سائين توهان جا اهي محبت ڏسي ڪري ته مان پنهنجي پاڻ کي دنيا جو خوش نصيب سمجهان ٿو ۽ دعا ڪيان ٿو ته سڀني دوستن کي توهان جهڙو محسن شفيق دوست ملي توهان جا ٿورا لک لائقڦلپوٽا وحيدَ ڪٿي آهين
اسانجي اُميدَ ڪٿي آهين
سواءِ تُنهنجي ته نٿي سري
کپي ٿِي ديدَ ڪٿي آهين
مٽ ڀڃڻ جي ڳالهه ڪر يَرَ
نئين ڏي نَوِيدَ ڪٿي آهين
توکان سواءِ سدائين آ روزو
توسان آ عِيدَ ڪٿي آهين
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
صرف تُنهنجو نثار ناز
ادا زاهد اهي اسان فقير هون جو ٻه ٻه ڏينهن ٿا ٽٻي هڻي وڃون توهان کي ڪٿي ٿا اسان ڇڏيون ست اٺ ڏينهن مٺاواه واه سائين واه اصل اوهان فقير سائين جي شان ۾ اهڙو ته پيارو لکيو آهي جو هاڻي ته پڪ سان فقير سائين اچي ويندو۔۔۔ ايڏيون محبتون اوهان جون بس اصل واه واه ڪجي ته به ٿوريون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر اوهان جو اهڙو قرب ڏسي ڪري منهنجي دل به ائين ٿي چوي ته مان به ڪي ست اٺ ڏينهن فورم تان غائب ٿي وڃان۔۔۔۔۔
هيڏانهن وارا جذبا به ڪجه اهڙا ئي آهن، ادا نثار ناز، هڪ ٻيو دوست نالي سلطان پڻ گم آهي جي ڪي ڏس پتو مليوَ ته ٻڌائجو يا وري کيس نياپو اهو ئي ڏجو ته لائجي ته نڀائجي نه ته اصل نه لائجي ...
ادا مخدومي زاهد سومرا توهان دوستن جي محبتن مون رولاڪَ ماڻهوءَ کي ايترو ته قابو ڪيو آهي جو سنڌ سلامت جي پيار واري آستاني تان ڪو سڄڻ هڪ ڏينهن لاءِ به گُم ٿئي ٿو ته اندر ۾ اُڻ تُڻ ٿيو پوي من ۾ هزارين انومان ٿيو پون ته الائي مُنهنجي ڪري اهو مٺو سڄڻ ڪاوڙيو آهي۔ الائي کيس ڪهڙو ڏُک پهتو؟ الائي ڇو ايڏيون ديريون لاتيون ٿس۔ پوءِ تون سمجهين سگهين ٿو اسان اصل بي چين ٿي پوندا آهيون۔ جيستائين سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اهو دوست نٿو پهچي تيستائين پيا دُعائون گُهرندا آهيون، پکين کي قاصد ڪري اُڏائيندا آهيون۔ ڇا تُنهنجي دل اها گواهي ڏي ٿي ته ٻه ٽي هفتا هن محبتي اڱڻ کان دُور گُذاري سگهجيواه واه سائين واه اصل اوهان فقير سائين جي شان ۾ اهڙو ته پيارو لکيو آهي جو هاڻي ته پڪ سان فقير سائين اچي ويندو۔۔۔ ايڏيون محبتون اوهان جون بس اصل واه واه ڪجي ته به ٿوريون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر اوهان جو اهڙو قرب ڏسي ڪري منهنجي دل به ائين ٿي چوي ته مان به ڪي ست اٺ ڏينهن فورم تان غائب ٿي وڃان۔۔۔۔۔
هيڏانهن وارا جذبا به ڪجه اهڙا ئي آهن، ادا نثار ناز، هڪ ٻيو دوست نالي سلطان پڻ گم آهي جي ڪي ڏس پتو مليوَ ته ٻڌائجو يا وري کيس نياپو اهو ئي ڏجو ته لائجي ته نڀائجي نه ته اصل نه لائجي ...
منهنجو جمالو جتن سان هو جمالو
ادو فقير موٽي آيو خئير سان ... هو جمالو
ابو زين (زين جو والد) ابو واصف (واصف جو والد) ته ٻڏم پر هي ابو منتظر (منتظر جو والد) ڪير آهي؟