اُن ڏينهن هُن جا اُداس نيڻ ڏسي، دل برداشته ٿي پيس۔ هن جي اداسي جو سبب ڄاڙيندي هوئي به اڻ ڄاڻ ٿيڻ جي ڪوشش پئي ڪيس۔۔۔۔ هن جي سوچ جو مهور مان هيس، مون کي خبر هئي، پر پوءِ به مان هن جي سوچ جو مهور نه پئي ٿيڻ چاهيس۔۔۔۔ مون کي خبر آهي ته هن جي اداسي جو سبب مان ئي آهيان، مون کي خبر آهي ته هن جي گلاب جهڙي چپن تي ٽڙندڙ مُرڪ جو قاتل مان ئي آهيان، هوءَ منهنجي هوندي به، مونکي اوپري اوپري محسوس ٿي رهي هئي۔ ان ڏينهن ڪنهن پياري شاعر جي لکيل هڪ شعر؛ "تمام عمر ميرا دم اس هي دهوين مين گهٽا، وه ايڪ چراغ تها مين ني اسي بجهايا هي۔!" جو مطلب شايد منهنجي حالت طرف اشعارو ڪري رهيو هيو، اُهو شعر شايد، هُن جي اداسن جو ذميوار مونکي ٺهرائي رهيو هيو۔ اُن ڏينهن مونکي ان شعر جي حقيقي سمجهاڻي ملي وئي۔۔۔۔۔! هاڻي مونکي يقين ٿيڻ لڳو آهي ته، لکيل لفظ ۽ چيل ڳالهيون ڪڏهن به بي مانا نه هونديون آهن۔۔۔۔۔!