
السلام عليڪم ورحمة الله
دوستو گذريل هفتي ضرورت کي محسوس ڪندي پنهنجي ذاتي استعمال لاءِ dell precision 380 ڪمپيوٽر مارڪيٽ مان خريد ڪري آيس. ڪمپيوٽر کي اڃان اسٽارٽ ئي مس ڪيم ته آفس پهچڻ جو حڪمنامو جاري ٿي ويو. سڀ ڪم ڪار ڇڏي ڪري آفس پهتس ۽ هاٽ ميل تي گهر وارن سان ڳالهه ٻولهه به ٿيندي رهندي هئي.... پر آواز ڪجهه گهٽ ٻڌڻ ۾ ايندو هيو... اڄ جڏهن گهر پهتس ۽ ڪمپيوٽر جو چڱيءَ طرح جائزو ورتم ته ٻه فالٽ نظر آيا.
پهريون فالٽ سائونڊ ريڪارڊنگ جو آهي. ڊرائيور وغيره هر شيءِ چيڪ ڪري تسلي ڪيم... ريڪارڊنگ جو مسئلو حل نه ٿيو، جنهن ڪري وائيس ڪال نٿو ڪري سگهان ۽ سنڌ سلامت لاءِ ٽيوٽوريل تيار ڪرڻ وقت پڻ آواز ريڪارڊ نه ٿو ٿئي. ٿورڙو هن تصوير کي غور سان ڏسو:

ٻيو مسئلو ڪومبو ڊرائيو جو آهي، Super Combo جي رقم چڪايم. هينئر ڊي وي ڊي رائيٽ ڪرڻ کان اصل جواب ڏئي ويٺو آهي. حالانڪه ڊرائيو تي DVD+Rewritable جو ليبل ڪمپنيءَ طرفان لڳو پيو آهي. My Computer ۾ ڊرائيو هن طرح ظاهر ڪري ٿو:
DVD/CD-RW Drive
منهنجي خيال ۾ سپر ڪومبو لاءِ DVD+RW/CD-RW Drive هجڻ گهرجي. تسلي ڪرڻي آهي ته ڇا هي واقعي سپر ڪومبو آهي ته جيئن دڪان واري سان ڳالهائي سگهجي.