ * ”جنگ کان پوءِ دنيا ۾ ڪا به جيڪي حيرت انگيز تبديليون آيون آهن، انهن مان ڪابه تبديلي ايتري مؤثر ۽ ڌيان لائق نه آحي، جيترو مشرقي عورت جو پوريءَ ريت مغربي عورت جي روپ ۾ بدلجڻ آهي. هاڻي اسان کي اُهي تمام پراسرا قصا وساري ڇڏڻ گھرجن، جيڪي ڪنهن زماني ۾ مشرقي عورتن ۽ مشرقي حويلين جي داستانن ۾ اسان جي حيرت انگيز دلچسپيءَ جو ذريعو هوندا هئا. هر مغربي سيلاني، جيڪو مشرق گھمڻ ايندو هو، سو پاڻ کي الف ليلى جي شاهراهن ۾ سرگردان محسوس ڪندو هو. هاڻي مشرق جي سڀني شين وانگر مشرق جي عورت به ختم ٿي وئي آهي. اهو وقت پري نه آهي، جڏهن انهيءَ مشرقي عورت کي ڳولڻ لاءِ تاريخدانن کي ڪتابن جا سوين پنا اٿلائڻا پوندا.“ * ” قومن جي خودمختياري ۽ آزادي، انهن جي جدوجھد سان ڳنڍيل آهي ۽ جدوجھد جي طاقت جو دارومدار تحريڪ جي مختلف هٿيارن تي هوندو آهي. ڪنهن قوم کان سندس جدوجھد جا هٿيار ڦُري وٺڻ جي معنى هيءَ آهي ته ان کان آزادي ۽ خودمختياري ڦُري وڃي. ان کان پوءِ ان قوم وٽ صرف غلاميءَ واري زندگي وڃي رهندي آهي، جنهن کي زندگي چوڻ، زندگيءَ جي لفظ جي سڀ کان وڏي توهين آهي. ( مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ”نيرنگِ خيال“ مان کنيل ڪجھه ٽڪڙا) بشڪريه آفتاب احمد جو ذاتي بلاڪ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو