هي هڪ دلچسپ تصوير نظر آئي جنهن ۾ سمجهايو ويو آهي ته دنيا ۾ ڪهڙن ملڪن ۾ ساڄي پاسي ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ کاٻي پاسي کان ڊرائونگ هلائڻ جا اصول آهن۔۔۔ دنيا ۾ 1۔66 فيصد رهندڙ ماڻهون ساڄي پاسي واري ڊرائيونگ ڪندا آهن۔۔۔ دنيا ۾ 33۔9 فيصد رهندڙ ماڻهون کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ ڪندا آهن۔۔۔۔ تصوير ۾ ڳاڙهو رنگ ڏنل ملڪن ساڄي پاسي جڏهن ته نيرو رنگ ڏنل ملڪن کاٻي پاسي واري ڊرائيونگ اصول رکيا آهن۔۔۔
جواب: دنيا جي ڪهڙن ملڪن ۾ ساڄي پاسي ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ ڪئي وڃي ٿي۔۔ مطلب ته ساڄيڙا گهڻا آهن ۽ کاٻيڙا گهٽ آهن ۔۔۔ جيئن فطرت ۾ آهي انسان سڀ ساڄيڙا پر ڪو ڪو کاٻيڙو ۔۔۔ واه سائين واه ۔۔۔ سٺي ڄاڻ
جواب: دنيا جي ڪهڙن ملڪن ۾ ساڄي پاسي ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ ڪئي وڃي ٿي۔۔ ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي ڊرائيونگ کان هڪ مزيدار ڳالهه ياد اچي وئي۔۔۔۔ اسان واري آءِ آءِ سي ٽي شعبي ۾ مقرر هڪ پروفيسر آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو، تقريبن ڏهه کن سال اُتي رهيو، آمريڪا ۾ اسٽينڊرڊ اهو آهي ته گاڏي جي اسٽيرنگ کاٻي پاسي هوندي آهي۔۔ اُن پروفيسر جو ڪلاس ۾ اڌ وقت ته مزاق ۽ چرچن ۾ گذرندو آهي، هڪ ڏينهن ان ٻڌايو ته آمريڪا ۾ مان گاڏي کاٻي پاسي واري اسٽيئرنگ سان هلائيندو هئس، ساڄي پاسي هٿ سان گيئر مٽائيندو هئس ۽ کاٻي پاسي واري کڙڪي مان ٿڪ اُڇلائيندو هئس۔۔ پر پاڪستان ۾ ته سسٽم ئي اُبتو۔۔۔ هتي ڪيترائي ڏينهن گاڏي هلائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي۔۔ هٿ آمريڪا جو هريل هو، ان ڪري گيئر هڻڻ لاءِ ساڄو هٿ کڻان ته دريءَجي ٻاهر، وري کاٻي پاسي ٿڪ اڇلائيندو هئس ته سڌو سيٽ تي۔۔۔ مون چيومانس سائين! پاڪستان ۾ هر سسٽم ابتو آهي۔۔۔
جواب: دنيا جي ڪهڙن ملڪن ۾ ساڄي پاسي ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ ڪئي وڃي ٿي۔۔ ادا رشيد يار ساڄو پاسو هجي يا کاٻو اسان کي ٻنهي پاسن سان ڊرائيونگ ڪرڻ ايندي آهي ڪجه ڏينهن هتي ڏکيائي ٿيندي آهي ڪجه ڏينهن پاڪستان ۾ ان ڪري پاڪستان ۾ ٻانهن ۾ ڌاڳي واري هٿ تي نظر هوندي آهي ته هي مهنجي سائيڊ آهي ۽ هتي گهڙي ۾ نظر هوندي آهي ته هي مهنجي سائيڊ آهي بس ان ڪري اڃا تائين بچا پيا آهيون جو دائين ڪا بايان ناهي ٿيو
جواب: دنيا جي ڪهڙن ملڪن ۾ ساڄي پاسي ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ ڪئي وڃي ٿي۔۔ هاهاهاهاهاها۔۔۔پاڪستان معني نقل۔)
جواب: دنيا جي ڪهڙن ملڪن ۾ ساڄي پاسي ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ ڪئي وڃي ٿي۔۔ ادا بهترين معلومات آهي زبردست ........... علي علي چواڻي پاڻ به بچا پيا آهيون گاڏي ڪهڙي به هجي پاڻ وڏي اطمينان سان ڊرائيو ڪري وٺندو آهيان کاٻي ساڄي ڪو مسئلو ناهي لاجواب ونڊ آهي ادا سدائين گڏ
جواب: دنيا جي ڪهڙن ملڪن ۾ ساڄي پاسي ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ ڪئي وڃي ٿي۔۔ ادا اسان کي انهي تصوير مان اهو علم حاصل ٿيو ته جتي به انگريزن جو پاڇوپيو آهي (حڪومت ڪئي اٿن )، ته کاٻي پاسي گاڏي هلائي وڃي ٿي باقي جيڪي به انگريزن کان بچيا اهي ساڄي پاسي باقي رهيا۔
جواب: دنيا جي ڪهڙن ملڪن ۾ ساڄي پاسي ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ ڪئي وڃي ٿي۔۔ ادا رشيد مهرباني مون لاء هيء بلڪل نئون ۽ تمام گهڻي ڄاڻ وارو ٿريڊ آهي۔ ساڄي ۽ کاٻي جي ڊرائيونگ جو علم ته هو پر ڪهڙن ملڪن ۾ ۽ ڪيئن ڊرائيونگ پئي ٿئي۔ اهو بلڪل نئون ليک هو
جواب: دنيا جي ڪهڙن ملڪن ۾ ساڄي پاسي ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ ڪئي وڃي ٿي۔۔ هڪ ٻي ڳالهه جيڪا دوستن لکي ناهي سا آهي ته ؛ کاٻي پاسي واري ڊرائيو کي آمريڪن ڊرائيونگ چئجي ٿو ۽ ساڄي پاسي واري ڊرائيو کي برٽش ڊرائيونگ چئجي ٿو انڪري جت برطانوي راڄ يا اثر هو ات سڄي پاسي جي ڊرائيو آهي ۽ جت آمريڪن اثر اتي کٻي پاسي ۔۔۔ کاٻي پاسي واري ملڪ جي ڊرائيونگ ۾ گاڏيءَ جو هٿيو به کاٻي طرف هوندو آهي ۽ ساڄي پاسي وارن ملڪن ۾ گاڏي جو هٿيو ساڄي پاسي کان۔۔۔ ٻنهي پاسن وارن ملڪن ۾ روڊ ۽ رستا ۽ انهن جا قانون به ان ئي قسم جا مددي هوندا آهن ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: دنيا جي ڪهڙن ملڪن ۾ ساڄي پاسي ۽ ڪهڙن ملڪن ۾ کاٻي پاسي کان ڊرائيونگ ڪئي وڃي ٿي۔۔ ادا ابڙا صاحب انهي ڳالهه ڏي مون غريب اشارو ڪيو آهي توهان جي هن پوسٽ کان پهريان ٿورو وري به غور سان مطالعو ڪندا۔