مورن ۽ ٻلهڻ مڇيءَ کي خطرا نظير احمد ڀنڀرو سنڌ جي ٿرپارڪر جي خوبصورت پکيءَ مور جو حسن دنيا جي ٻين علائقن ۾ موجود مور جي نسل سان تعلق رکندڙ پکين کان بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ دلڪش آهي ڇو ته سنڌ جي مور جي پرن ۾ ڪيترائي رنگ خوبصورت انداز سان چٽيل آهن ۽ انهن رنگن ۾ قدرتي چمڪ سنڌ جي مور جي حسن ۾ اضافو ڪري ڇڏي ٿي. مور جي سونهن ڏسي ڪابه اک متاثر ٿيڻ کان رهي نه ٿي سگهي، ان ڪري سنڌ ۾ ٻارن تي به مور جا نالا رکيا ويندا آهن، جيئن مور، موريو، مورڙو ۽ مورڻ وغيره پر ڇوڪرين تي به نالو ڊيل رکڻ بجاءِ مور جي نسبت سان ئي نالا رکيا وڃن ٿا جيئن، موران ۽ مور ٻائي وغيره. ٿر جي وارياسي ڌرتيءَ تي رهندڙ مور به اتان جي ڌرتيءَ جيان برسات جو پياسو آهي، جهڙ ڦڙ، ميگهه ملهار جي موسم ۾ مور جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي، ان خوشيءَ ۾ مور جو ناچ ماحول کي اڃا به گهڻو حسين بڻائي ڇڏيندو آهي، جهڙ ڦڙ جي موسم ۾ مور جا ٽهوڪا ٿر جي ڀٽن ۾ پڙلاءُ ڪري گونجڻ لڳندا آهن، ڄڻ مور اترپار جي ڪارن ڪڪرن کي جلدي پهچي مينهن وسائڻ لاءِ سڏ ڪندا هجن. پر اڄ انهن مورن جون خوشيون، حسن ۽ خوبصورتي هڪ مخصوص بيماريءَ جي حملي جي نذر ٿي وئي آهي. جن علائقن جا مور هن بيماريءَ کان متاثر ٿيا آهن انهن ۾ موراڻو، وسائي، سرنگر، ڪيهڙي ڳوٺ ۽ سهراب ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا شامل آهن، وائلڊ لائف کاتي جي روايتي بي ڌياني ۽ لاپرواهيءَ سبب اڳ ۾ ئي مور جو نسل گهٽجي رهيو هو پر موجوده بيماريءَ جي لهر سبب هڪ ئي وقت علائقي ۾ موجود ڪيترائي مور مري چڪا آهن ۽ جيڪي جيئرا آهن اهي به بيماريءَ جو شڪار آهن. ضلعي ٿر جي هيڊ ڪوارٽر مٺي ۽ ان جي آس پاس جي علائقن مان ڪنهن پراسرار بيماريءَ سبب صرف ٻن ڏينهن دوران 170 مورن جي مري وڃڻ جا اطلاع مليا آهن، جيڪا مورن سان محبت رکندڙ انسانن توڙي وائلڊ لائف کاتي لاءِ وڏي پريشانيءَ ۽ افسوس ۾ وجهندڙ خبر آهي. هن پراسرار بيماريءَ ۾ مورن کي ڳلي جو اندروني انفيڪشن ٿي پوي ٿو جنهن ڪري مور هڪ ڏينهن اندر ئي مري وڃي ٿو. ڪيترن ئي مورن کي اکين جي ڀرسان چمڙيءَ جو انفيڪشن پڻ ڏٺو ويو آهي جنهن سبب مورن جون اکيون پورجي وڃن ٿيون ۽ ڏسڻ کان لاچار ٿي پون ٿا. مورن کي لڳندڙ بيمارين ۾ هڪ نيوڪاسٽل بيماري آهي جنهن سبب وائرس بڻجندو آهي، اهڙن مورن کي ڳولي صحتمند مورن کان پري رکڻ گهرجي. ٻي هڪ خطرناڪ بيماري جنهن کي سالمونيلا پلورم يا گيلينيرم چيو ويندو آهي جنهن جون علامتون ٽائفائڊ بخار جيان ٿين ٿيون. اهي اهڙيون بيماريون آهن جيڪي عام طور تي مورن کي لڳنديون آهن ۽ انهن جو موثر علاج پڻ موجود آهي پر موجوده ڏينهن ۾ مورن کي لڳندڙ بيماري جنهن ۾ اَٺن کان ڏهه مور روزانو مري رهيا آهن ۽ مور جو علاج ڪرڻ جو وقت يا موقعو به پيدا ٿيڻ نه ٿي ڏئي ان جي جاچ لاءِ مئل مور ۽ انهن جي رت جا جزا چڪاس لاءِ اسلام آباد جي مخصوص ليبارٽريءَ ڏانهن موڪليا ويا هئا ته جيئن بيماريءَ جو سبب بڻجندڙ وائرس يا بيڪٽريا جي قسم جو پتو لڳائي سگهجي ۽ ان تي اثر ڪندڙ دوا تجويز ڪري سگهجي. ڏٺو وڃي ته موجوده بيماريءَ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي سبب آهن جن جي ڪري مور مري رهيا آهن انهن ۾ مورن جي رهائشي علائقي ٿر ۾ برساتن جي گهٽ پوڻ سبب خوراڪ ۾ تبديلي اچي وڃڻ ۽ علائقي ۾ بجليءَ جي هاءِ ٽينشن لائنن جو ڄار وڇائجي وڃڻ، جڏهن ڪو مور بجليءَ جي کنڀن جي هڪ تار تي ويهي ٿو ته ان جو ڊگهو پڇ ٻيءَ تار سان ٽڪرائجي وڃي ٿو جنهن سبب ڪرنٽ جو وهڪرو مور جي جسم ۾ جاري ٿي وڃي ٿو ۽ مور ٿڏي تي ئي مري وڃي ٿو. انهن سببن جي ڪري ڏينهون ڏينهن مور جو نسل گهٽجي رهيو آهي ۽ اهڙو خطرو پيدا ٿي رهيو آهي ته ڊائناسار وانگر سنڌ جو مور به ڪٿي ختم نه ٿي وڃي. اهڙيءَ ريت سنڌوءَ جي ٻلهڻ (Indus Dolphin) جو نسل پڻ خطرن هيٺ آهي. سنڌوءَ جي ٻلهڻ کي اکيون ڪونه ٿين ٿيون، صرف اکين جا ننڍڙا نشان اٿس ۽ مڪمل انڌي ٿئي ٿي. درياهه جو پاڻي تمام گهڻو گدلو يا ميرو يا غير شفاف ٿئي ٿو ان ڪري سنڌو درياهه ۾ رهندڙ مڇين جي ڏسڻ جي حد تمام گهٽ يا نه هجڻ برابر ٿئي ٿي، ان ڪري انڌي ٻلهڻ بغير اکين جي زندگي گذارڻ سکي ورتو آهي. خوراڪ ۽رستو تلاش ڪرڻ لاءِ ڊولفن (ٻلهڻ) پنهنجي آواز جي پڙلاءَ جو سهارو وٺندي آهي. سنڌوءَ جي ٻلهڻ اصل ۾ مڇي نه آهي پر هڪ کير پياريندڙ ۽ ٻچا ڄڻيندڙ جانور آهي ۽ قدرت هن جانور کي پاڻيءَ ۾ رهڻ جي صلاحيتن سان نوازيو آهي. هن جو رنگ ناسي مائل خاڪي ٿئي ٿو، وڌ ۾ وڌ 2.5 ميٽر ڊيگهه اٿس ۽ نر، ماديءَ کان ننڍو ٿئي ٿو. سندس ڊگهي چُنهنب نما وات ۾ ڪل 72 ڏند ٿين ٿا ۽ ٻه وڏا پر ٿين ٿا جيڪي کيس تيز وهڪري واري پاڻيءَ ۾ ترڻ ۾ مدد ڏين ٿا. سنڌو درياهه ۾ انڌي ٻلهڻ جي آباديءَ جي اڪثريت سکر کان گڊو ۽ پوءِ تونسا ۽ وري اڳتي چشمه بئراج تائين رهي ٿي. هن پوري علائقي ۾ سندس نسل جي واڌ ويجهه ٿئي ٿي. هڪ مادي ٻلهڻ لڳ ڀڳ ”10“ مهينن تائين حامله رهڻ بعد اڪثر ڪري بهار جي مند ۾ ٻچا ڄڻي ٿي. ٻچي جي پيدائش کان فورن بعد ٻچي کي ساهه کڻڻ لاءِ پاڻي جي سطح تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ڇو ته هيءُ هڪ جانور آهي مڇي نه آهي ان ڪري پاڻِيءَ جي وڏي اهميت آهي، سندس زندگي گهڻي ۽ گندگيءَ کان پاڪ تازي پاڻيءَ جي موجود هجڻ جي تقاضا ڪري ٿي. جيڪڏهن هن کي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ ڇڏيو وڃي ته جلدي مري ويندي.سنڌوءَ جي انڌي ٻلهڻ جي ترڻ جو انداز پڻ نرالو آهي، هڪ ته درياهه جي ڪناري سان ترندي آهي ۽ خوراڪ جي ڳولها لاءِ صرف ”3“ ميٽر گهري ٽٻي هڻندي آهي، درياهه جي پاڻيءَ ۾ ٽٻيءَ دوران 30 کان 60 سيڪنڊن تائين خوراڪ جي تلاش جاري رکندي آهي، ان بعد پاڻيءَ جي سطح تي واپس اچي ساهه کڻندي آهي اهڙيءَ ريت سندس زندگيءَ جو گذارو هلندو رهندو آهي. بئراجن ٺهڻ کان پوءِ اڪثر سنڌوءَ جي ٻلهڻ ڪئنالن ڏانهن پاڻيءَ جي وهڪري ۾ لڙهي هلي ٿي وڃي جتي ان جي زندگي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي ۽ ان کي انسانن جي مدد جي ضرورت پوي ٿي جيڪا وقت سر نه پهچڻ سبب موت جو شڪار به ٿي وڃي ٿي، جڏهن ته سنڌو درياهه ۾ فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب سنڌوءَ جي ٻلهڻ جي زندگيءَ کي وڏا هاڃا رسيا آهن، ٻئي طرف چيو وڃي ٿو ته پنو عاقل ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ موجود ڍنڍن ۾ پيدا ٿيندڙ مڇيءَ کي مارڻ لاءِ زهر جو استعمال ڪيو ويو ۽ ان عمل کي سنڌو ۾ مڇي مارڻ لاءِ پڻ آزمايو ويو جنهن سبب وڏي تعداد ۾ انڌي ٻُلهڻ موت جو شڪار ٿي وئي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جو مور ۽ سنڌوءَ جي ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) جو نسل تعداد جي لحاظ کان تمام ٿورڙو وڃي باقي بچيو آهي، هڪ طرف هڪ حسين ۽ رنگ برنگي پکي مور آهي جنهن جي حسن ۽ خوبصورتيءَ جي هاڪ سڄيءَ دنيا ۾ آهي ته ٻئي طرف پاڻيءَ اندر رهندڙ ٻچا ۽ انهن کي کير پياريندڙ هڪ مخصوص جانور انڊس ڊولفن يا انڌي ٻلهڻ آهي جنهن کي اکيون ڪونه آهن، ٻنهي جي نسلن کي يقيني تحفظ ڏيڻ لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟ ٿيڻ ته اهو گهرجي ته هڪ ٿر جي پياسي ڌرتيءَ جي پکي ۽ ٻئي سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي جانور جي مستقبل ۾ فنا ٿيڻ کان بچاءَ جا پورا پورا انتظام ڪرڻ گهرجن، اهڙن انتظامن ۾ هنن ٻنهي نسلن جي واڌ ويجهه لاءِ فارم ٺاهڻا پوندا، جتي کين قدرتي ماحول فراهم ڪري سندن نسل جي واڌاري جا انتظام ڪرڻ گهرجن، اهڙن فارمن ۾ ٻچن جي پيدائش کان وٺي سندن جوان ٿيڻ تائين پرگهور لهڻ گهرجي ۽ پوءِ انهن کي سندن اصل ۽ قدرتي ماحول ۾ ڇڏڻ گهرجي، جڏهن ته مورن ۾ ڦهليل بيماريءَ جي علاج ۽صحتمند مورن کي بيمار مورن کان پري رکڻ جا اپاءَ وٺڻ گهرجن، جڏهن ته سنڌو درياهه ۾ زهر اڇلائي مڇي ماريندڙ شڪارين کي پڻ اهڙو طريقو استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جا بندوبست ڪرڻ گهرجن. bhanbhro.nazeer@gmail.com
جواب: مورن ۽ ٻلهڻ مڇيءَ کي خطرا ادا مور ۽ ٻالهڻ مڇي اڄڪله اسان وٽ ناياب ٿيندي ٿي وڃي ۔جيڪڏنهن هننجي صحيحي پرورش ۽ حفاظت ن ڪبي ت هنن جو وجود ختم ٿي ويندو ۽ انهن جو ذڪر صرف ڪتابن ۾ ملندو۔ادا توهان هڪ وڏي آهميت واري معاملي تي توجه ڇڪائي آهي ان لاء توهان کي تمام گهڻو جس هجي۔شال هي آرٽيڪل ڪنهن صاحب آقدار جي نظر کان گذري ۽ مورن ۽ ٻالهڻ مڇي جي نسل بچائڻ لآء ڪي آثرائتا قدم کنيا وڃن۔