چَنڊا چوانءِ سَچُ عبدالوحيد ڪٽپر او منهنجا سائين، دل ٿي چوي ته اڄ کُلي زميني حقيقتن کي ڇنڊي ۽ ٿڌيءَ ڇاڻي دل سان سوچيون، تاريخ 14 آگسٽ 1947ع کان پوءِ هن مهل تائين سنڌ جي اصلي وارثن مٿان جيڪي به قرب ٿيا آهن، سا حقيقت هڪڙي کليل ڪتاب کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪانهي. ڳالهه ورجائڻ آهي ڄڻ پاڻي ولوڙڻ برابر، سڄيءَ 63 سالن جي ڪهاڻيءَ جو نچوڙ اهو ٿو نڪري ته سنڌ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي غلام کان به وڌيڪ گهٽ حيثيت رکي ٿي، ڪالوني هجڻ ته بهتر شئي ۽ بهتر ذلالت سمجهڻ گهرجي. سو انهن ڳالهين جي ڪري سنڌ جا همدرد، تقريرون، تحريرون، نظم، شعر، ڪتاب، رسالا، ڪالم، جلسا، جلوس، ريليون، ڌرڻا ۽ بک هڙتالون وغيرهه ڪندا پيا اچن ۽ شايد ڪندا به ايندا پر بيماريءَ جو اصل ۽ صحيح علاج يعني مڪمل خود مختياري ۽ آزادي گهرڻ يا حاصل ڪرڻ خاطر ڪنهن به صحيح طريقي ساڻ ڪو به قابل تعريف عمل ڪونه ٿيل نظر ٿو اچي. سائين جي ايم سيد هڪڙو اهڙو فرد هو، جنهن سورهيه بادشاهه وانگر ڪوشش ته ڪئي پر ٻنهي ڄڻن کي سخت پروپئگنڊا جي طريقي سان اڪيلو ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ حاصل ڪجهه به ڪونه ٿيو. هاڻي اچو ته ٿڌي مغز سان سوچيون ته فرض ڪريو ته ڪو دل جليو اُٿي، زمين تي لت هڻي، هٿ ۾ آزاديءَ جو جهنڊو کڻي آزاديءَ جو نعرو هڻي، سنڌين کي للڪار ڪري آزاديءَ جي آهوتيءَ ۾ قربان ٿيڻ جو سڏ ٿو ڏئي، اوهان يقين رکو ته کيس اها موٽ ڪانه ملندي جيڪا کيس ملڻ گهرجي، جنهن لاءِ هيٺيان ٺوس ۽ زميني حقيقتن جا سبب هن ريت عرض ٿو رکان. (1) سنڌ ۾ رهندڙ اهي ماڻهو جن جي مادري زبان سنڌي آهي، انهن جو تعداد جيڪڏهن اڌو اڌ کان گهٽ ناهي پر تڏهن به ايترو اڪثريت ساڻ ناهي، ڇاڪاڻ ته هاڻي هندستان کان هيڏانهن لڏي آيل هوشيار، بنگالي، پٺاڻ، ڪشميري ۽ پنجابي ٿا رهن، جيڪي اسان سان گڏجي اهڙي آزاديءَ واري جنگ نه فقط ڪونه وڙهندا پر هتان دل ڀري مخالفت ڪندا. اهڙين حالتن ۾ آزادي گهرڻ يا آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ عيب ٿيندو. خاص ڪري ڪراچيءَ جا واپاري جهڙوڪ ميمڻ، ڪاٺياواڙي، اسماعيلي کوجا، بوهري، پارسي ۽ ڪرستان ۽ هندستان کان هيڏانهن آيل ماڻهو، اهي سڀئي. توهان جي تحريڪ به ڪنهن جي حالت ۾ مدد ڪونه ڪندا. پوءِ توهان ٿورڙائيءَ ۾ هوندي ڪهڙي نموني سان آزاديءَ جي جنگ وڙهي سگهندئو؟ جڏهن سڀئي ماڻهو اوهان سان نه فقط ساڻ نه هجن ۽ اڌ جيترا هتان اوهان جي مخالفت ڪن. منهنجا سائين آزادي ڪا پليٽ ۾ ڪيڪ رکي کائڻ لاءِ ڪونه ملندي آهي ۽ تواريخ انهيءَ جي شاهدي پئي ڏئي، آزادي وٺڻ خاطر باهه ۽ رت جا درياهه پار ڪرڻا پوندا آهن. (2) اسان سنڌي امن پسند آهيون، يعني ٻين لفظن ۾ اهڙن معاملن ۾ بزدل آهيون ۽ نه فقط بزدل آهيون پر هڪ ٻئي کي سهندا ئي ناهيون ۽ پاڻ ۾ ڪا به ٻڌي ڪانهي، نه اهڙي ٻڌي رهي آهي نه رهندي، اسان سنڌي ڀلجي به حسد ۽ ساڙ ڪونه ڇڏيندا آهيون، تڏهن ته چوڻي آهي ته ”هڪڙي دوزخ جي پهريدار کان پڇا ڪئي وئي هئي ته يار تون رڳو ٿو ننڊون ڪرين ۽ کونگهرا هڻين، ڳالهه ڇاهي جو صحيح چوڪيداري ڪرين ئي ڪونه ٿو؟“ تنهن تي چوڪيدار چيو ته ”مان ڇو ويهي مٿو هڻان، هن دوزخ ۾ رهندا آهن سنڌي سو جيڪڏهن ڪو هڪڙو به دوزخ منجهان مٿي چڙهي ڀڄڻ جي ڪوشش ٿو ڪري انهي کي مدد ڪرڻ جي بدران ٻيا سنڌي سندس ڄنگهون کڻي ٿا پڪڙين ۽ هو وري دوزخ ۾ ڪري ٿو پوي، سو جڏهن اهي دوزخي هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي بدران رڪاوٽ پيدا ٿا ڪن ته مان ڇا جي ڪاڻ ويهي اوجاڳا ڪاٽيان ۽ ويهي چوڪيداري ڪريان“. معاف ڪندا جو سچ هميشه ڪڙو لڳندو آهي. مان هتي هڪڙي ڳالهه عرض ڪندو وڃان ته سنڌ کي هٿ هيٺ رکڻ خاطر هن ملڪ جو طاقتور ڀاءُ وڌ ۾ وڌ ۽ وڏي ۾ وڏي قرباني ڪري وڃي نه فقط پار ٿيندو پر بد ترين ظلم ڪرڻ کان به باز نه ايندو ۽ اسان جي ماڻهن ۾ ايتري سياسي پختگي آهي ئي ڪونه جو اهڙي دٻ جهلي سگهن. پري ڇو ٿا وڃو، جڏهن جنرل ضياءَ جي حڪومت هلندي محترمه بينظير ڀٽو امن جا فاخطا يعني ڳيرا ٺاهيا هئا ۽ هر ڪنهن ضلعي توڙي تعلقي منجهان انهن ڳيرن جون وڏيون وڏيون لسٽون تيار ٿيون هيون، تڏهن جڏهن شهيد راڻي ڪال ڏنو ته توهان کي خبر آهي ته گهڻا همراهه نڪري آيا، هتان کيس گرفتار ڪرائي وڌو هيائون. اها ڳالهه برابر آهي ته ايم آر ڊي تحريڪ ڀيري ڪجهه نوجوان اٿيا ۽ جان جي بازي لڳايائون پر ٿيو ڇا، ٿورڙن ئي ڏينهن اندر ڳالهه ٺري وئي، مون کي جيل اندر هڪڙو نوجوان شاگرد مليو هو، جنهن مون کي چيو هو ته همراهن مون کي نه فقط مار ڪٽ ڪئي پر چيائون ته اسان اوهان سنڌين جو اهو حال ڪنداسين جو اوهان کان زبان تي آزاديءَ وارو اکر چوڻ ئي وسري ويندو. جنرل ٽڪا خان، جنهن بنگال ۾ پهچندي ئي وڃي اعلان ڪيو هو ته ”اسان کي کپي زمين ۽ نه انسان“. بعد ۾ انهيءَ ساڳئي ٽڪي خان هڪڙي انٽرويو ۾ چيو هو ته بنگال اسان کان نه فقط ڏاڍو پري هيو پر بنگال ۽ اسان جي وچ ۾ هڪڙي طرف وڏو سامونڊي سفر هيو ۽ اهو به انڊيا جي قبضي ۾ زميني لحاظ سان وچ ۾ ساڳيو هندستان ئي هيو، تنهن ڪري اسان هار کائي وياسين پر جيستائين سنڌ جو تعلق آهي ته اتي ته گهر گهر جي دروازي تي اسان ٻاهر موجود ويٺا آهيون ۽ ڪنهن به قسم جي پرواهه ڪانهي. سنڌي آزاديءَ جي جنگ هيڪر وڙهي ڏسن ته کين پتو پئجي ويندو ته گهڻي ويهين سئو ٿيندو آهي؟. سو هڪڙي پاسي پبلڪ جو وڏو ۽ اثر انداز حصو اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڪونهي ملائيندو ۽ هتان ٻئي پاسي اثرائتي مخالفت ڪندو ته پوءِ ڳالهه ڪيئن ٺهندي؟. هيءَ هڪڙي تلخ حقيقت آهي جنهن کي وسارڻ وڏي عقل کان ٻاهر ڳالهه ٿي ويندي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته: “What can me be cured Must be endured” معني ته جنهن مرض جو علاج ئي ڪونه هجي ته پوءِ انهيءَ مرض کي برداشت ڪرڻ گهرجي. هاڻي بهتر ته ايئن ٿيندو ته اسان جا اهي سنڌي جن جي دل ۾ سنڌين لاءِ سچي همدردي هجي اهي سڀ کان پهريائين سنڌ ۾ تعليم تي ڌيان ڏين ۽ اهڙا وسيلا ۽ ٽرسٽ ٺاهن جو سنڌين کي سستو ۽ سٺو علم جو خزانو ملي، ٻيو ته کين هنر سيکاريا وڃن ۽ ٽيون ته کين واپار يا ڌنڌي ڪرڻ ۾ ڏوڪڙن جي مدد ڪئي وڃي. اوهان کي ڪو به پارسي، ڪرستان، هندو، قادياني، بوهري، ميمڻ يا اسماعيلي کوجو پنندي يا چوري ڪندي نظر نه ايندو، ڇو؟ انهيءَ ڪري جو سندس قوم وارا کيس مدد ڪندا آهن، پر اسان سنڌين ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانهي، رڳو زور آ ته ڪا نه ڪا رشوت ڪمائڻ واري ڪا هلڪي سلڪي سرڪاري نوڪري ملي وڃي، اسان جي زندگيءَ جو مقصد باقي وڃي اهو رهيو آهي، جيڪو اسان کي ويندو هيٺ ڪيرائيندو پر پرواز ڪري ڪونه سگهنداسين. اوهان ڏسندئو ته ڪراچيءَ جهڙي ئي شهر ۾ مري ويلن جي پورڻ خاطر هر ڪنهن ڪميونٽيءَ کي ڌار ڌار ۽ پنهنجو پنهنجو مقام عرف قبرستان موجود نظر ايندو ۽ مري ويلن جي لاءِ ڪفن دفن وغيره خاطر پڻ جوڳا بندوبست آهن، انهيءَ جي مقابلي ۾ اسان سنڌين لاءِ جيئرو ته ڇڏيو پر مرڻ کان پوءِ جو به پورو پورو بندوبست ئي ڪونهي. پوءِ هي جلسا، جلوس، نعري بازيون، هڙتالون، ريليون ۽ ڌرڻا وغيرهه ڪهڙي ڪم جا؟ ٻيلي ڪا ڪم جي ڳالهه ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟ جيڪڏهن غلط چئي ويٺو آهيان ته معافي طلب آهيان پر مان ڪو وڏي ڀاءُ جو ايجنٽ ناهيان پر زميني ۽ صحيح حقيقت عرض رکي اٿم، جيڪا شايد ڪن کي ڏُکي لڳي، جنهن لاءِ اڳواٽ معافي، وڌيڪ پاڻ مالڪ آهيو.