• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يونائيٽڊ ڪنگڊم، عظيم برطانيه ۽ انگلينڊ ۾ ڪهڙو فرق آهي۔۔۔۔؟

جواب: يونائيٽڊ ڪنگڊم، عظيم برطانيه ۽ انگلينڊ ۾ ڪهڙو فرق آهي۔۔۔۔؟

سائين محترم ؛ جيڪا تاريخ اسانکي ڏينهن لڳي ٻڌائڻ ۾ سا هن همراهه 5 منٽن ۾ بيان ڪري ڪمال ڪيو آهي ۔۔۔

پر شابس هجي انگريزن کي جو هو گڏيل بادشاهت ۾ سڀني قومن کي پنهنجا حق ڏين ٿا ۽ انهن کي قومي درجو ڏين ٿا ۔۔۔ نه ڪي پاڪستان وانگي يا ملان جي تشريح مطابق ته پاڪستان هڪ قوم آهي ۽ باقي قومون ختم ۔۔۔

خئير اسين به پاڪستاني کي هڪ قوم مڃيندڙ ماڻهن کي اها ئي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا پاڪستان قومن جي وچ ۾ معاهدي جي پئداوار آهي ۽ جيڪڏهن معاهدو صحيح هلندو ته پاڪستان زنده رهندو ۽ جيڪڏهن معاهدي جي جاءِ تي جيڪو ڏاڍو سو گابو واري طريقي تي عمل ڪيو ويندو ته پاڪستان ڪجهه ٽٽي ويو آهي ۽ باقي به وقت سر ٽٽي ويندو ۔۔۔

پر ماڻهون انڌا، ٻوڙا ٿي پيا هلن ۽ پاڪستاني قوم جو راڳ ڳائي پاڻ کي ۽ قومن کي ڌوڪو پيا ڏين

۔۔۔ سٺي ڄاڻ سان ٽمٽار پيشڪش آهي ۔۔۔
 
Back
Top