جواب: نثار منگيءَ جو سلام ادا نثار منگي صاحب ۔۔۔ وعليڪم السلام ۽ جيئي سنڌ ۽ دل جي گهراين سان ڀليڪار اوهانجو هي رومن اکرن ۾ لکيل سلام بدلائي سنڌيءَ ۾ لکجي چڪو آهي ۔۔۔ لڳي ٿو ته اوهانکي سنڌي لکڻ ۾ مشڪل آهي ۔۔۔ پر ڪا ڳالهه ناهي چاهيو ته اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو بس سنڌي ٻولي سکڻ ۽ لکڻ جو چاهه هجڻ کپي ۔۔۔ اوهان پنهنجو تعرف سهڻي ڍنگ سان ۽ مڪمل ڪرائيندا ته سنڌ سلامت کي اوهان سان دوستي رکڻ ۽ حالن احوالن ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ۔۔۔ اوهانکي ڪا تڪليف هجي ته سنڌ سلامت سکيا واري سيڪشن (ڪمري) ۾ وڃي موجود ليک پڙهندا ته ڪافي سهولت ٿي ويندي اوهانکي ۔۔۔۔ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔ اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: نثار منگيءَ جو سلام سائين ائين ڇوٿا ڪريو جڏهن سنڌي موجود آهي ته پو رومن انگلش لکڻ جو ڇا سبب آهي۔۔مان اوهانجي هي ٻئي تحرير ڏسي رهيو اهيان۔؟؟
جواب: نثار منگيءَ جو سلام ادا نثار منگي صاحب جيئي سنڌ سدا جيئي ادا اسان اوهان کي هن سائيبر اوطاق تي ڀليڪار ٿا چئون ادا توهان کي هي اوطاق ڪيئن لڳي ۽ پنهنجو تفصيلي تعارف ضرور ڪرائيندا ادا سائين اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو پڻ انتظار رهندو جتي به منجهي پئو ته فورم تي موجود سيڪشن پڇهڻا نه منجهڻا ۾ سوال ڪري سگهو ٿا سدائين گڏ
جواب: نثار منگيءَ جو سلام ادا عاشق ، ادا طاهر جڏهن موبائيل تان فورم تي لاگ ان ٿيندو آهي ته تڏهن ئي رومن سنڌي لکندو آهي اميد ته هاڻي سمجهي ويا هوندا سدائين گڏ
جواب: نثار منگيءَ جو سلام اسان جو هڪ دوست اڳ به نثار منگي فورم تي موجود آهي۔۔۔ پر دوست نثار جي اچڻ سان به سرهائي ٿي۔۔۔ دوست نثار جستجو جاري رکندا جلد ئي توهان فورم تي سنڌي لکڻ جي قابل ٿي ويندا
جواب: نثار منگيءَ جو سلام نثار منگي جي اچڻ سان نثارن جي سٿ ۾ هڪڙي وڌيڪ نثار جو اظافو ٿيو، ويلڪم ادا نثار منگي، ڀلي ڪري آيا۔
جواب: نثار منگيءَ جو سلام [justify]ادا ڪنهن دوست جي رجسٽريشن ڪرايان پيو فورم تي ته ميسيج اچي ويو ته اڳ ۾ ان نالي سان ڪو ميمبر آلريڊي موجود آهي ٻيو ڪو نالو ڏسو، سو اها اوهان کي مبارڪ هجي تمام سٺو قدم آهي، پهرين ته هڪ نالي سان ڪافي دوست رجسٽر ٿين پيا پر هاڻ ايئن نه آهي،، ٿورا۔۔۔[/justify]
جواب: نثار منگيءَ جو سلام ادا نثار منگي توهان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي۔۔ دوستن جي ڳالهه وانگر ته پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرائيندا ته مهرباني ٿيندي۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔