ماٿيلي اٻاوڙي جا چوڻيون ۽ پھاڪا “ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي”، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ طرفان سال ۱۹۹۲ع ڌاري ڇپيل ڪتاب، سائين محمد فاضل شيخ جو تصنيف ٿيل آهي. منجهس انهيءَ علائقي سان لاڳاپيل ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنل آهن. گهڻي وقت کان ارادو هو ته انهن پهاڪن /چوڻين کي ترتيب ڏئي، وضاحتن سان مضمون طور لکجي، پر ڪن پهاڪن / چوڻين جي وضاحت جي ضرورت هئي. جنهن ڪري مصنف سان روبرو ملڻ ضروري پئي سمجهيم. ساڻس ڏيٺ ويٺ نه هئڻ ڪري تاخير ٿيندي رهي. هڪ ڏينهن منهنجو اسسٽنٽ انجنيئر محمد عثمان کوسو، ڪنهن دوست سان موبائل فون تي ڳالهائي رهيو هو ۽ کيس چئي رهيو هو؛ “مان سکر ٿو وڃان! اتي سائين محمد فاصل شيخ صاحب جي پٽ جي شادي آهي! اها اٽيند ڪرڻي آهي.” سائينءَ جو نالو ڪَنَ تي پوندي ئي ڏانهنس توجه ڇڪجي ويو. يڪدم سائينءَ بابت کانئس پڇيم. سندس جواب مان معلوم ٿيو ته سائين بلڪل اهو ئي فاضل شيخ آهي، جنهن سان ماٿيلي / اوٻاوڙي جي پهاڪن / چوڻين بابت ملڻ جي ضرورت هئم. سائينءَ سان پهرين فون تي رابطو ٿيو. ڏاڍيءَ سڪ سان سکر اچڻ جي دعوت ڏنائين. سکر هاءِ ڪورٽ ۾ سڏ هو. جنهن ڪري ڏهين آگسٽ ۲۰۰۴ع تي پنهنجي ڪلارڪ عبدالرشيد شيخ جي معرفت، سائينءَ جي بنگلي تي وڃي پهتس. شام جو ساڍي ستين کان رات جو ٻارهين بجي تائين، بجليءَ جي اکٻوٽ ۾، ڪچهري هلي. سيد احمد شاهه عرف استاد بخاريءَ وانگر، سائينءَ جي گهرو يا مادري زبان سرائڪي آهي. ڏهرڪي جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتائين. سال ۱۹۵۴ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. سال ۱۹۶۵ع ڌاري ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري ۾ آيو. جتي پنج سال کن، گڏيل پاڪستان جي مختلف ٻولين ۽ مضمونن وارا ۲۸ کن ڪتاب ترجمو ڪيائين. پنهنجي محسن دوست محرم محمد صالح راهوءَ جي زور ڀرڻ تي، سال ۱۹۶۹ع ڌاري پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿيو ۽ سکر ۾ پوسٽنگ ٿيس، جتان رٽائر ڪيائين. سکر واري ايامڪاريءَ ۾ به ڪيترائي درسي ڪتاب ترجمو ڪيائين. ان کان علاوه “اصغر سائينءَ جو ڪلام” به تحقيق ڪري تشريح سان ترتيب ڏنائين، جيڪو جميعت علماءِ سڪندريه جامعه راشديه درگاهه حضرت پير صاحب پاڳاره پير جو ڳوٺ طرفان چوٿين ايڊيشن طور سال ۱۹۹۹ع ڌاري ڇپيو آهي. پهرين ملاقات دوران، ڪتاب ۾ آيل ڪن پهاڪن / چوڻين جون وضاحتون معلوم ٿيون. ڪجهه نوان پهاڪا / چوڻيون لکيل پنن تان پڙهي ٻڌايائين. ٻي ملاقات ٻيءَ شنوائيءَ دوران، ستين سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي رات جو نائين بجي کان ٻين بجي تائين هلي. ستر سالن جي هن ڪراڙي مڙس، نوجوانن وانگر وڏي هوشناڪيءَ سان لکيل پنن تان رهيل پهاڪا ۽ چوڻيون پڙهي ٻڌايا. هر هڪ بابت زباني وضاحت پڻ ٻڌايائين. اهي سمورا پهاڪا / چوڻيون، الفابيٽ جي ترتيب سان پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا. 1. آڱر ۽ آڱوٺي ۾وٿي آهي. (پهاڪو) چارئي آڱريون؛ چيچ، ٻاچ، وچين ۽ ڏسڻي، پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح جڙيل آهن، جو جڏهن هٿ کولبو آهي ته سندن رخ هڪ طرف ۽ آڱوٺي جو ٻئي طرف هوندو آهي. گراٺ ۽ ٻاڪ هڻڻ لاءِ به آڱوٺي جي ابتي رخ سبب، ماپڻ ۾ مدد ملندي آهي. مطلب: (۱) ساڳئي خاندان جا فرد طبعًا، مزاج ۽ مال ملڪيت / ورثي مطابق، هڪٻئي کان جدا نظر ايندا آهن. (۲) پنج ئي آڱريون برابر ناهن. 2. آنڊا ڪنهن کي ڪؤڙا آهن؟ (چوڻي) آنڊا؛ ڄڻيو اولاد، هر ڪنهن کي پيارو آهي. خونخوار جانور به ٻچن کي ڪين ماريندا آهن. هٿائين انهن کي پالي وڏو ڪرڻ لاءِ جتن ڪندا آهن. ريءَ اولاديو، اولاد جي سڪ ۾ ڳريو پيو ويندو آهي. اولادي، اولاد کي پالڻ جي هڻ وٺ ۾ مشغول هوندو آهي. اولاد لاءِ، هر ساهدار جي دل ۾ اڻ لکي محبت ڇُپيل هوندي آهي. دل نرم هوندي اٿس ۽ مٿس ڪوسو واءُ سهڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. جيڪو اولاد جي نعمت کان محروم آهي، سو رحم واري دل کان پڻ محروم آهي. ان جي برعڪس، اولاد واري کي ٻين جي ڄڻيي اولاد لاءِ به دل ۾ مِهر هوندي آهي. مطلب : (۱) اولاد سڀڪنهن کي پيارو آهي. 3. ابو، امڙ تي وريام. (پهاڪو) مڙس ڀلي ٻاهران مار کايو اچي پر گهر ۾ زال تي رعب ضرور هلندو اٿس. عورت ويچاري ڪمزور ۽ نازڪ هئڻ سبب، ساڻس مهاڏو اٽڪائي نه سگهندي آهي. جنهنڪري مٿس الريو الريو پيو ايندو آهي. زال ڪيڏي به سهڻي هجي، مڙس ڪهڙو به ڪِرڙين کاڌو هجي، عورت تي رعب ضرور هلندس. ٻاهران ڪمائي اچڻ جو وارو ٿيو. مطلب: (۱) عورت تي مرد جو حڪم هلندو آهي. (۲) بابو، امڙ لاءِ بهادر يا سخت گير آهي. (۳) مڙس جو رعب، فقط زال تائين هلندو آھي. 4. اوٻاوڙي جي ٻولي، دٻي ۾ ٺڪريون. (چوڻي) اوٻاوڙو جغرافيائي لحاظ کان سنڌ، پنجاب، بلوچستان جي سرحد تي ۽ هندوستان جي رياست جيسلمير جي ويجهو آهي. سرائڪي، پنجابي، بلوچي ۽ سنڌي ٻولين جي گڏيل اثر کان علاوه، علائقائي لهجن جي فرق ۽ ڦير سبب، اتان جي ٻولي چڱي خاصي بگڙيل آهي. ان کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ دقت ٿئي ٿي. جنهن سببان اتي مروج لهجي بابت عام راءِ اها آهي ته دٻي ۾ کڙڪندڙ ٺڪرين وانگر سمجهڻ ۾ تڪليفده آهي. مطلب : (۱) اوٻاوڙي جي ٻولي، سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ڏکي آهي. (۲) بروهڪي / جتڪي ٻولي، دٻي ۾ ٺڪريون. 5. اٺ جو پويون آسڻ، سهنجو (چوڻي / پهاڪو) اٺ، سواريءَ طور پڻ ڪتب ايندو آهي. مٿانئس ٻه سوار، هڪڙو ٿوهي جي اڳيان ۽ ٻيو ٿوهي جي پٺيان ويهي سگهن ٿا. وڏو وهٽ هئڻ سان گڏ، سندس ڪابه ڪَلَ سڌي ناهي. جنهن سببان اڳئين آسڻ ۾ ويٺل سوار اهنجو ۽ پوئين ۾ ويٺل سهنجو هوندو آهي. ڊگهيءَ مسافريءَ يا صحرا جي سفر ۾، مسافر اٺ جي پوئين آسڻ ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. مطلب: (۱) وڏن ماڻهن يا آفيسرن جي اڳيان ٿيڻ سان مشڪلاتون پيش اينديون آهن. (۲) وڏن ماڻهن يا آفيسرن جي پويان هلڻ سهنجو ۽ سڦلائتو هوندو آهي. 6. اٺ جو لاڏ، ڪجائو ٽوڙي. (پهاڪو) اٺ، وڏو وهٽ ۽ اوکي بناوت وارو جانور آهي. مٿانئس بار به ڍوئبو آهي ۽ سواري به ڪبي آهي. سهنجي بار لاءِ ڪجائو، نه ته پاکڙو استعمال ٿيندو آهي. بار ڍوئڻ لاءِ ڪجائو الڳ قسم جو هوندو آهي ۽ سواري کڻڻ لاءِ الڳ قسم جو هوندو آهي. جيڪڏهن اٺ لاڏ ۾ اچي ڪڏڪار ڪندو ته سواري يا بار ته ڪيرائيندو پر ڪجائو به ٽوڙي رکندو آهي. تنهن ڪري کيس بود ۾ اچڻ نه ڏجي. مطلب: (۱) وڏو ماڻهو يا ڏاڍو مڙس، انگل به وڏو ڪندو آهي. جنهن سان وڏا نقصان پوندا آهن. (۲) وڏي ماڻهوءَ کي بود ۾ اچڻ جو موقعو فراهم نه ڪجي. 7. اڍائي جهڳا مهتمن جا، نانءُ شاهه پور. (پهاڪو) شاهه پور ڳوٺ ۾، سماٽ قوم جي مهتم ذات وارن جا بلڪل ٿورا گهر آهن. ان جي بر عڪس شاهه جي معنيٰ تمام وڏو ۽ ڳوٺ جو نالو شاهه پويان آهي. جڏهن ڳوٺ جو نالو، آباديءَ جي حساب سان ابتو هجي ته ائين مثال ڏيندا آهن. ٺيڪراٺي ڀرسان ڳوٺ شاهه پور جي مهتمن لاءِ ائين ٽوڪ طور چوندا آهن. مطلب: (۱) نانءُ بڙا، ديهه بيران. (۲) نام بڙا، درشن ڇوٽا. (۳) اکين کان انڌي، نالو نورپري. (۴) اکين کان انڌو ، نالو روشن ميان. (۵) ڄاڻي اکر به نه، نالو فاضل شاهه. (۶) رنگ جو ڪارو، نالو يوسف. 8. اک اوڍر، پهاڙ اوڍر. (چوڻي) انساني اک آسمان جي وسعتن اندر، سمورين شين کي ڏسڻ جي صلاحيت رکي ٿي. شرط اهو آهي ته آڏو ڪا شيءِ رڪاوٽ طور نه اچيس. ٿوري به اوڍر، وڏي پهاڙ سمان هوندي آهي. مطلب: (۱) اک جي اڳيان وارو نظارو، آڱر اڳيان اچڻ، اک ڇنڀڻ يا ٻوٽڻ سان به نه ڏسي سگهبو آهي. (۲) آنک اوجهل، پهاڙ اوجهل. (اردو) 9. اک ڏٺي مک، ڪير نه اُڳردو آهي. (پهاڪو) مک جي هڪ پَرَ ۾ حڪمت ۽ ٻئي ۾ بيماري آهي. گندگيءَ تي پلجي وڏي ٿيڻ پڄاڻان، جڏهن گهرن ڏانهن ايندي آهي ته کاڌي جي شين تي پڻ ويهندي آهي. ان وقت کاڌي ۾ پهرين اهو پَرُ هڻندي آهي، جنهن ۾ بيماري اٿس. اهو کاڌو کائڻ سان پيٽ جون بيماريون ٿيندون آهن. جڏهن ته مک ڏسڻ سان ئي ڪراهت ايندي آهي ته پوءِ جيئري مک ڪير اُڳردو / ڳهندو؟ مطب : (۱) ڪير به پنهنجو ڏٺو وائٺو نقصان نه سهندو. 10. اڳلي ڪون، پڇلي نهين پڄدي. (چوڻي / پهاڪو) ساڳي منزل لاءِ ساڳي طاقت رکندڙ ٻه سواريون، هڪٻئي پٺيان ساڳي تيزيءَ سان نڪرن ته لازمًا اڳتي نڪتل کي پوئين ڪين پڄي سگهندي. مطلب : (۱) اڳي ڄاول کان، پوءِ ڄاول، اڳ ڪين ڪڍي سگهندو. 11. اگهاڙي ڪني، ڪانون هاب. (پهاڪو) ٺڪر جي پاري يا چاڏيءَ کي ڪُني پڻ سڏبو آهي. اٽو رکجيس ته پارو، ڏُڌُ يا لسي رکجيس ته چاڏي ۽ ٻوڙ رڌجيس ته ڪُنو سڏبو اٿس. بيوه عورت جو مثال به ٻوڙ واري اگهاڙيءَ ڪنيءَ وانگر آهي. مٿس ڪانءَ ۽ ڪتا پيا لوهون ڏيندا آهن. ڍڪيل هوندي ته ڪنهن جي به نگاهه نه هوندس. مطلب: (۱) مڙس، عورت لاءِ ڍڪ آهي. مڙس جي مرڻ پڄاڻان، عورت اگهاڙيءَ ڪنيءَ وانگر آهي. جلد ئي کيس ڍڪڻ جي ڪوشش ڪجي ته بهتر. (۲) مٺائيءَ جو ٿانءُ ڍڪبو نه ته مکيون جهينگاري ڪِنُ ڪري ڇڏيندس. 12. اگهه بازار، ٻوها ڀي جوار. (پهاڪو) اَنُّ، پيٽ ڀرڻ جو ذريعو آهي. پيٽ ڪتي کي، اَنَّ کانسواءِ پادر نه لڳي سگهندو آهي. اَنَّ جي کوٽ ٿيندي آهي ته سٺي بجاءِ خراب ۽ خراب بجاءِ ٻُوها، جوئر يا ٻاجهريءَ جي اَنَّ جا تُهه يا ڪاريون کلون، به اگهه ڪري وينديون آهن. مطلب: (۱) ضرورتمند، ڪَسِي شيءِ لاءِ به چڱا پئسا ڏيندو آهي. (۲) جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت. 13. “اگهه ڪنهن وڌو؟” چي، “جنهن جا ٻچا رات لنگهڻ تي ويٺا!” (پهاڪو) جنهن جي گهر ۾ اَنُّ ناهي، تنهن جا ٻچا بک ڪاٽيندا. بک تي، نه ساري رات آرام ڪندا ۽ نه ڪرڻ ڏيندا. اولاد جي اهڙي صورتحال ڪنهن کان به برداشت ڪين ٿيندي آهي. لازمًا ٻچڙن جي پيٽ گذر لاءِ، مهانگو اَنُّ به خريد ڪري ايندو. مطلب: (۱) مجبور ماڻهو ئي، سستي شيءِ جو وڏو اگهه ڀريندو آهي. (۲) “اگهه ڪنهن وڌو؟” چي، “جنهن جي نه سري!” 14. انڌو دوزخي، ٻوڙو بهشتي. (چوڻي) انڌو ڏسڻ جي سگهه نه رکڻ سبب، شڪ جو شڪار رهندو آهي. گمان هوندو اٿس ته سندس عيبن مان ٻيا فائدو وٺندي، کيس نقصان رسائڻ جي پويان آهن. نتيجتًا ڪنهن سان به نه پوندي اٿس. گمان جي دلدل ۾ ڦاسي، جيئري ئي پاڻ لاءِ جهنم کڙو ڪندو آهي. ٻوڙو، ٻڌڻ جي سگهه نه هئڻ سبب، پاڻ مٿان ٿيل ٺٺول تي، ٻين کي کلندو ڏسي، پاڻ به پيو کلندو آهي. انهيءَ ڪري ٻيا به ساڻس دل-پشوري پيا ڪندا آهن. ٻوڙو ٻين ۾ چڱو گمان رکڻ سبب، سک جي زندگي گذاريندو آهي ۽ ڄڻ جيئري ئي جنت ۾ هوندو آهي. مطلب: (۱) عقل جو انڌو عذاب ۾، گلا نه ٻڌندڙ خوشين ۾ رهي ٿو. 15. انڌي پيڪين پڳي نه پڳي جيهي. (پهاڪو) انڌي عورت جو نه ساهرن ۾ قدر نه پيڪن ۾. محتاجيءَ سبب ساهرا ته بيزار پر پيڪا به تنگ. نه پيڪا وڃڻ ۾ ارها، نه ساهرا اچڻ ۾ خوش. پيڪين ويندي ته هٿئين ساهرا خوش پيا ٿيندس. مطلب: (۱) بيوقوف ماڻهوءَ جو ڪٿي به قدر ڪونه ٿو ٿئي. (۲) انڌي جهڙي پيڪين، تهڙي ساهرين. 16. انڌي ڪرين خيرات، ول ول ڏيون آپڻيان ڪون. (پهاڪو) انڌن کي به ونڊ ورهاست وقت پنهنجا ياد هوندا آهن. موقعو ملي وڃين ته اقربا پروري (Nepotism) کان ڪين مڙندا آهن. مطلب: (۱) انڌا بانٽي ريوڙيان، اپنون اپنون ڪو ديوي. (۲) فائدي واري ڪم لاءِ، انڌن کي به مٽ مائٽ نظر ايندا آهن. 17. اڻ سهندا بار، اٺن ڀي اڇليا. (پھاڪو) ھر ماڻھو ۾ ڪو نه ڪو گڻ، لياقت يا صلاحيت ضرور ھوندي آھي. جيڪا ڪنھن حد اندر ھوندي آھي. ان حد اندر عملي ڪارنامو سر انجام ڏيڻ سندس وس ۾ ھوندو آھي. ان کان ٻاھر وس ۾ نه ھوندو اٿس. اٺ بنا پاڻيس جي، اٺن ڏينھن تائين صحرا ۾ ھلي سگھي ٿو. ايڏي طاقت رکڻ جي باوجود، وت کان وڏو بار، اڇلي ھليو ويندو آھي. مطلب: (۱) ھر ڪو وت / وس آھر ڪم ڪري سگھندو آھي. (۲) بيوس بار، اٺن به ڇڏيا آھن. 18. اڻ ھوند تي لعنت. (چوڻي) نه هئڻ کان، هئڻ بهتر. اڻ هوند، ماڻهوءَ کان گهڻا ئي ڪڌا ڪم ڪرايا آهن. چوري / ڦُر کان وٺي بيحيائيءَ / فحاشيءَ تائين به. پنڻ جهڙو غليظ ڌنڌو به سڃائي ڪرائي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ڪفر ۾ به سڃائي ڌڪي ڇڏيندي آهي. اهڙي اڻ هوند ۾، جنهن ۾ ماڻهو ڪفريه ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ٿئي، خدا تعاليٰ شل ڪنهن کي نه وجهي. مطلب: (۱) صفا سڃائي به چڱي ناهي. (۲) هوند تي هونگر آهي. (ابتڙ) 19. اؤٽن جي قبرن تي، نه ڌُپَ نه ڇانءَ. (چوڻي / پهاڪو) اؤٽو؛ ريءَ اولادي، اولاد جي نعمت کان محروم هئڻ سبب، احساس محروميءَ ۾ مبتلا هوندو آهي ۽ هر ڪنهن کي ساڙ جي اک سان ڏسندو آهي. مرڻ پڄاڻان، ڪير به کيس همدرديءَ سان نه ڏسندو آهي. نه ڄڻيو اولاد هئس، نه ئي ٻين کي پنهنجو ڪيائين. ان ڪري قبر به سڃي هوندي اٿس. مطلب: (۱) مري ويو مردود، نه ڪفن نه درود. (۲) نامرد، بي درد. 20. بکئي جي ڀاڄي هارجي پئي ته رکي کئوندو. (پهاڪو) سچي پچي بک واري کي، پيٽ ڀرڻ سان سروڪار آهي، ذائقي سان نه. ڀاڄيءَ جو خيال اهو ڪندو، جنهن جي پيٽ ۾ اڳيئي ٻَلُّ هوندو. بکئي کي سواد، ذائقي ۽ مصالحي سان ڇا؟ هن کي ته رکي ماني به ڪوفتن سمان لڳندي آهي. مطب: (۱) بکئي کي رکي روٽي، سيري کان سواد ۾ سوائي. (۲) بک نه پڇي ڳُنڌڻ، ننڊ نه پڇي اوڇڻ. (۳) بکئي کي بصر به مٺا لڳندا آهن. (۴) بوک نه پڇي باسي ڀات، نيند نه پوڇي ٽوٽي کاٽ. 21. ٻارهين ڪوهين، گهر سُجهي. (چوڻي / پهاڪو) ٻارنهن ڪوهه يا چوويهه ميل وڏو پنڌ ناهي، جتي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو پاڻ کي مسافر يا پرديسي سمجهي. پر گهر / وطن، اهڙي شيءِ آهي جو ايتري پنڌ تي به روح موٽي پهچڻ لاءِ پيو ريلا ڏيندو آھي. ماڻهو دل ۾ ۽ زبان سان به پيو چوندو؛ “جيڪر پَرَ هجن ته اڏامي وڃي گهر پهچان.” رستي ۾ رڃ هجي، برسات پوي، ڦُر جو يا خونخار درندي جو ڀؤ هجي يا ڪاري رات هجي ته به ماڻهو چوندو ته؛ پار ڪري گهر ڀيڙو ٿيا. مطلب: (۱) گهر جهڙو سک ڪٿي به ڪونهي. (۲) سؤ ڪوهه تي گهر سُجهي. (۳) پٺاڻ کان سنڌ ۾ پڇيائون، “لالا! وطن ياد آتا هي؟” “ماڙا!لالي سي ڪيا پوڇتا هي؟” پٺاڻ ٿڌا ساهه ڀريندي ٻڌاين، “تمهارا گاڙي ڪري ڪوڪو! لالي ڪا دل ڪري وطن وطن!” 22. ٻڪرين ۾ نهر پيو، ڪتي کي هنگڻ آيو. (پهاڪو) اڳي ٻڪرار / پنهوار، ٻڪرين جي سنڀال لاءِ، ڪتا ڌاريندا هئا. ڪتا ڏاڍا بهادر ۽ ويڙهاڪ هوندا هئا. نه ٻڪريءَ کي ڌڻ کان ٻاهر وڃڻ ڏيندا هئا نه ئي بگهڙ وغيره کي ڪا رڍ يا ٻڪري کڻڻ ڏيندا هئا. ڌڻ پهرائڻ وقت يا واڙي ۾ واڙجڻ کان پوءِ، مٿن پهرو ڏيندا هئا. بزدل ڪتا ڪير نه ڌاريندا هو. بزدل ڪتو، ڪُتين جي ڪڍ وڃڻ سبب، وقت تي ڪم نه ايندو آهي. ڪتي کي قبضي به گهڻي ٿيندي آهي. بزدل ڪتي کي، بگهڙ وغيره ڏسي قبضي اڃان وڌي ويندي آهي. بگهڙ جا ڀلي جنڊا منڊيل هجن، آرام سان ٻڪري واڙ مان ڪڍي هليو ويندو آهي. جنڊا کلندي ئي ٻڪريءَ کي ڦاڙي يا ڪلهي تي ورائي، رند وڃائي ڀڄي ويندو آهي. مطلب: (۱) نڀاڳي کي مانيءَ تي نڪهير اچي. (۲) نڀاڳي مڱڻهار کي، گهور مهل ٽورو اچي. (۳) نڀاڳي جي ماني، تئي تي سڙي. 23. ٻين سان پنج، يارن سان ڪيها پنج؟ (چوڻي) دوستي ياري رکڻ سولي، نباهڻ ڏکي. ڪس ڪسر کائڻ سان نڀندي آهي پڪائي ڪرڻ سان ۽ ٽڪي ٽڪي جي حساب ڪرڻ سان ڦٽندي آهي. گرهه گرهه تي واهگرو ڪرائڻ وارو، سنگت کي بيزار ڪري وجهندو آهي. سنگت ۾ ليکو يا حساب سڌو رکجي ۽ حساب ڪتاب ۾ تنگي به نه ڪجي. مطلب: (۱) دوستي، لهه لحاظ لهڻي. (۲) دوستيءَ قائم رکڻ لاءِ، قرباني ڏيڻ گهرجي. (۳) ٻين سان ته پنبئون پر يارن سان به پنبئون؟! (۴) ٻين سان ته نچ پر يارن سان به نچ؟! (۵) يارن سان ڪهڙا ليکا؟ 24. ڀاڱا ڀائيوارن لهڻا، توڙي هجن اَڏَ جا ڪانا. (چوڻي) دنيا ۾ واسطن وڙن، تعلق دارين ۽ ربط کان سواءِ زندگيءَ جو گاڏو گهلڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. آزمائش به انهن جي آهي ۽ حياتي به انهن سان آهي. جنهن ڏينهن اهي ٽٽا، ان ڏينهن ماڻهو پاڻ ٽٽي پوندو. تعلقات به ڪن اصولن تحت قائم رهي سگهن ٿا. نه ڪنهن جو حق کائجي نه ڪنهن کي پنهنجو حق کائڻ ڏجي. حقدارن کي حق ملندو ته دل ۾ به محبت رھندي. ان جي برعڪس ڪنهن جي ڪک کي هٿ لائبو ته پنهني ڀُنگي به ڀڃائبي. دلين ۾ نفرت پيدا ٿيڻ سان، زندگي به زهر ٿي ويندي. مطلب: (۱) سنگت ۾ حساب سڌو رکجي. (۲) بخشش سَوَ سَوَ، حساب جَوَ جَوَ. (۳) ٻه ڀائر، ٽيون ليکو، ليکو آهي چوکو، چوکي آهي پريت. 25. ڀاڱو ڪوٺي چڙهي ڪجي، ورهائجي ڪنڊ ۾. (چوڻي) ڪنهن به ڪم جي ڀائيواري / شرڪت، لکيت واري اندز ۾ اصولن تحت، عام آڏو ظاهر ڪري ڪجي ته جيئن آخر ۾ ڇيني نبيري ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ڀائيواريءَ ۾، هيٺ مٿانهيون به سامهون اينديون آهن. انهن کي ڪس ڪسر کائي ڪنڊ سنڊ ۾ نباهي ڇڏجي. هڪٻئي جي ڦشري نه ڪجي. ڪروڌ سان برڪت نه پوندي آهي. پر شراڪت ٽٽڻ کان پوءِ ڪير ٻيو ڳنڍڻ لاءِ تيار به نه ٿيندو آهي. مطلب: (۱) معاملا سر عام طئي ڪجن، نباهجن ڀلي لڪ ڇپ ۾. (۲) مٽي مائٽي ڪوٺي تي چڙھي ڪجي، نباھجي ڪنڊ سنڊ ۾. 26. ڀا ڀائن جا، چچڙ ڪانون جا. (چوڻي) مينھن جي اوھ کي چنبڙيل چچڙ، ڪانون جو کاڄ ٿيندا آھن. ساماڻل ويائن جا وارث مٽ عزيز ئي ٿيندا آھن. رشتي ڳنڍڻ جو حق برادريس وارن جو وڌيڪ آھي. اھي نه ڳنڍيندا ته ڌاريا ڪھڙي مُنھن ڳنڍيندا؟ جيڪو پنھنجن کي نه ٿو وڻي، تنھن کي ٻيا ڪيئن ڪلھن کڻندا؟ مطلب: (۱) وڏائي، تڪبر ۽ آڪڙ چڱا ڪم ناھن. (۲) ٿائرن سان ڀا ٿجي. (۳) چهڙن جون ونڊيون، چهڙا کڻندا آهن. (۴) پنهنجو ماري ڇانءَ ۾ اڇلي، ڌاريو ماري اس تي اڇلي. 27. ڀڳي ٻانهن، ڳل سان ٻڌبي آهي. (پهاڪو) ڀڳل ٻانهن، ڪمزر هئڻ سبب، پنهنجي وزن تي ڏُکندي به ٽُٽندي به. لڙڪائڻ سان سور سجيهه ٿيندو. کڻڻي به پاڻ کي ئي پوندي، ٻيو ڪير کڻائي به ڪين سگهندو. جيستائين ٻانهن ساڳي جاءِ تي ٺهڪي لڳي وڃي تيستائين حفاظت خاطر، ڪپڙي جي جهولي ٺاهي، منجهس رکي ڳچيءَ ۾ لڙڪائي کڻي هلڻ ۾ ئي عافيت آهي. مطلب: (۱) پنهنجي عضون / عزيزن / اولاد جا بار، پاڻ کي ئي کڻڻا آهن، ان ۾ ئي ڀلائي آهي. (۲) ڀڳي ٻانهن، ورائي ڳچيءَ ۾ لڙڪائبي آهي، ڇني نه ڇڏبي آهي. 28. ڀڳي ڀڳي ڏونگري، تائين ڀانڊي ڀڃڻ لائق. (پهاڪو) ڏونگري؛ مُڃَن ڪٽڻ واري ٽوڙي، شڪل ۾ مهريءَ جي هڪ پاسي جهڙي، اردوءَ ۾ مگلي ۽ اتر سنڌ ۾ مهرلو سڏبو اٿس. ڀڄي پوڻ کانپوءِ به منجانئس ساڳئي ڪم واري صلاحيت خلاص نه ٿيندي آهي. البته هلڪن ڦلڪن ڀانڊن (ٿانون) ڀڃڻ جو ڪم ڏئي سگهندي آهي. مطلب: (۱) مَلُھ، ڀلي بيمار يا ڪراڙو ٿئي پر کانئس انگ نه وسرندا آهن. (۲) هيڻو وڏيرو، ڪورين لاءِ قهار. (۳) مهري ڀُتي، ته به ڀترن ڀڃڻ لائق. 29. ڀڳي جو ڀاڱو ڪونهي (چوڻي) ڪنهن به ڌنڌي / واپار مان، نفعي جو حصو ان کي ملندو آهي، جنهن جو منجهس مال، وقت ۽ جان لڳايل هجي. جيڪو حالتن کان ڊڄي، واٽ تان هٿ ڪڍي ڀڄي وڃي، تنهن کي منافعي مان حصو ڪين ملندو. مطلب: (۱) حصو حاصل ڪرڻ لاءِ، سيڙپڪاري مڪمل طور ڪرڻي پوندي. (۲) ڀڳي تي ڀُئي ڪانهي. (۳) ڀائيواري ڇڏي ويندڙ کي، منافعي مان حصو ڪين ملندو. 30. تتي دانگي، دشمن ڀي نه وڃي. (چوڻي) دانگيءَ کي چلهه مٿان رکي، هيٺان باهه ٻاري تپائبو آهي ته جيئن مٿس ٿڦيل لولو پچي کاڄڻ لائق ٿئي. دانگيءَ جو تپڻ، بمشابه ماني پچڻ جي آهي. جڏهن مانيءَ پچڻ جو وقت هجي، ان وقت مهمان کي بنا مانيءَ جي نه ڇڏجي. پوءِ ڀلي کڻي اھو دشمن ڇو نه هجي. ڀلي يا سخي ميزبان جو اهو وڙ ناهي جو ويلي وقت تي مهمان کي ماني نه کارائي. مطلب: (۱) مانيءَ کان سواءِ ڪنهن به مهمان کي نه ڇڏجي. 31. تن گهرن جون ڪيهون ساکان، ويچن ٻير تي کاون ڊاکان. (چوڻي) ڪاروبار، ساک پت تي هلندو آهي. ڪار پت يا نيت پت به اهو قائم رکي سگهندو، جيڪو سوڙ آهر پير ڊگهيريندو. اوڌر کڻي حلوا کائڻ وارو، هڪ ڏينهن گهر به کپائي بيهي رهندو. جيڪو ٻيريون پوکي، ڊاکن جهڙا ڦل فروٽ وٺي کائيندو، سو به جلد پنهنجي ساک پت، قدر ۽ اعتبار وڃائي ويهندو. مطلب: (۱) بوتي آهر کائجي. (۲) تن گهرن جون ڪهڙيون ساکون، جيڪي وڪڻن ٻير کائين ڊاکون. (۳) چيريءَ آهر، پير ڊگهيڙجن. 32. ٿڪي کي جُتي به بار. (پهاڪو) ھر ساھدار کي، کڻڻ لا پنھنجي جسم جو بار به، ڪافي محسوس ٿيندو آھي. پنڌ ڪرڻ يا ڪم ڪرڻ کان پو ٿڪ ٿيڻ سبب، ماڻھو بُت مان به بيڌار ٿي پوندو آھي. پيرن ۾ پيل جُتي به بار پئي محسوس ٿيندي آھي. پيرن مان لاھي اڇلي، ڦٽي ڪرڻ سان فرحت پئي ايندي. مطلب: (۱) غريب لا پنھنجو پيٽ پالڻ به اھنجو آھي. ٻچا پالڻ، وڏو عذاب آھي. (۲) ٿڪي / ڏٻري تي چچڙ به گھڻا. 33. پٿر پنهنجي جاءِ تي ڳؤرو آھي. (پهاڪو) پٿر جڏهن پنهنجي جاءِ تي پيو آهي ته اتان کيس هٽائڻ ڏکيو آهي. اتان هڪ دفعو چرڻ کان پوءِ کيس هيڏي هوڏي چورڻ آسان آهي. چرڻ پرڻ سان سندس وزن گهٽجي ٿو وڃي. هڪ جاءِ تي رهڻ سبب ڳؤرو هوندو آهي. ماڻهو به جيستائين پنهنجي پير تي بيٺو آهي، تيسين کيس هيٺ لاهڻ ڏکيو آهي. جڏهن راز سليائين يا ٻين آڏو هڪ دفعو جهڪيو ته پوءِ وزن وڃائي ويهي ٿو. مانُ ۽ قدر کسجي وڃيس ٿو. مطلب: (۱) دوستن جي در تي هر هر نه وڃجي. ان سان هلڪڙائپ طاهر ٿي پوندي. 34. پٺيءَ پويان هٿ وريا ته پوءِ ڌڪ جي ڪهڙي پارت. (پهاڪو) ملهه وڙهڻ وقت، ٻَئي هٿ ٻِئي ملهه جي پٺيءَ پويان ورائي، سندري ۾ وجهبا آهن، پوءِ پنهنجي سيني، ٻانهنِ يا ڄنگهنِ جي زور يا ملهه جي انگن / فن سان، اڳلي ملهه کي دسڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. راند ۾ هڪ جي ھار ضرور ٿيندي. هٿ ڳنڍڻ کان پوءِ ڌڪ نه ڏيڻ جي پارت ڪرڻ عبث آهي. مطلب: (۱) ڪم ڀلي ڪڌو ڪجي، هٿ مضبوط وجهجن. (۲) ميهار مينهن مان نڪتو، وڇن ڪهڙي پارت؟ (۳) نچڻ بيٺي ته پوءِ، گهونگهٽ ڪڍڻ ڪهڙو؟ 35. پرائي ٻري، ڪير مري؟ (پهاڪو) ٻرو؛ بخار، بيماري يا ٻي تڪليف، ماڻهوءَ جي برداشت اندر ھوندا آهن، تنهن هوندي به کانئس هرڪو پيو ٽهندو آهي. انسان ويچارو، نه ٿڌي سهي نه ڪوسي. پاڻ تي آيل تڪليف سهڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. ٻئي جي حصي جي تڪليف، پاڻ تي ڪيئن مسلط ڪندو؟ مطلب: (۱) ٻئي جو بخار به، ڪير نه کڻي سگهندو آهي. (۲) پرائيءَ آئيءَ / آهيءَ ۾ ڪير به نه پوندو آهي. (۳) ٻئي جي تڪليف، سِرَ تي کڻڻ ڏکي آهي. (۴) سِرُ، سڀ کي پيارو آهي. 36. پرائي مينهن جو اوهُه، وڏو نظر ايندو آهي. (پهاڪو) پنهنجي قبضي هيٺ آيل وڏي ۽ سهڻي شيءِ، ٿوري ۽ بيڪار پئي نظر ايندي. سندس وقعت ۽ قدر، ويجهي هئڻ سبب نظر مان نڪري ويندا آهن. نوٽن سان ڀريل پنهنجي ڪوٺي، خالي پئي نظر ايندي. پرائي خالي گندي به، ڀريل پئي نظر پئي ايندي. پرائي مينھن وڌيڪ کير ڏيندڙ پئي نظر ايندي، جڏهن ته اصل مالڪ جي نظر اڃا ڪنهن ٻيءَ مينهن جي اوهه تي هوندي. پرائي زال پري هئڻ سبب، پَرِي پئي نظر ايندي ۽ پنهنجي سهڻي زال، ويجهي هئڻ سبب ڏائڻ / ڪوجهي پئي نظر ايندي. مطلب: (۱) ويجهي ٿيڻ سبب، شيءِ جو قدر گهٽجي ٿو. پري ٿيڻ سبب سڪ وڌي ٿي. (۲) پرائي هر شيءِ وڻندي آهي، سواءِ پُٽَ جي. (۳) پرائي پليٽ ۾ گيهه گهڻو نظر ايندو آهي. (۴) پرائي ڪنيءَ جو ٻوڙ سوادي. (۵) ڳوليان ڳوليان، شال م ملان هوت، من اندر جا لوڇ، ملڻ سان ماٺي ٿئي. (۷) گهر جو پير، چلهه جو مارنگ (ابتو) 37. پوهن راڌي، مانگهن کاڌي. (چوڻي) (ا) پوهه: سنبت سال جو مهينو، ڊسمبر جنوريءَ ڌاران ٿئي. منجهنس ڏاڍا پارا پون، جيڪي ڪمزور مال کي رڌي / ڳاري ڇڏين. (ب) مانگهه: سنبت سال جو مهينو. پوهه کانپو، جنوري- فيبروريءَ ۾ اچي ۽ منجهس سخت سيءُ پوي. جيڪو ڍڳين ٻڪرين کي کائي کپائي ڇڏي. مطلب: (۱) پوهه جو پارو ۽ مانگهه ۾ اتر واءُ، مال لاءِ نقصانڪار آھن. 38. پوهه نه ڳڌئي ٻڪري، مانگهه نه ڳڌئي ڏاند، پڇي وَتَ ڪريندو ٻڪري، تي وَتَ ڪريندو ڏاند. (چوڻيِ) (ا) پوهه ۾ پارا پون، گاهه جي قلت ٿئي ۽ مال ۾ ڦڦڙي پوي. مال مرڻ جي ڀوَ تتان، ٻڪرار سستي اگهه تي ٻڪريون کپائين. (ب) مانگهه ۾ اتر کان سرد هوائون هلن. ڏاندن کي مرڻينگ ڪري ڇڏين. ان موسم ۾ هر ڪاهڻ جي به ضرورت نه هوندي آهي. ڏاند رکڻ فضول ٿي ويندو آهي. ڀاڳيو جلد کپائڻ جي ڪوشش ڪندس. ٻڪريءَ/ ڏاند جي خريدار کي، ڌراڙن جي انهيءَ ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي، سستي اگهه ۾ سٺو مال وٺڻ کپي. مطلب: (۱) موقعي جو فائدو وٺڻ کپي. 39. پوهه، هڪ کاءُ ٻي جهوءِ. (چوڻي) پوهه ۾، ڏينهن ننڍو ٿئي. گذري وڃي ته خبر ئي نه پوي. هڪ ويلي جي ماني کائي، ٻئي لاءِ سعيو ڪرڻو پوندو آهي. اَنُّ نه هجي ته پيهڻ لاءِ جنڊ جوٽڻو پوندو. پيهي بس ڪبي ته ٻئي ويلي جي مانيءَ کائڻ جو وقت / ويلو ٿي ويندو. مطلب: (۱) سياري جو ڏينهن، جلد گذري وڃي. (۲) سياري جو سج، کڻ پاءِ ۾ پورو. (ساهتي) (۳) ناهري، نمي هڻ ٻُهاري، سج وڃي اوهاري. (لاڙ) 40. پيٽ جي مار، خبر نه چار. (چوڻي) پيٽ، هر ساهدار سان لڳل آهي ۽ ان جي ڀرڻ ۾ هرڪو مشغول آهي. خالي پيٽ، ڪير به برداشت نه ڪري سگهندو آهي. ڀريل هوندو ته دڙيون پيو ٽپندو. خالي هوندو ته محنت ڪندو ۽ مٿا مونا ڏيندو. محنت ڪرڻ کان پوءِ اجورو نه ملي ۽ پيٽ جي مار ملي ته ماڻهو بِرِ ٿي ويندو آهي. هوش حواس نه رهندو آهي. مطلب: (۱) پٺي مار، پيٽ نه مار. (۲) پيٽ ڀر، پٺي لڏ. (۳) پيٽ، سڀ ڪم ڪرائي ٿو، ڀيٽيو: حق جي مار، خبر نه چار. 41. جن کان سواءِ سري نه ساهه، رتي نه رسجي تن کان. (چوڻي) ڪي دوست احباب اهڙا هوندا آهن جن سان دل جو ڪانڍو هوندو آهي ۽ ساڻن معاشرت ۽ معيشيت وارو تعلق پڻ ڳنڍيل هوندو آهي. ڪاوڙجن ته ڄڻ قسمت جي ديوي ناراض ٿي وڃي. اهڙن سان ته ڪس ڪسر کائي نباهبو آهي. کين رسڻ جو موقعو ئي نه ڏبو آهي. سندن غرضن جو به خيال ڪبو آهي. خيال نه ڪبو ته پنهنجا غرض به اٽڪي پوندا. ربط ٽٽي پوندو. ٽٽل ربط سان زندگي گهارڻ ڏکي ٿي ويندي. مطلب: (۱) سنگتين کان رسڻ چڱو ناهي. (۲) جنهن لاءِ اڳيان هلي بيهجي، تنهن سان گڏيو ڇو نه هلجي. (۳) راند، رَسَ ۾ ڇڏجي. (۴) رنگ رتو، ميلو متو، يار پرتو ڇڏجي. 42. جنهن جي ساکن جو سهي، تنهن جا ڏند ڇا ڏسبا؟ (پهاڪو) ڏاند يا ٻڪريءَ جي عمر جو اندازو، ڏندن ڳڻڻ سان به ڪري سگهبو آهي. کير وارا ڏند ڀڄڻ کان پوءِ ٻڙاندو، چئوڳو وغيره ٿيڻ، سندن عمر جي نشاندهي ڪندا آهن. ان جي برعڪس، سال ۾ ٻه ساکون يا مندون ڳڻبيون آهن. ڏاند يا ٻڪريءَ جي عمر ساک پيري به ٿيندي آهي. جڏهن کان ڄمندا آهن ته مالڪ سندن ساکون ڄاڻندا آهن. ان ڪري سندن عمر جي پڪ ڪرڻ خاطر کين ڏند پٽي ڏسڻ جي ضرورت نه پوندي آهي. مطلب: (۱) جنهن جي ڄم کان واقف، تنهن جا ڏند پٽي ڪهڙا ڏسجن؟ (۲) جنهن جي پرڪارن جي خبر، تنهن جي ٽَوهَ پوڻ مان ڪهڙو فائدو؟ (۳) هٿ ڪنگڻ کي، ڪهڙي آرسي ڏيکاربي؟ 43. جوڳيءَ کي پٽ نه وسريو هيو، نانگ کي پڇ نه وسريو هيو. (پهاڪو) جوڳيءَ هڪڙو نانگ ڏٺو، ڦاسائڻ لاءِ مرلي کڻي پويان پيس. نانگ، ڪُئي يا سيڙهه جي ڏرڙ ۾ گهڙي ويو. جوڳيءَ مٿانئس گهڻيئي مريلون وڄايون پر نانگ ٻر مان نه نڪتو. آخر ڪوڏر سان، ٻِرُ گُڏيندو اڳتي وڌيو ته پوئتي رهيل نانگ جو پڇ به ڪٽي وڌائين. زخمي نانگ ٻاهر نڪتو پر جوڳيءَ جي پٽ کي ڪکي وڌائين. جوڳي نانگ کي ڇڏي پٽ جي سنڀال ۾ لڳي ويو ته نانگ ڀڄي ويو. ان کان پوءِ نانگ کي پڇ وڃڻ جو سور هوندو هيو ۽ جوڳيءَ کي پُٽ وڃڻ جو. مطلب: (۱) دشمن جو ڌڪ، ڪنهن کان به ڪين وسرندو آهي. (۲) ڌڪ، دشمن جو به ڳائجي. (۳) ريڍار کي سؤ مان کڄي ويل ھڪ رڍ جو غم ھيو، بگھڙ کي موٽي ويل نوانوي رڍن جو غم ھيو. (۵) دشمن جي چال کي مڃڻ به مراد آهي. 44. جهڙا چانهه، تهڙا ٻچانهه. (پهاڪو) چانهه؛ سهڻو ۽ رنگين پکي آهي. سندس ٻچانهه يا ٻچا به سندس جهڙا ئي سهڻا ۽ رنگين ٿيندا آهن. عادتون به هڪجهڙيون ٿينديون اٿن. اڏامڻ ڪرڻ به هوبهو هڪجهڙو هوندو اٿن. مطلب: (۱) اولاد، لُڪ تُڪ والدين تي ڇِڪ ڪري ويندو آهي. (۲) جهڙا ڪانءَ، تهڙا ٻچا. (۳) بگهڙ جو ديا بگهڙ ٿيندو، ٻڪري ڪين ٿيندو. 45. جي تون بنڊ بنڊاڻي ته مان شينهن شينهاڻي. تون چور چوراڻي ته هيءَ گڏهه هيءَ واڻياڻي. (پهاڪو) هڪڙو نوجوان هندو، پاڻ کي ڳوٺ ۾ شينهن شينهاڻي سڏائي مسلمانن تي رعب جهاڙيندو هو. هڪ ڏينهن زال کي گڏهه تي ويهاري، شام ڌاري شهر پئي ويو ته هڪڙي مسلمان ڀوڳ ڪرائڻ خاطر سندس اڳ اچي جهليو. مقام واري پاسي کان، ڪنڊيءَ جي وڻ کي ٽيڪ ڏئي، چلڪڻي ڪهاڙي ڪلهي تي رکي، ڇڙهه ھڻي بيهي رھيو. واڻياڻي، بت بنيل همراهه کي ڏسي دهلجي وئي ۽ اشاري سان مڙس کي ڏيکاريندي چيائين، “ميان رستي ۾ الائي ڪهڙي نافت بيٺي آهي! ڪجهه ته ڏس!” واڻئي ٿڙڪندڙ لڱن سان، پنڊ پهڻ وانگر بيٺل همراهه آڏو اچي چيو، “جي تون بنڊ بنڊاڻي ته مان شينهن شينهاڻي، تون چور چوراڻي ته ھيءَ گڏهه هيءَ واڻياڻي.” مطلب: (۱) تون ڪمزور آهين ته مان ڏاڍو مڙس آهيان. جيڪڏهن تون ڏاڍو مڙس آهين ته مون هٿيار ڦٽا ڪيا. 46. جيڪو مري جمعي خميس، تنهن سان ڪهڙي ريس. (پهاڪو) جمعو ۽ خميس / جمعرات، ڀلارا ڏينهن آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته انهن ڏينهن تي گذاري وڃڻ وارن سان حساب ڪتاب ۾ سهولت ٿئي ٿي. ساڻن سختي نه ٿي ٿئي. جنهن ڪري اهي خوشنصيب آهن. اهڙي سعادت ماڻڻ واري سان هاڻي ريس به ڪانه ٿي ڪري سگهجي. مطلب: (۱) جنهن تي رب راضي آهي، تنهن کي جڳ نقصان نه ٿو ڏئي سگهي. (۲) جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي. (۳) مدعي لاک برا چاهي، مگر وهي هوتا هي جو منظور خدا هوتا هي. (۴) جيڪو هجي ڌُرِ پليت، تنهن کي ڇا ڪري جمعو ڇا ڪري خميس. (ابتو) 47. جيندا، هڪ ڏينهن ملندا. (چوڻي) ماڻهو جيئرو آهي ته دنيا ۾ پيو هڪٻئي سان ملندو. مري ويو ته ملاقات بند ٿي. جڏهن هڪٻئي کان موڪلائبو آهي ته ٻئي دفعي ملڻ جي آس / اميد واسطي ۽ ڊگهي عمر جي دعا ڪرڻ خاطر چئبو آهي؛ “چڱو موڪلاڻي ناهي.” يا چئبو آهي؛ “سدائين گڏ !” يا چئبو آهي؛ “وري ملنداسين!” يا چئبو آهي؛ “گڏيو پيو آهي ميهڙ سان، گاجي مهيسر!” مطلب: (۱) زندگي آهي ته ملاقات پئي ٿيندي. (۲) حيات باقي، يار اوطاقي / ملاقاتي. (۳) يار زنده، صحبت باقي. (۴) يار حياتي، ملاقات باقي. (۵) حيدرآباد ۽ کهنبڙي به گڏئي پئي هِن. 48. جهڙ جهيڙا، سدا نه رهندا. (چوڻي) جهُڙ، موسم آهر ٺهي ايندو آهي ۽ وسڻ کان پوءِ هيڏي هوڏي ٿي ويندو آهي. جهيڙو به وقت سِرِ اٿندو آهي، ڪجهه نقصان ٿيڻ کان پوءِ جيڏانهن تيڏانهن ٺاپر ٿي ويندي آهي. لسيءَ کي وڌائڻو هجي ته لوڻ ۽ پاڻي گڏجيس. جهيڙي کي ڊگهو ڪرڻو هجي ته گارگند گڏجيس. بهتر ائين آهي ته جهيڙي ۾ گارگند کان پاسو ڪجي. مطلب: (۱) حالات واقعات، سدائين ساڳيا نه رهندا آهن. (۲) اها گهڙي به گذري ويندي. 49. جهيڙو جهيڙِ، ڪُجهيڙو نه جهيڙِ. (چوڻي) جهيڙي جا ٻه قسم آهن. ڀلو جهيڙو، جيڪو اللهﷻ ۽ رسولﷺ جي خاطر ڪجي. خراب جهيڙو جيڪو نفس کي راضي ڪرڻ خاطر ڪجي. پنهنجي عزت، غيرت، مال ملڪيت، دين ڌرم کي بچائڻ خاطر ڪيل جهيڙو ڀلو آهي ۽ جهيڙڻ گهرجي. پرائو مال ٺڳڻ / ڦرڻ، پرائي عزت تهس نهس ڪرڻ ۽ زنا / شراب / جوئا خاطر جهيڙو ڪرڻ چڱو ڪم ناهي. ان کان هميشه پاسو ڪرڻ گهرجي. ان جي پڇاڙي عبرتناڪ ٿيندي آهي. مطلب: (۱) اللهﷻ جي راهه ۾ جهيڙجي. (۲) جهڙي ۾ لڏون ڪونه ورهائبا آهن جو کائي به اچبا ۽ کڻي به اچبا. (۳) جهيڙو ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ته ڳهه جيان ٺمڪائجي. 50. چڱي ڀلي جي نُنهن، بَرَ ڏي مُنهن. (چوڻي) ننهن ڀلي ڪهڙي به خاندان مان وٺجي ۽ ڀلي سٺي خاندان ۾ آڻجي پر رهندي وري به آخر ننهن. فطرتي طور تي سس سان ڪڏھن نه ٺهندي ڀلي کڻي سس پڦي يا ماسي هجيس، نڻان سان نه ٺهندي ڀلي کڻي نڻان سوٽ يا ماسات هجيس، ڏيرياڻيءَسان ڪانه ٺهندي ڀلي کڻي اھا ڀيڻ هجيس. ڏيرن سان ڪانه ٺهندي، ڀلي سَڪا سوٽ هجنس. ٺهيل گهر، شاديءَ کان پوءِ / ننھن جي اچڻ کانپو ئي، هڪ مان ٻه ۽ ٻن مان چار ٿيندا آهن. مطلب: (۱) سس ننهن جو آدجڳاد کان جهيڙو آهي. کانئس منهن پري ڪرڻ ۾ عافيت نظر ايندي آهي. ان سان ئي دنيا ۾ آبادي وڌي آهي. (۲) ننهن اها جيڪا پيڪا به ملهائي ته ساهرا به. (۳) ٻن پيو سيڻپو، جنهن وڃايو ڀيڻپو. (۴) ڀيڻ نه ڪجي ڏيرياڻي، ٿي پوندي ويرياڻي. (۵) سيڻ، ڪڍن نيڻ. 51. چنڊي جي قبر، پري کون پڌري. (چوڻي) چنڊي جي نحوست / نڀاڳ جو اثر پاڙي اوڙي تي به پوندو آهي. ڪير به نه چاهيندو آهي ته چنڊو ماڻهو صبح جومنهن پوي. ڪن ماڻهن کي وهم آهي ته چنڊن کي ڏسڻ سان سڄو ڏينهن ڪوبه ڪم نه ٿيندو. مري وڃڻ کان پوءِ به سندن قبر تي ناهن ويندا ته متان نڀاڳ کين وڪوڙي وڃي. ٻين کي به روڪيندا آهن ۽ ائين هن جي قبر به مشهور ڪري ڇڏيندا آهن. مطلب: (۱) چنڊو چنڊي جي قبر کي سڃاڻي. (۲) چنڊو چنڊي کي سَوَ ڪوهه تي سڃاڻي. (۳) چنڊو، پينگهي ۾ پڌرو. (۴) سانوڻ ماءُ سلونگڙي، تي لُڙهدا آيا جنڊا، سؤ ڪوهه دا ولا ماريونِ، ته به چنڊي ڪون مليا چنڊا. 52. چورن جا ڪپڙا، ڏانگن جا گز. (پهاڪو) چور، چوريءَ جي مال کي پهرين باهه ۾ ٿمائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. بعد ۾ حصا پتيون ڪرڻ وقت وڏو احتياط ڪندا آهن. ڪنهن ڄاڻوءَ يا سڄاڻ کان حساب ڪتاب به نه ڪرائيندا آهن. متان پول کلي پوي. چوريءَ جو ڪپڙو، نه درزيءَ کان ڪڇائيندا آهن، نه ئي گزن پيري ماپيندا آهن. ڌُڪي سان ٺهيل، ڪاٺ جي لٺين ۽ هٿن سان مئي کڻندا آهن. پئسن سان ورتل نه هئڻ ڪري، بيدرديءَ سان ڪڇي ورهائيندا آهن. مطلب: (۱) چوريءَ جي مال جو، قدر نه ٿيندو آهي. (۲) رشوت جي ڪمائيءَ تي ئي عياشيون ڪري سگهبيون آهن. 53. چهڙڪي ڪاتي، حلال ۾ به وهي ته حرام ۾ به. (پهاڪو) چهڙا / چوهڙا، هٿ جي ڪُٺيءَ کان علاوه، “الله جي ماري” به ڳولي هٿ ڪن. چمڙو، گوشت ۽ هڏا به ڪتب آڻين. سندن ڪاتيءَ جو اعتبار نه هوندو آهي. حلال ڍور تي به هلائين ته حرام مال تي به وهائين. حرام تي اڙهل ڪاتي، حلال تي وهائبي ته گوشت جو اعتبار نه رهندو. مطلب: (۱) منافق ماڻهو، دوستن سان به ٻِٽُ ته دشمنن سان به پورو هوندو آهي. (۲) منافق ماڻهو، ساڌن سان به سنمک ته پئنچن سان به پورو. (۳) موچڪي رنبي؛ حلال ۾ به وهي ته حرام ۾ به. (۴) ميلي/ بازار جي مٺائي؛ پي به کائي ته پٽ به کائي. (۵) رنڊيءَ وٽ، پيءُ به وڃي ته پٽ به. (۶) ڪُهين ته آپ ڪُهه، آڇ مَ چُوهيڙيان! (شاهه) 54. ڇا گڏهه، ڇا گلقند؟ (پهاڪو) گڏهه کي خوب گاهه چاري هٿ ڪڍبو ته به ڊڪي وڃي پُئيءَ ۾ / گونهن جي واڙيءَ تي بيهندو. چونڊي سڪل ڪرڦٽي پيو ڪرٽيندو. نرم نرم ڪين وڻندس. گلقند، مٺو ۽ نرم هئڻ ڪري، کيس وڻندو ئي ناهي. مطلب: (۱) ڪم ذات، تعظيم مان ڪين ڄاڻي. (۲) ڪتو ڇا ڄاڻي؟ ڪڻڪ جي مانيءَ مان. (۳) ڇا ڪوري، ڇا تراريون. (۴) ڇا ڪول، ڇا ڪول جو وزن. (۵) ڇا پدي، ڇا پدي جو شوروو. 55. ڇتي گدڙي، پنهنجي پُڇَ ۾ وجهي چَڪَ. (پهاڪو) جهنگلي جانورن ۾ گدڙ، ڊڄڻو ۽ چالاڪ آهي. ٻئي جو شڪار تاڙيندو آهي. سندس مادي ته ڏر به ڪين ڇڏيندي آهي. شڪاري چيڙائي ويندا اٿس ته پنهنجي ڪاوڙ پاڻ تي پئي هاريندي آهي ۽ پنهنجي پڇ ۾ پئي چڪ هڻندي آهي. ڇو جو منجهس مقابلي ڪرڻ جي سگهه نه هوندي آهي. مطلب: (۱) ڪمزور / بي پهچ ماڻهو، پاڻ کي ئي نقصان ڏيندو آهي. (۲) ڍڳو چريو ٿئي ته به گاهه چري، نٿ ڪين چري. (۳) ڏيڏري ڪاوڙ ۾ پاڻ ڦوڪي ڦاٽي مرندي، ٻئي کي ڪجهه نه ڪري سگهندي. (۴) قهرِ درويش، بر جانِ درويش. 56. ڇڄ پڏي، کارو پڏي، پروڻ ڇو پڏي، جنهن کي سَوَ ٽُنگ. (پهاڪو) ڇڄ، اَنَّ کڻڻ ۽ وائرڻ، ڇڙڻ ۽ ڇنڊڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. منجهس ڪوبه سوراخ وغيره نه هوندو آهي، جنهن مان ان وهي وڃي. کارو، ماني ۽ ٻوڙ ، مڇي يا ننڍا چوزا ڍڪڻ / واڙڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي. منجهس هوا لاءِ سوراخ هوندا آهن پر منجهانئن نقصان رسائيندڙ شيءِ پار نه ٿي سگهندي آهي. پرڻ، سوراخدار ڄاريءَ وانگر هوندو آهي، جيڪو ميدي جهڙين شين کي ڇاڻڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي. منجهس مٿين ٻن جي مقابلي ۾ تمام سنھا پر گهڻا ۽ گهاٽا سوراخ هوندا آهن. تنهنڪري کيس ٻين مٿان فوقيت ڪرڻ نه گهرجي. مطلب: (۱) عيبدار ماڻهوءَ کي ئي ٻين ۾ عيب نظر ايندا آهن. (۲) مينهن ئي ڳئونءَ کي چوندي آهي، “هل پڇ ڪاري!” (۳) پرڻ ٿو چوي ڏونگهي کي، “هل ٽِه- ٽُونگا.” 57. حق جي مار، خبر نه چار. (چوڻي) عورت جو مرد سان نڪاح ڪرڻ يا مرد جو عورت سان نڪاح ڪرڻ، حق ڪرڻ يا شرعي حق ڪرڻ آهي. نڪاح کان پوءِ مرد تي جوابداريون وڌي وڃن ٿيون. جنهن سبب سندس اٿڻي ويهڻيءَ ۾ وڏو ڦيرو ايندو آهي. جيڪڏهن سڌري نه هلندو ته حق / رب طرفان سخت پڪڙ ٿيندس. ڇڏائڻ وارا کٽي ويندس. طرفين يا زوجين (Spouses) لاءِ لازمي آهي ته امانت ۾ خيانت نه ڪن. مطلب: (۱) ضائفاڻي مار، خبر نه چار. (۲) سوڙ جي مار، خبر نه چار. (۳) عقل جي مار، خبر نه چار. (۴) انڌي جي مار، خبر نه چار. (۵) علم جي مار، خبر نه چار. (۶) بستري / اندر جون مڪون، اندر ۾. ڀيٽيو: پيٽ جي مار، خبر نه چار. 58. داڻو هِڻ هِڻ ته لغام به هِڻ هِڻ. (پهاڪو) هڪڙي همراه، شوق مان گهوڙو ڌاريو. روزانو کيس خوب داڻو کارائي، کرکنا هڻي پيو مالشون ڪندو هيو. جڏهن گهوڙو سواريءَ لائق ٿيو ته هڪ ڏينهن، چڙهڻ لاءِ وات ۾ لغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائينس. گهوڙو واڳ وجهڻ ئي نه ڏئيس، رڳو پيو هِڻڪي. “داڻو هِڻ هِڻ نه، باقي لغام هِڻ هِڻ!” هِڻڪارڻ تي مالڪ ٽوڪيندي، ڳچيءَ ۾ ڀاڪر وجهي، لغام جي ڪڙي زبردستيءَ اڳين ڏندن وٽان ٽپائيندي چيس، “داڻو هِڻ هِڻ ته لغام به هِڻ هِڻ!” مطلب: (۱) جنهن جو احسان کڻجي، ان جو موٽائجي به. (۲) داڻي تي خوش خوش، چاقوءَ تي چين چين. (۳) احسان لاهي نه سگهجي ته ڳائجي ضرور. 59. درياهن جا منهن، ڪنهن بند ڪيا آهن؟ (پهاڪو) آڳاٽي دور ۾، درياهه شاھ، دادلي پٽ وانگر، ارڏو هوندو هو. آبڪلاڻيءَ جي مند ۾، جيڏانهن رخ رکندو هو، تيڏانهن راهه ٺاهيندو ويندو هو. سدائين پيو رخ ڦيريندو هو ۽ روڪڻ لاءِ مٿس بند ٻڌي نه سگهبا هئا. کوهن/ درياهن مان پاڻي کڻڻ لاءِ ڪنهن تي به جهل پل نه هئي. هاڻي بچاءَ بند (Protection Bund)، اَڙ (Spur)، رنڊ (Wier)، بيراجن (Barrages)، دورازن (Gates) ذريعي درياهه کي سوڙهو ڪيو ويو آهي. مستي ئي مري وئي اٿس. نه رخ مٽائڻ جي سگهه اٿس، نه ئي سمنڊ تائين نِيڻ لاءِ پيٽ ۾ پاڻيءَ ڦڙو بچيو اٿس. واٽ تي ئي پاڻيءَ جا حصا پتيون ٿي ٿا وڃن. مطلب: (۱) ماڻهن ۽ کوهن جا وات، ڪنهن به بند نه ڪيا آهن. (۲) نيڪيءَ جي ذريعن کي بندَ نه پوندا آهن. 60. درياهن ۾ ڪالَ، ربوءَ جي ماءُ ڀي تاري. (پهاڪو) ربوءَ نالي ڏٻرڙو همراهه هو، اڏ به ٽپي نه سگهندو هو. جڏهانڪر، درياهه تي بند ٻڌي، ڍنڍون (Dams) يا (Impounding Reservolors) ٺاهيا اٿن ۽ پاڻي مٿي جهلجي ويو آهي، تڏهانڪر ربو به مڙس ماڻهو ٿي پيو آهي. درياهه جي پِني ٻوڙ پاڻيءَ منجهان، ماءُ کي ڪلهي تي ويهاري ور کِنجي پار پئجيو وڃي. مطلب: (۱) جڏهن حالات ڪمزور ٿيندا آهن، تڏهن ڏٻرڙا به مڙس ماڻهو ٿي پوندا آهن. (۲) جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت. ڀيٽيو: ملڪ وچ تپ تپالي، ته مَستي موهر هالي، جي ملڪ وچ خيرصليٰ، مار مَستي جي منهن تي کلا. 61. دڳ ويندي سَرَ سُوٽي، سو ڀي ڪَپوٽي. نيچا ٻهي اونچا مُوٽي، سو ڀي ڪَپوٽي. (چوڻي) سَرَ ۾ ڇڙو هٿ وجهبو ته به چيريندو. جيڪڏهن سر کي سٽ ڏئي سُوٽبو ته تري ئي چيرجي ويندي. رت ٺينديون ڪري وهندو. اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ واروبه ڪَپُٽ آهي. هيٺ ويهي، آسمان ڏانهن مُهڙ ڪري پيشاب ڪبو ته موٽي منهن ۾ نه پيو ته جسم تي ڇنڊا ضرور لڳندا. اهو ڪڌو ڪم ڪرڻ وارو به ڪپٽ ئي ٿي سگهي ٿو. مطلب: (۱) جو اُڀ ۾ ٿڪ اڇلائي، سو منهن ۾ پائي. (۲) پُٽ ڪَپٽ، پينگهي ۾ پڌرا. (۳) هٿ نه وجهجي سَرَ ۾، نانگ نه وجهجي وَرَ ۾، گهوڙو نه ٻڌجي دَرَ۾، ڌاريو نه آڻجي گهر ۾. 62. دلي ۾ داڻا، ڪُڏن ڪُٽاڻا. (پهاڪو) ڇڄ / کارا ٻَڌندڙن کي “ٿوري” يا “ڪُٽاڻا” سڏبو آهي. ڍيڍن يا ماڙيچن منجهان هوندا آهن، ڇڄ ٻڌي يا کارا ٺاهي، پيٽ گذر ڪندا آهن. اَنَّ جون گنديون يا پليون ڀري ڪين رکندا آهن. جيڪڏهن دلي ۾ رکڻ جيترا اَنَّ جا داڻا ملندا اٿن ته به بيهي ٽپ ڏيڻ شروع ڪندا آهن ۽ خوشي ملهائيندا آهن. مطلب: (۱) بيوقوف کي ٿوري دولت هٿ اچي ته بودايون ڪري. 63. ڏاڍو ماري، رووڻ ڀي نه ڏئي. (چوڻي) ڏاڍو يا ظالم، اندر ۾ بزدل هئڻ سبب، ٻين تي ڏاڍ / جبر ڪندو آهي. مظلوم کي دانهون ڪرڻ يا فرياد ڪرڻ به نه ڏيندو آهي. ڀؤ هوندو اٿس ته متان مٿس جوابي ڪارروائي ٿئي. مطلب: (۱) ظالم، جوابي حملي کان ڊڄندو آهي. تنهنڪري مظلوم جو آواز گهُٽڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. (۲) ظالم کي، ڊگهو رسو مليل آهي. (۳) ظلم قائم آهي، ظالم قائم ناهي. (4) Cowardice is mother of cruelty. 64. ڏاڍي نال وَپار، ڏيندي گهندي سائين. (چوڻي / پهاڪو) ڏاڍي سان واپار ڪرڻ چڱو ناهي. مال ڏيڻ وقت به کيس سائين سائين ڪرڻو پوندو ته مال وٺڻ وقت به. پئسا ڏيڻ وقت به واهگرو ته وٺڻ وقت به ايلاز منٿون. ڏاڍي سان ڪو به تعلق چڱو ناهي. منجهانئس چڱائي ٿيڻي ئي ناهي. مطلب: (۱) ڏاي سان نه مٽي چڱي، نه رشتيداري چڱي. (۲) ڏاڍو / ظلم، ڏيتي ليتيءَ ۾ کوچرائپ ڪندو آهي. 65. ڏندو جي زال، سدائين نهال. (چوڻي / پهاڪو) هر عورت اهو پسند ڪندي آهي ته سندس مڙس، ڏانهنس کلي / مشڪي ڏسي. اها سعادت ڏندري جي زال کي مفت ۾ مليل هوندي آهي. مڙس جي، فطري طور وڏن ڏندن کي، کلندڙ چهرو سمجهي مٿس نهال / ٻلهار پئي ٿيندي آهي. مطلب: (۱) ڏندوءَ جي زال جي خواهش پئي پوري ٿيندي آهي. (۲) ڪي ماڻهو چڱي مهانڊي سبب ٻين جو قرب حاصل ڪندا آهن ته ڪي سادڙي شڪل سبب، ماڻهن جي نفرت جو شڪار ٿي مانيءَ لاءِ محتاج ٿي ويندا آهن. (۳) پٺاڻ کان پڇيائون، “لالا!روتا ڪيون هي!؟” “ماڙا روتا ڪهان هي!” پٺاڻ اڃا شڪل بڇڙي ڪندي جواب ڏنن، “شڪل ايسا هي!” 66. ڏوهل، سدائين ڏٻري. (پهاڪو) هر پيٽ تي لاڳيتو کير ڏهائيندڙ مينهن / ڳئونءَ کي ڏوهل سڏبو آهي. مسلسل ٿڻن مان کير ڏيڻ سبب، بت تي نه رت چاڙهيندي آهي ۽ نه ماس. کل مان به چمڪ نڪري ويندي اٿس. شڪل مان ڏٻري پئي نظر ايندي آهي. مطلب: (۱) ٻين لاءِ قرباني ڏيندڙ وٽ، بئنڪ بيلنس نه هوندو آهي. (۲) سخين وٽ، مال ملڪيت ڪٺا نه ٿيندا آهن. 67. ڏيڏر ٽپ جوئار، ڪوئي ڪوئي ٿڏا واڙ. (چوڻي) فصل مان چڱي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ، ان جي پوکي واري ترتيب تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڏيڏر جي ٽپ جيترو جوئر جا ڪانا هڪٻئي کان پري هوندا ته پئداوار سٺي لهندي. نه ڪانو سنهو ٿيندو ۽ نه سنگ. اڃا ڇڊي پوک هوندي ته وري مجموعي پيداوار گهٽ لهندي. واڙ: وونئڻ به ڪٿي ڪٿي ٿُڏو هوندو ته ڇَٽو / جهڳٽو هڻي ٻوڙو ٿيندو. ڏينو وڏا ۽ ڦُٽي سٺي لهندي. منجهس گُڏَ ڪرڻ ۽ هَرُ ڏيڻ سهنجا ٿيندا. گهاٽو فصل، مجموعي طور گهٽ پيداوار ڏيندو آهي. مطلب: (۱) آمون، ڏهه گامون. (۲) ڇڊي پوک، ٿلها سنگ، گهاٽي پوک، سنها سنگ. 68. ڏيڻ هيانءَ هيٺان آهي. (چوڻي) پياري شيءِ دل / هيانءَ هيٺان رکبي آهي. اها ڏيڻ ڏاڍي ڏکي لڳندي آهي. پنهنجي شيءِ ٻئي کي ڏيڻ، جگر جو ٽڪرو ڪٽي ڏيڻ برابر آهي. مطلب: (۱) ڏيڻ، ڏاڍو ڏکيو آهي. (۲) ڀتين تان ڀَتَ، ڪير نه اڇليندو آهي. (۳) وٺڻ سولو، ڏيڻ ڏکيو. (۴) ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ، ٽيئي ڪم ڏکيا. 69. راڄ ستار، ڪاسبي اٺار. (چوڻي) منجهانئس ٻه مرادون آهن. (ا) راڄ جا ماڻهو، ڪاسبيءَ جي ستاري ڪندڙ يعني عيب ڍڪيندڙ آهن. جڏهن ته ڪاسبي / ڪم ذات: لنگهو، مڱڻهار، بهشتي، ڪنڀر، موچي، ماڇي، ڪوري وغيره راڄ وارن جا عيب ڦولهيندڙ هوندو آهي. (ب) راڄ وارا جيڪڏهن تعداد ۾ ستارنهن (سترنهن) آهن ته ڪاسبي انهن کان هڪ وڌيڪ يعني اٺارنهن (ارڙهن( آهن. مطلب: (۱) ڪاسبيءَ سان پڄي ڪين سگهبو. (۲) ڪم ذات، سکرن کان تعداد ۾ گهڻا آهن. 70. رَتُ، راڻو آهي. (چوڻي) ڍور ڍڳو ڪم ڪار لاءِ ڌاربو آهي. رڍ / ٻڪري، کير، گوشت ۽ ڏاس لاءِ. مينهن / ڳئون، کير ۽ واپار لاءِ. منجهانئن اهو ڍور/ وهٽ، ڌڻين کي وڻندو آهي، جنهن ۾ رتُ هوندو ۽ سگهو هوندو. جڏهن ته ڪمزور جانور مان مالڪ به بيزار هوندا آهن. يڪدم ڪاسائيءَ جي حوالي ڪندا اٿس. مطلب: (۱) رتَ ستَ وارو مال، مالڪن کي راڻن وانگر، پيارو لڳندو آهي. (۲) رت وارو جانور، سهڻو لڳندو آهي. 71. رُٺا يار، گراهه ڳڻين (پهاڪو) يار / دوست ريڌل هوندو ته هر شيءِ پيو پيش ڪندو. اولَ- گهولَ پيو ويندو. ڏسي پيو ٺرندو. جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو. رُسندو ته ٽڪي ٽڪي جو حساب پيو ڪندو. سنگت ۾ کارايل مانيءَ جا به ڍيڪ پيو ڏيندو. ٻئي وٽ ٿيل دعوت ۾ به ويٺو گرهه ڳڻيندو ۽ ڳڻي ڳڻي لوڪ آڏو گلاھاب ڪندو. مطلب: (۱) سنگت ۾ حساب ڪتاب، رٺل ئي ڪندا آهن. ڀيٽيو: ٻين سان پنج، يارن سان ڪيها پنج. 72. رٺي جو ڀاڱو، مٺو. (چوڻي) گهر ڀاتين کان رسي ماني نه کائيندڙ جي حصي جا هسوار ٻيا گهر ڀاتي ٿي پوندا آهن. هر ڪو رٺل جي ڀاڱي جي طلب ڪندو آهي. گڏيل ڪاروبار مان حصو ڇڏيندڙ جي ڀاڱي جا به ڪيئي طلبگار ٿي پوندا آهن. حاصل ڪرڻ لاءِ جتن پيا ڪندا آهن. مطلب: (۱) رسندڙ جو حصو، سڀني کي مٺو لڳندو آهي. 73. رڍ ڏئي کير، اهو ڀي ڦيڱڻين هاڻو. (پهاڪو) رڍ جي پول ۾ ڦولهڙيون چنبڙيل هونديون آهن. جيڪي لهي اوهه کي به چنبڙي پونديون آهن. صاف ڪرڻ جي باوجود کير ۾ هَوَڙَ ضرور رهندي آهي. جنهن سبب رڍ جي کير جو ذائقو مينهن ۽ ڳئون جي کير کان مَٽَ هوندو آهي. ذائقي ۽ بوءِ مٽ ٿيڻ سبب، ڪيترن ئي ماڻهن کي رڍ مان ڏڌل کير پسند نه ايندو آهي. مطلب: (۱) رڍ جي کير ڏيڻ واري چڱائي، ڦولهڙين جي بانس سبب، اهميت گهٽائي ويندي آهي. (۲) چڱائي ڪري کوهه ۾ اڇلجي، ڍيڪ نه ڏجن. (۳) چڱائي ڪندڙ کي طعنا / مِهْڻا ڏيڻ، زيب نه ٿا ڏين. 74. ساڌن جو ڇا سواد سان؟ (پهاڪو) ساڌو، هندن جا فقير آهن، جيڪي دنيا کي تياڳ ڏيڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ تپسيا ڪندا آهن. انهن جو ذائقي ۽ سواد ڏانهن ڌيان نه هوندو آهي. جيڪڏهن اوڏانهن خيال ڪن ٿا ته پڪ ساڌو ناهن. مطلب: (۱) پارسا سڏائيندڙ کي، دنياداريءَ جي جنجهٽ ۾ نه پوڻ گهرجي. ڀيٽيو: ڪوئي مري ڪوئي جيوي، سٿريا گهول پتاشا پيوي. 75. ستل اون مئل، هڪ مثال. (چوڻي) ستل جو به روح قبض ڪيو وڃي ٿو. نند مان اٿڻ وقت واپس وڌو وڃي ٿو. ڪن جو روح واپس نه به وڌو ويندو آهي. ننڊ کي موت جي ڀيڻ ان ڪري سڏيو ويو آهي. ننڊ واري جو مئل وانگر، دفتر به بند هوندو آهي. مطلب: (۱) جهالت جي ننڊ ۾ ستل قوم، مئل وانگر ۽ سجاڳ قوم زنده مثل آهي. (۲) سستي ۽ ننڊ، آرس ۽ ڪم همتي، قوم جي تباهيءَ جون نشانيون آهن. 76. سڃي کي نه هيٺين واٽ ڀؤ نه مٿين. (پهاڪو) خراب رستي تان ڦُرجڻ جو ڀؤ، ان مسافر کي هوندو آهي، جنهن کي قيمتي سامان ساڻ هوندو آهي. سڃي ۽ سکڻي کي نه مال هوندو آهي ۽ نه ڦرجڻ جو ڀؤ هوندو اٿس. ان لاءِ هڙئي رستا هڪجهڙا آهن. مطلب: (۱) سج لٿي کان پوءِ دير ناهي، ڦُرئي کان پوءِ ڀؤ ناهي. (۲) ڍڳو نه ڍور، ڇا ڪاهيندو چور؟ (۳) ڪڏهن ڪڏهن سڃائي به ڪم اچي ويندي آهي. ڀيٽيو: سک سمهن ڪنڀار، چور نه چائن مٽي. 77. سر وڃي، سرواهه نه وڃي. (پهاڪو) سِرواهه؛ جان جي واهت ڪندڙ اوزار، جهڙوڪ؛ ڍال، ترار، بندوق وغيره. ان سان پنهنجي جان جي حفاظت ته ڪري سگهبي پر اهل و عيال جي به ڪري سگهبي. جيڪڏهن هٿيار، هٿان هليو ويو ته پوءِ قوم ۽ ملڪ جي حفاظت نه ڪري سگهبي. مطلب: (۱) ٻين جي حفاظت لاءِ ڌاريل هٿيار، ضايع ڪرڻ کان جان ڏيڻ چڱي آهي. (۲) دشمن کي هٿيار تائين پهچڻ نه ڏجي. (۳) سِرُ ڏجي، سُرُ نه ڏجي. 78. سک سمهن ڪنڀار چور نه چائن مٽي. (پهاڪو) ڪنڀر جو ڪم، مٽيءَ جا ٿانوٺاهڻ آهي. مٽيءَ جا ٿانءَ، قيمتي وٿ ناهن. جڏهن ته چور چڱي مال کي تڪيندو آهي ۽ ڀريل ڀڪيل گهر ۾ کاٽ هڻندو آهي. سڃي ماڻهوءَ جي گهر ۾ ڪير به کاٽ نه هڻندو آهي. مطلب: (۱) سڃي کي نه چور جو ڀؤ، نه ٻوڏ مان نقصان ۽ نه ئي باهه مان خطرو. (۲) سک سمهه ڙي ڪنڀار، تنهنجا ڪچا ڪير نه نيندو. ڀيٽيو: سڃي کي نه هيٺين واٽ ڀؤ، نه مٿين. 79. سکڻ ۾ ڪهڙو شرم. (چوڻي) ارسطوءَ لاءِ مشهور آهي ته ستر سال جي عمر ۾ اڇي ڏاڙهيءَ سان گٽار وڄائڻ پئي سکيائين ته ڪنهن دوست ٽوڪيندي چيس، “هن عمر ۾ گٽار وڄائڻ پيو سکين! شرم نه ٿو اچئي!” “ها شرم ته اچي ٿو! پر ان وقت ڏاڍو ايندو آھي!” ارسطوءَ دليل ڏيندي چيس، “جڏهن محفل ۾ سڄي سنگت گٽار وڄائڻ کان پوءِ چوندي آهي؛ هاڻي تون اچي وارو وٺاءِ! ان وقت شرم ڏاڍو ايندو آهي. هاڻي، سکڻ ۾ ڪهڙو شرم آهي؟!” مطلب: (۱) سکڻ لاءِ، ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين جو وقت آهي. (۲) سکڻ يا علم پرائڻ ۾، لڄ نه ڪرڻ گهرجي. 80. سنجهي جي مئي کي، ڪيترو روئبو؟ (پهاڪو) مرڻ وارن جي پويان روئڻ ۽ ڏک ڪرڻ جي به هڪ حد هوندي آهي. جذبات ۾ پهرين مٿو ٽڪرائبو، پوءِ منهن ۾ چنبا هڻبا. پار ڪڍبا، ڳوڙها وهائبا. نيٺ سڏڪي سڏڪي چپ کڻي ڪبي. شريعت به ڍڪ رکڻ خاطر، ڏک ڪرڻ يا تڏو وڇائڻ جي ٽن ڏينهن تائين حد مقرر ڪئي آهي. سانجهيءَ ڌاري عزيز مري وڃي ته سڄي رات ويهي ڪير به ڪونه روئندو آهي. ٿوري وقت ۾ ئي ڍنڍڪرون ڏئي ماڻهو ماٺ ٿي ويندو آهي. مطلب: (۱) ڏک ڪرڻ لاءِ موقعو ڀلي گهڻو ملي، پر ڪبو حد اندر آهي. (۲) مرندڙن پويان، ڪير به نه مرندو آهي. (۳) آڳاٽي پيل نقصان لاءِ ڪير به پنهنجو قيمتي وقت، پڇتائڻ ۾ ضايع نه ڪندو آهي. 81. سوڌا هجن سپرين ته جوٺا پيا جک مارين. (چوڻي) پيارا پرين، من گهريا محبوب، جيڪڏهن سچا هجن ته ڏکين حالات جي پرواهه ڪير به نه ڪندو آهي. نه ئي ڪوڙا ماڻهو ورغلائي سگهندا ۽ نه ئي مخالفن جون ميارون کڻڻيون / سهڻيون پونديون. مطلب: (۱) يار سچا آهن ته دشمن جي پرواهه ناهي. 82. سهري گهر ڄانٽو، ڪتي جي آچار (چوڻي) ڄانٽو / نياڻو، شادي ڪرڻ کان پوءِ ساهري گهر جو مالڪ يا وارث نه ٿيندو آهي. نياڻيءَ جي مڙس هئڻ ڪري، کيس عزت تعظيم ته ملندي آهي پر گهر ۾ پُٽ واري حيثيت نه هوندي اٿس. نه کيس ساهري گهر بابت پوري حقيقت جي ڄاڻ هوندي آهي، نه ئي سندس ڪو حڪم هلي سگهندوآهي. مطلب: (۱) نياڻو پنهنجي گهر جو وڏو ٿي سگهي ٿو، ساهري گهر جو نه. (۲) پٽ پيٽئون، ناٺي نيڻئون. (۳) ڄاٽا، ابتا ڏاٽا. 83. عاشقن ٻڌيون ڪمرون، دلي اڍائي ڪوهه. (چوڻي / پهاڪو) عاشق، عشق جي جنون ۾ جڏهن محنت ڪندو آهي ته سهولتين کي ڪونه ڏسندو آهي. جنهن ڪري قدرت به مٿس مهربان ٿي پوندي آهي. جبل کي ٽاڪڻ عاشق جو ڪم، کير جي ندي وهائڻ قدرت واري جو ڪم. سمنڊ جو پاڻي ڌنئڻ عاشق جو ڪم، هر لپي سان موتين جو ٻڪ اڇلڻ قدرت واري جو ڪم. عاشقن وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. صحرائن مان، موتي به ميڙي آيا آهن ته عشق ۾ ملڪن جو بادشاهيون به تياڳي ڇڏيون اٿائون. سندن همت آڏو، ٻيلو به ٻه ٻرانگهون ۽ دهلي به اڍائي ڪوهه آهي. مطلب: (۱) عاشق لاءِ سوري سيج ۽ وِههُ امرت برابر آهي. 84. عشق، هٽ بازار جو سودو ناهي. (چوڻي) عشق، دل جو لطيف جذبو آهي. جيڪو قدرت طرفان عطا ٿيندو آهي. عشق ۾ عاشق پنهنجي پاڻ کي ٻڌو ٻانهو سمجهندو آهي. کيس پنهنجا هٿ پير ٻڌل نظر ايندا آهن. سندس عضوا سندس وس ۾ ئي ڄڻ نه هوندا آهن. عشق ڪيو نه ويندو آهي پر ٿي ويندو آهي. عشق نباهڻ پڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مطلب: (۱) اول سانگو سر جو لاهِ، پوءِ ڀلي عشق کي هٿڙو لاءِ. (۲) عشق ناهي راند، جيئن ڳڀرو کيلين، سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي. (۳) عشق پر زور نهين، يه وه آتش هي، جو لڳائي نه لڳي، بجهائي نه بني. (۴) عاشقان را شش نشانيان است پسر، آه سرد، رنگ زرد، چشم تر، آه زاري، بيقراري، بي قدر. 85. ڪاڏي الله جي الاهي، ڪاڏي جهِلار جا مُنا. (پهاڪو) کوهه مٿان چاڙهيل چرخيءَ کي نار ۽ کوهاڏي مٿان چاڙهيل چرخيءَ کي جهلار سڏبو آهي. جهلار جي چرخين جو وزن، ٻن ڪاٺ جي ٿوڻين ذريعي زمين ڏانهن منتقل(Transmit) ڪبو آهي، انهن کي مُنا چئبو آهي. مُنا چڱي طاقت رکندا آهن. ساري ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ، هڪ الله آهي. ساڻس ڪنهن شيءِ جي ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي. پنهنجي ذات ۽ صفات ۾ بي مثل آهي. ليس ڪمثله شيءِ. دنيا ۾ جن به شين کي طاقت يا سگهه ميسر / عطا ٿيل آهي، سا پڻ الله طرفان ٿيل آهي. مطلب: (۱) الله ﷻ جي طاقت سان، ڪنهن به طاقت کي ڀيٽي نه ٿو سگهجي. (۲) ڪاڏي احمد ميان سومرو، ڪاڏي گوشو ڊرائيور. 86. ڪال ويسي، سُڪال ويسي، چت سڙي دا داڳ نه ويسي. (پهاڪو) ڪال؛ ڏڪر ۽ سڪال؛ سڪر وغيره سدائين نه رهندا آهن. اڄ آهن سڀاڻي نه هوندا. ڏُڪر هوندو ته سُڪر ڀڄي ويندو. سُڪر ايندو ته ڏئڪر بَرِ منهن ڪري ويندو. سک / ڏک سدائين نه ٿا رهن. جسم جي عضون تي تڪليفن سبب ٿيل زخم يا نشان سدائين لاءِ ڇپجي وڃن ٿا، ختم نه ٿا ٿين. مطلب: (۱) ڪنهن جو به احسان، دل تان ميسارجي نه سگهندو آهي. (۲) رڻا ڇٽي وڃن، وڻا ڪين وسرن. (۳) ڦٽ ڇٽي وڃن، داڳ ڪين لهن. 87. ڪانءَ، ڪراڙ، ڪتي تي، پت نه ڪجي ستي تي. (چوڻي) (ا) ڪانءَ جي عادت آهي، جهپڙ ڏئي ٻار جي هٿن مان لولا ڦرڻ. (ب) ڪتو به عادت کان مجبور آهي. کاڌي جي شيءِ خاص طور گوشت تي لُوهه ضرور ڏئي. (ج) ڪِراڙ؛ وياجي واڻيو، وياج وٺڻ کان ڪين مڙندو. پنهنجي دوستن / مائٽن مان به ڪين ٽرندو. (د) ستل ماڻهوءَ کان به ڪو ڪم سرانجام نه ٿيندو. مطلب: (۱) مٿي ٻڌايل چئني تي ڀروسو / اعتماد نه ڪجي. نه ئي سندن ويجهو وڃي پاڻ ڦُرائجي. 88. ڪَڇُڙ واري کي ڇڏي، پيٽ واري جي ڳڻتي نه کائجي. (پهاڪو) ڪَڇُڙ يا ڪڇ واري ٻار جي پرگهور لهڻ، ماءُ لاءِ اشد ضروري آهي. کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي ۽ صفائي سٿرائي لاءِ اهو اڃا سندس محتاج آهي. ڇو جو ابھم کي اڃا انهن ڪمن ڪرڻ جي سگهه ناهي. پيٽ واري جي پلجڻ لاءِ، الله سائينءَ اڳواٽ ئي بندوبست ڪيو آهي. فطري نظام تحت کيس گهربل خوراڪ وغيره ملي ٿي پئي. مطلب: (۱) معذور / محتاج جو خيال رکڻ گهرجي. (۲) ايندڙ کان وڌيڪ، موجود شيءِ جي پرگهور لهڻ گهرج. (۳) آنن ڦٽڻ کان اڳ، چوزا ڪين ڳڻجن. (4) Don’t count chikens, before hatchet. 89. ڪنڌي کون پار، ڌُر قنڌار. (چوڻي) گهر جي عالم پناهه / چوديواريءَ مٿان ٺاهيل ڪانن جي اولي کي ڪنڌي ڪوٺبو آهي. جيڪا پردي يا پناهه خاطر ڏبي آهي. گهر ڀاتي، ڪنڌيءَ کان نڪتو ته ڄڻ پري ٿيو. ايترو پري جيترو قنڌار پري آهي. مطلب: (۱) گهران نڪري ويل عزيز کي پهرين دل ۾ ساربو آهي. نيٺ دل تان ياد به لهي ويندو آهي. (۲) ڪنڌارئون پار، ڌر قندار. (۳) جو چلهه تي سو دل تي، چلهه کان دور سو دل کان دور. (۴) ڪنڌي کون پار، قنڌارئون پار. 90. ڪوري چڙهيا شڪار، موليٰ خير گذار. (چوڻي) ڪپڙو اُڻي پنهنجو پيٽ گذر ڪرڻ وارا ڪوري، پنهنجي جوڙيل ڪپڙي کي وقت سر نيڪال ڪرڻ جي اون ۾ ھوندا آهن، ٻئي سان سينو ساهيندا ته گراهڪي خراب ٿيندن ۽ روزيءَ تي لت اچي ويندن. دشمني ڪرڻ سان، ڪپڙي جو وڪرو بند ٿي سگهي ٿو. مخالف باهه سان ساڙائي به سگهن ٿا. رکئي خراب به ٿي سگهي ٿو. انهيءَ اون ڪري، ڪوري ڪنهن سان به ڪين ڦٽائيندا آهن. سي شڪار وري ڪيڏانهن ڪندا؟ مطلب: (۱) ڪمزور، ڪڏهن به جهيڙو نه چاهيندو آهي. (۲) ڇا ڪوري، ڇا ترارون. 91. ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شترا گهول پتاشا پيوي. (پهاڪو) آڳاٽي دور ۾ هندن جا ڪي فقير، پاڻ سان مختصر سامان کنيو، اڄ هِن شهر سڀان هُن شهر ۾، پيا هلندا هئا. ڪنهن جي مراد پُني يا عزيز فوت ٿيو، ٻنهي حالتن ۾ کانئس پتاشن جو شربت طلبيندا هئا. اهڙن فقيرن کي شترو سڏبو آهي. مطلب: (۱) فقير هر حال ۾، اکيون ٻوٽي پيا مال وٺندا آهن. 92. کٽائو پٽ، پيارو. (چوڻي) هر ماڻهوءَ کي ڪاميابي پسند هوندي آهي. دنيا جي ڪاميابي، ڌن دولت ۾ نظر ايندي آهي. هر ڪنهن جي ڪوشش ڌن ميڙڻ يا ڌن واري سان تعلق قائم ڪرڻ ۾ هوندي آهي. پٽن منجهان به اهو وڻندو آهي، جيڪو کي کارائي. نڪمو پٽ به ڪنهن کي ڪين وڻندو آهي. کيس اٽي تي چٽي سمجهيو ويندو آهي. مطلب: (۱) اولاد به فائدي وارو وڻي ٿو. (۲) پٽ کٽيءَ وارو، ننهن لڌي واري. (۳) پٽ ڪاڻو، ته به کاٽو ڀلو. 93. کلو، پنجون پير. (چوڻي) دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي، دين ۾ رکيل آهي. دين تي صحيح نموني هلڻ لاءِ ڪامل مرشد يا پير جي هٿ تي بيعت ڪرڻ ضروري آهي. پير جو چيو يا حڪم، هر ڪو مڃيندو آهي. ڪير جيڪڏھن ڪو ڪم نه ڪندو آهي يا جهيڙو نه ڇڏيندو آهي ته کيس چئبو آهي، “اٿئي ڪو پير مرشد ڪن نه!؟” اهڙيءَ طرح چئني طرفن ڏانهن ڪونه ڪو مرشد مڃي، گهٽ ۾ گهٽ چار پير سمجهيا ويندا آهن. پير کان پوءِ وڌ ۾ وڌ حڪم ڏنڊي جو هلندو آهي. ان کي به پنجين پير جي حيثيت حاصل آهي. مطلب: (۱) مار به هدايت جو سبب ٿئي ٿي. (۲) مار، ڀوت ڀڄايو ڇڏي. (۳) مار، ڏاتار آهي. (۴) عرشان لٿيان چار ڪتابان ، پنجوان لٿا ڏنڊا، ڪتابان اوھ نه ڪيتا، جو ڪيتا ڏنڊا. 94. گابا هَرَ وهن ته ڏاندن کي ڪير پڇي؟ (پهاڪو) هَرَ وھڻ لاءِ، طاقت ۽ آزمودو درڪار آهي. جيڪو ڪنهن ڏاند ۾ ٿي سگهي ٿو، گابي ۾ نه. گابو اڻ آزمودگار ۽ سيکڙاٽ هئڻ سبب، هَرُ نه ڪاهي سگهندو. ملهه وڙهڻ به آزمودگار ملهن جو ڪم آهي. سيکڙاٽ ۽ ناتجربيڪار جو ڪم ناهي. مطلب: (۱) وڇِ، کير ڏئي ته مينهن ڪير ڌاري. (۲) جنهن محفل ۾ پير مرد ناهي، ان ۾ ڪو نه ڪو ڪم ضرور کري. (۳) پوڙهو اٺ، ٻه ڪنواٽ لهي. 95. گهوڙن جون لتون، گهوڙا جهلين يا ٻيڙا جهلين. (پهاڪو) گهوڙي جي لت، ڳؤري ٿيندي آهي، جنهن کي لڳي تنهن کي اڏائي ڇڏيندي آهي. گھوڙا ڊوڙڻ وقت، جبلن جي پٿرن مان به چڻنگون ڪڍي ڇڏيندا آهن. گهوڙن جي لت يا اهڙي طاقت رکندڙ گهوڙا جهلين يا اهي جنگي ٻيڙا جهلين، جن منجهه جنگي گهوڙا کڻي هلبا آهن. مطلب: (۱) گهوڙا ۽ ٻيڙا، وڏا بار کڻي سگهن ٿا. (۲) طاقت جو ايڪو (unit) گهوڙي جي طاقت (Horse Power) سان ڀيٽي لڳايو ويندو آهي. 96. ڳنا آڀون هارين کاڌا، پڇڙ کاڌا جهار، ڇا کڻي زميندار، ته ڇا وٺي سرڪار. (پهاڪو) هڪڙن هارين ڪمند ڪاهيو. ڳنا پاڻ کائي ويا ۽ پڇڙ مال کان ڀيلائي ڇڏيائون. ڪڻڪ پوکڻ پڄاڻان آڀون ۽ اَنُّ پاڻ کڻي ويا. باقي تيلا جهار جي حوالي ڪري ڇڏيائون. بٽئيءَ وقت نه زميندار کي حصو ڏنائون ۽ نه ئي وري سرڪار کي ڍل ڏنائون. جنهن تان زميندار ٽوڪ ڪندي ائين چين. مطلب: (۱) وقت کان اڳي ملڪيت کائبي ته ندامت ڏسڻي پوندي. 97. لک جي ڇانءَ تي، ڪتو به ويهندو آهي. (چوڻي) (ا) لک روپئي جو ريزو، آڌين، پائلين، ڏهه پيسين، ٻِه- پائين ۾ ڪرائي ڍير ڪجي ته ان ڍير جي پاڇي واري ڇانءَ ۾ ڪتو به آرام ڪري سگهي ٿو. (ب) ڇانءَ؛ لکن روپين جي قيمت واري آهي. جنهن جو قدر صحرائن ۾ هلندڙ کي هوندو آهي. اها به ڪتي جهڙي جانور کي مفت ۾ ميسر هوندي آهي. مطلب: (۱) قيمتي شيون، قدرت طرفان مفت ۾ ميسر ٿيل آهن. 98. لک مري، لک پال نه مري. (چوڻي) لک پال: سخي مڙس جي ڪمائيءَ تي لکين ماڻهو پلبا آهن. جيڪڏهن عام رواجي لک ماڻهو مري وڃن ته سندن لاءِ ايترو گڏيل ڏک نه ڪيو ويندو آهي، جيترو هڪ سخي مڙس لاءِ ڪيو ويندو آهي. سخي الله ﷻ کي پيارو آهي، پوءِ ڀلي کڻي فاسق هجي. وقت تي سر ڏيندڙ هوندو آهي ۽ ڪنجوس وانگر قطعي نه کسڪندو آهي. مطلب: (۱) هڪ سخيءَ جو موت، لک عام ماڻهن کان وڌيڪ دکدائڪ ٿيندو آهي. 99. لوڪن کي لوڪ جي، ٻوڙي کي ڪنن جي. (چوڻي / پهاڪو) هر معذور کي پنهنجي تڪليف ئي ياد هوندي آهي. سدائين پيو ان جو بيان ڪندو. معاملو ڪهڙو به ھجي پر سندس ذهن جي سئي ساڳي جاءِ تي اٽڪيل هوندي.کيس ٻي ڪا ڳالهه سُجهندي ئي نه. ٻوڙو، ڪنن کان اڳي ئي گهٻرو، تنهن کي پنهنجي عذر سبب ڪن لاٽار به ڪرڻ پئي ڏانءُ ايندي. ماڻهو، عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پيا سوچيندا ۽ رٿون رٿيندا. جڏهن ته ٻوڙو، ڪن ڪڍيون پيو، ڪنن جي تدراڪ جي ڳالهه ڪندو. مطلب (۱) هر ڪنهن کي پنهنجي تڪليف ياد هوندي آهي. (۲) پٿر پرائي، سڀڪا روئي سور پنهنجن جا. 100. ماڙيچا، ڪنهن نه پاڙيچا. ڊگها ڏُوت، جيئري جِنَّ، مئي ڀُوت. (چوڻي) مارواڙ جي علائقي وارن کي ماڙيچو سڏبو آهي. سنڌ ۾ پڻ ذات آهي. قداور / ڊگها ٿين ٿا. ڪنجوس اهڙا جو پاڙي ۾ نه ويهارجين. پاڙي ۾ هجن ته پاڙو ڇڏي ڀڄي وڃجي. ڇو جو هو پاڻ ته لڏيندا ئي ڪونه. جيئرا آهن ته جنن وانگر پيا وڙهندا. مري وڃڻ کان پوءِ ڀوت ٿي لڳندا آهن. مطلب: (۱) وس ويندي نه ماڙيچن جي پاڙي ۾ رهجي ۽ نه ئي کين پاڙي ۾ رهڻ ڏجي. 101. مالڪن کي ڀي اهو پيارو، چورن کي ڀي اهو پيارو. (پهاڪو) مالڪ هميشه چڱي شيءِ ڌارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. بيمار مال، ڪنهن ڪم جو نه هوندو آهي. جلد کيس ڪاسائيءَ وٽ پهچائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. سهڻي جانور جي ٽهل ٽڪور به پئي وڻندي ۽ پيارو به پيو لڳندو. چور کي به چڱي مال جي تاڙ هوندي آهي. جيڪو پڙيءَ تي پهچندي ئي چڱو منافعو ڏئي. بيمار ڍور کي ڪاهڻ مان کين ڪهڙو فائدو؟ مطلب: ۱) چڱي شيءِ، هر ڪنهن کي وڻي ٿي. (۲) ٻارن جي کيڏ ڀي اتي، ڏائڻ جو گهر ڀي اتي. 102. ملان مئو، مهابو ٽٽو. (پهاڪو) مهابو؛ نيت يا صدقو ڏيڻ کي چئبو آهي. وڏن جي نيت، ماني يا ٽڪي مسيت جي ملان کي ڏبي آهي. هڪ دفعو شروع ڪرڻ کان پوءِ، وس ويندي بس نه ڪبي آهي. جڏهن ملان رحلت ڪري ويندو آهي ته پوءِ وڃي بند ٿيندي آهي. مطلب: (۱) ملان جي وفات سان، ياري به ختم. (۲) دوستي، حياتيءَ تائين هوندي آهي. 103. ملڪ وچ تپ تپالي، ته مَست موهر هالِي، ملڪ وچ خير صليٰ، ته مار مستي جي مُنهن تي کلا. (پهاڪو) مَستيءَ نالي همراه کي هَرُ ڪاهڻ ڏانءُ نه ايندو هو، جنهن سبب ڪير به کيس زمين ڪاهڻ لاءِ نه ڏيندو هو. هڪ دفعي ڏيهه ۾ وڏي تپاوليءَ جي بيماري ٿي پئي. چڱا ڀلا ھالي/ هاري بيماريءَ سببان گهرن ۾ ويهجي ويا. مستي چاق هو، جنهن ڪري مڙني زميندارن کيس زمين ڪاهڻ لاءِ ڏني ۽ هالي / هاري ٿي پيو. تپاولي ختم ٿي. ٻيءَ مند تي سمورا هاري نؤبنا هئا. مَستيءَ کي هارپ تي زمين ڏيڻ لاءِ ڪنهن به نه چيو. نيٺ پاڻ زبان سان زميندارن کان گهريائين ته ڪنهن به نه ڏنس. جنهن تي چٿر طور ڏک مان کين ائين چيائين. مطلب: (۱) ڏک ۾ غريب ياد، سک ۾ ڪير پڇيس ئي نه. (۲) جت وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت. ڀيٽيو: درياهه ۾ ڪال، ربوءَ جي ماءُ ڀي تاري. 104. من مردار، حجتون هزار. (چوڻي) سست ماڻهوءَ جي دل ڪم کان ڀڳل هوندي آهي. کائڻ کان کَٽي نه هوندي اٿس. ڪم کان لهرائيندو آهي پر مطلب ڪڍڻ خاطر، ڪوڙا دليل به گهڙي عذر ڏيندو آهي. ڇو جو هڏ- حرام هئڻ سبب، مفت جا مال پيو تاڙيندو آهي. مطلب: (۱) ٽوٽي ماڻهو، گهڻا بهانا ٺاهيندو آهي. (۲) دل ڀڳي لاءِ، هزار بهانا. (۱) ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو نه ڪري. 105. نِرو پِرو ٻئي تي نه ڀاڙجي، ڪجهه پنهنجي به ٻارِجي. (چوڻي) لاهي پاهي ٻين جي آسري تي ڌنڌا ڌاڙيون نه ڇڏي ڏجن. ڪجهه پنهنجو هڏ به هلائجي. سنگت ۾، هڪ ڏينهن ٻئي جو کائجي ته ٻئي ڏينهن ٻئي کي کارائجي به. اڄ ٻئي کان ڪم وٺجي ته سڀاڻي وري ان جو به ڪم ڪجي. ٺلهو ٻين تي ڀاڙڻ وارو، عنقريب محتاج ٿيندو ۽ پينو فقيرن وانگر صدائون هڻندو وتندو. مطلب: (۱) ٻئي تي نه ڀاڙ، پنهنجي به ٻار ۽ چاڙهه. (۲) ٻانهن جهڙو ٻل ناهي، اک جهڙي جوت ناهي. ڀيٽيو: هڏون نڪتو ڪار آهي. 10. وات کاوي، اک لڄاوي. (چوڻي) وات جو ڪم آهي کائڻ. پوءِ جيڪو به مال مليس ۽ جنهن کان به مليس. جڏهن ته اک هر مال جي نوعيت ۽ مالڪ بابت پئي لڄائيندي. پرائو مفت جو مال کائڻ وقت به وات جا ڏند پيا ڪُرٽيندا، جڏهن ته اکيون ويچاريون پيون شڪي شڪي ٿينديون آهن. مطلب: (۱) وات جو ڪم آهي کائڻ، اک لڄائيندي. (۲) کائي گَلو، وڃي ڪلهو. (۳) زبان چوي، “چٺو مٺو!” نڙي چوي، “مون نه ڏٺو!” (۴) وات کائي، اکيون لڄائين. 107. وڏي ڪني جي کروڙ ئي گهڻي. (پهاڪو) جڏهن ديڳ رجهندي آهي ته منجهس کرڙ به ٿيندي آهي. جيڏي وڏي ديڳ هوندي، کرڙ به ان مقدار سان وڌيڪ هوندي. مالڪ پاڻ ته ڀت کائيندا پر کرڙ جي صورت ۾ فقير فقراءَ به پيا سواد وٺندا. جڏهن سرڪار طرفان نوڪرين جي ديڳ چڙهندي آهي، تڏهن وڏيون نوڪريون ته ڪامورا ۽ سياستدان پنهنجن کي نوازڻ خاطر والاري ويندا آهن پر ننڍيون نوڪريون، ڪُتِ خلق کي يا اهليت رکڻ وارن کي مفت ۾ ملي وينديون آهن. مطلب: (۱) وڏي ميراث جي ورهاست مان، نادار ماڻهن کي به حصو ملي ويندو آهي. 108. هڏون، نڪتو ڪار آهي. (چوڻي) هر ڪم، هڏ هلائڻ سان سر انجام ڏئي سگهبو آهي. هڏ- رک ٿيڻ سان هٿائين ڪمزور ٿبو آ. نه هڏن ۾ طاقت ايندي، نه ئي ڪم ڪاريون ٿي سگهندا. سست ۽ ٽوٽي ماڻهو، ڪم نه ڪرڻ سبب روزي رزق نه ڪمائي سگهندو آهي. جنهن ڪري معاشري ۾ سندس عزت نه هوندي آهي. سدائين ٻين جو محتاج هوندو آهي. ان جي برعڪس، ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو، شان مان سان رهي ٿو ۽ ٻين جي محتاجيءَ کان به آجو رهي ٿو. کيس ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻو نه ٿو پوي. مطلب: (۱) محنت ۾ عزت آهي. (2) Dignity is in Labour. ڀيٽيو: نِرو پِرو ٻئي تي نه ڀاڙجي. 109. هڪ راڌي، هر ڪو ڇڏي. (چوڻي / پهاڪو) هڪڙو راهيل فصل، زندگيءَ ۾ هر ڪنهن کي ڇڏڻو پوي ٿو. فصل ڪاهڻ / پوکڻ کان پوءِ مري وڃڻ وارو، اهو فصل نه ٿو کڻي. البته ٻيا يعني سندس وارث کڻن ٿا. مطلب: (۱) آخري محنتاڻو، هر ڪو ٻين لاءِ ڇڏي ٿو. (۲) فصل جي نقصان تي ارهو نه ٿجي. 110. هڪ سهڻي زبان، ٻيو سونو ڳَهُه، پوءِ ڪير نه رکندو ڳَهُه؟ (پهاڪو) هڪڙو همراھ هڪ ڪتو ڪاهي بازار ۾ آيو. کيس پئسن جي ضرورت هئي. ڪتو ڳَههُ رکي، پئسا وٺڻ پئي گهريائين. ان لاءِ وچ بازار ۾ بيهي چوڻ لڳو، “آهي ڪو ڪميڻو! جيڪو هيءُ ڪتو ڳَهُه رکي!” سندس اهي اُگرا الفاظ، ڪنهن کي به نه پئي وڻيا. تنهنڪري ساڻس ڪنهن به نه پئي ڳالهايو. آخر هڪڙي دڪاندار، ٽهڪ ڏيندي چيس، “هڪ سهڻي زبان، ٻيو سونو ڳَهُه، پوءِ ڪير نه رکندو ڳَهُه!” مطلب: مٺي زبان سان، ٻين مان ڪم ڪڍبو آهي. اُگري زبان سان، پنهنجو حق به نه وٺي سگهبو آهي. 111. هنگي هروءَ ماءُ، ڪاڄُ ڪِنُ ڪيو. (پهاڪو) هروءَ ماءُ نالي هڪ ڪنجوس عورت هئي. جنهن پٽ جي شاديءَ ۾ به وڏي ڪنجوسيءَ کان ڪم ورتو. ڄڃ کي ته خوار خراب ڪيائين پر مَڃَ وارن کي به وڏو ذليل ڪيائين. جنهن سببان سندس تيار ڪرايل طعامن ۾ سواد نه رهيو. ڪنهن به گرهه نه هنيس. وڏي گلا ٿيس. آخر ۾ سندس لاءِ ائين مشهور ٿيو. مطلب: (۱) پڪائيءَ / ڪنجوسائيءَ سان ڪيل ڪم، به بگڙندا آهن. (۲) ڪنجوسائپ، بدناميءَ جو سبب ٿئي ٿي. 112. يار اچن، ڇيڇڙا وڪامن. (پهاڪو) ڪاسائي، ڇيڇڙا وغيره نيڪال ڪرڻ لاءِ واقفڪار ۽ سنگتي تاڙيندو آهي، جيڪي تور وقت ڪُرڪن ئي نه. هو مروتًا ساڻس سٺا هلن ۽ هيءُ عادتًا کين ڪسي ڪانڊي شيءِ کڻائي ڇڏي. نه بعد ۾ ھو کيس ميار يا ڏوراپو ڏين. نه پر پٺ گلا ڪن ۽ نه ئي گراهڪي ڦٽائي وڃن مطلب: (۱) دڪاندار هجي يار، ٻيو دشمن ئي نه ڌار. (۲) واڻيو، واقفڪار کي ٺڳيندو آهي. (۳) يار آڻ، تي ڇڇڙي بِڪ جاڻ. (پنجابي) 113. يار ڳنڍي نه ڳنڍي، اسان ڊهيسون پئي ڳنڍي. (پهاڪو / ورجيس) يار، اسان سان ياري ڀلي نه ڳنڍي پر اسان ساڻس ڳنڍيندا رهنداسين. ثبوت جي طور تي، هُج ۾ سندس ٻارِ مان پلال جا ڳنڍا يا ڳنڍيون يا ٻِنڊون، پنهنجي مال واسطي پيا ڊوھيندا / ڍوئيندا رهنداسين. سنگت مان چالاڪيءَ سان مطلب پورا ڪرڻ واري کي ٽوڪ طور ائين چئبو آهي. مطلب: (۱) يار ليکي نه ليکي، اسان يار جي ليکي. (۲) هُت ڄڃ نه سڃاڻيس، چي، “گهوٽ پڦي آهيان.” (۳) هو سودو نه سلي، هيءُ اٽل گهري. (۴) هُتِ زمين ۾ گهيڙين! ھي چي، “منهنجي پٽ جو ٻيو لاپو!” (۵) هو سوڙ پاند نه ڏين، هيءَ وچ ۾ سمهندي. (۶) هو ساڻ نه نين، هيءَ ڏاند تي چڙهندي بشڪريه عبدالوهاب سهتوو ذاتي بلاڪ.