ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

'مزاحيه ۽ مرڪائيندڙ' فورم ۾ شبانه امتياز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2011۔

  1. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڇا ڪيون بابا ڪاسائين جا ريٽ وڌي ويا آهن، هتي ٻڪر ڪُٺل ڪونهي پر لڳي پيو اسان جهڙو ڪو عوامي ٻڪرو يا ٻڪري ڪُٺي پئي آهي۔ ڇا خيال آهي دوستو ڦر نه ڪهنا خبر نه هُئي۔

    [​IMG]
    .
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    ادي اوهانجي هي ونڊ ڪيل تصوير ڏسي، پنجابي شاعر جو هڪ شعر ڪجه هن طرح ياد اچي ويو

    الله تينــــون جنــــت نصيــــب ڪــــــري پاڪستـــــــان بڻـــــــاوڻ والــــــي،
    سانون سمجه ڪي بڪري قرباني دي، اٿ ڇڏ گئي او ڇريان چلاوڻ والي،
    اٿي جو به آيا تيسا سنگهه آيا، اسي حالـــي به حاضر آن، ڇوڊي لواوڻ والي۔

    تيسا پنجابي ۾ واهولي کي چئبو آهي، جنهن سان ڊکڻ ڇوڏا لاهيندا آهن*
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    ادي ڪاسائي به ڪا هاڙي ويڌن نه ڪئي هوندي۔ جي ڪاسائي ڏسندو جنهن ماڻهون کي اوهان ان جي ڌنڌي تي ويهاريو آهي ته هو ويچارو پنهنجو ڌنڌو ڇڏي ڏيندوته آءُ اهڙو برو ته ناهيان۔
    وسلام
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    ادي تمام بهترين ايڊٽنگ ٿيل آهي۔۔۔باقي اها ڪرسي شي ئي اهڙي آهي۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    شبانه ادي ڪاسائي کي ڏسون، ڪاسائي جي هٿ ۾ ڪات کي ڏسون، پنهنجو پاڻ کي ڏسون، يا اُن اڏِي کي ڏسون يا سُنبي کي ڏسون جنهن ۾ عوامي ٻڪرو يا ٻڪري ٽنگي پئي آهي، توهان جي موڪليل هن زبردست مزاحيه تصوير مان خبر پئي ته توهان جي مزاحيه حس به شاندار آهي۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    ادي مُلڪ ۾‌ڪاسائي وڌي ويا آهن، ڍور کُٽي ويا آهن پوءِ ايئن ته ٿيڻو ئي آهي نه۔۔۔
     
  7. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    ادا جيئن ته پنجابي مونڪي گهٽ سمجه م ايندي آهي ، ان ڪري توهان جي هن شاعري ۾ صرف پاڪستان ، ٻڪري، ڇريان ۽ توهان تيسا سمجهايو آهي ئي سمجه ۾ آيو، انهن سڀني لفظن مان سمجهي سگهي آهيان ته پاڪسان ۾ سياستدانن سامهون پياري عوام ۾ مرد قرباني جا ٻڪرا عورتون قرباني جون ٻڪريون آهن، سياستدان صرف ڪاسائي آهن جيڪڏهن سير وجهڻي اٿن ته ڇريان، جيڪڏهن ڇوڏا لاهڻا اٿن ته تيسو هٿن ۾ اٿن۔ توهان جي مهرباني ادا
     
  8. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    ادا عاشق جيتري قدر مونکي خبر آهي ته هن تصوير ۾ ڪٿي به ڪُرسي ڪانهي پر هڪڙو اي ون ڪاسائي آهي ، هٿ ۾ ڪات اٿس، پياري عوام اونڌي ٽنگي پئي آهي ان پياري عوام جي کل به لٿي پئي ۔ باقي ڪرسي ورسي ڪانهي۔ مهرباني ادا۔
     
  9. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    ادا ڏاڏل شينا، مان غريب ڪير ٿيندي آهيان ان کي انهي ڌندي تي ويهارڻ واري، پر پياري پاڪستان جي سموري پياري عوام جنهن ۾ مان ۽ تون به شامل آهيون انهي همراهه کي انهي ڌندي تي ويهاريو آهي، هاڻي انهي ڌندي ڪرڻ واري جي مرضي آهي ته وڍي ٻوٽيون ڪري يا سُنبي ۾ اونڌو ٽنگي۔
     
  10. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    مست اسد ڀا الله مونکي ڪوڙ نه ڳالهائي ته مُلڪ ۾ ڪاسائي کُٽي ويا آهن پر غريب عوام جي صورت ۾ ڍور وڌي ويا آهن ان ڪري هڪڙو ڪاسائي امپورٽ ڪري هتي ويهاريو اٿن هن تصوير جي صورت ۾ ته غربت مٽائو ملڪ بچائو، گهٽ ۾ گهٽ توهان فلسفو ته صحيح ڳالهائيندا ڪريو۔
     
  11. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    سائين نثار اڄڪلهه توهان سنڌ سلامت تي گهٽ پيا نظر اچو مان ته پريشان هُيس ته ڪٿي انهن ڪاسائين جي ور ته ڪونه چڙهي ويا ۔ معاف ڪجو
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    ادي شبانه ذري گهٽ واڳوئن جي وات آهيان، باقي ڪاسائي پوڙها ڍور ڪونه وڍيندو آهي ۽ نڪو پوڙهن ڍورن کي ابتو ٽنگيندو آهي۔ جيڪڏهن ڪاسائين ڀُلجي پوڙهن ڍورن تي ڇُري ڦيري ته ڦاسي پوندا آهن ٽن چئن ڏينهن کان پو پوڙهن ڍورن جو گوشت کپائي سگهندا آهن۔ ان ڪري سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي ته نثار ناز ڪاسائين جي ور چڙهي۔
     
  13. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    انکان پهريان به ڪاسائي هئا انهن جا نالا ئي ڪونه آهن هن ڪاسائي تي ايتري وڏي تنقيد ڇو؟؟
    انکان پهريان به تمام وڏا وڏا ڪاسائي هئا انهن کي عوام ويساري ڇڏيو آهي سنڌين جي به پنجابن جي بلوچن جي به سڀن جي تنقيد هن ڪاسائي تي آخر ڇو؟؟؟ هن ڪاسائي عوام کي گهڻو ڪجه ڏنو به آهي پر آلائي ڇو هن ڪاسائي جا پازيٽو پوائنٽ ڪائونٽ ئي ڪونه ٿا ٿين آخر ڇو مان هن ڪاسائي جي سائيڊ ڪونه ٿو کڻا پر مان هڪ حقيقت پسند ماڻهو آهيان انڪري تنقيد هرهڪ تي هجڻ کپي۔ مهرباني ڪري انکي توهان پازيٽو وٺجو مان هڪ راءِ ڏني آهي نه ئي وري ڪا ڪنهن جي سائيڊ کئي آهي۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔۔۔

     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪٿان سکيئن سپرين اها ڪاسائي واري ڪار!

    ها ها ها ها دوست همانگير في الحال جيڪا تصوير ادي شبانه هينئر هتي ٽيگ ڪئي ان ۾ موجوده ڪاسائي نمايان آهي ان ڪري انهي ڪاسائي جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه هلي پئي ڪو دوست ٻين ڪاسائين جو اهڙيون تصويرون کڻي آيو ته انهن کي به پنهنجي ڪامينٽس ۾ ضرور آڻبو، پليز ادا همانگير توهان وٽ جيڪڏهن اهڙن ٻين ڪاسائين جون تصويرون آهن ته فوري شيئر ڪيو اسان توهان سان گڏ آهيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو