سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪاروبار!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ faheemquest طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2011۔

  1. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي واڌ ويجھ ۽ اوسر لاء جيڪي قدم اڄ تائين کنيا ويا ۽ يا جن سڄڻن انهي عمل ۾ حصو ورتو سي سڀ اسان لاء قابلِ احترام آهن.غورو فڪر جي ڳالهه اها آهي ته جن جن به انفرادي يا اجتماعي يعني تنظيمي بنيادن تي انهي عمل ۾ پاڻ پتوڙيو،سنڌي ادب ذريعي سنڌي ٻولي جو قد اوچو ڪرڻ ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيو،ڇا انهن جي محنت رنگ لاتو؟ ڇا اهي سرخرو ٿيا؟ جيڪڏهن ها ته پوءاڄ ڪيترن سنڌي نوجوانن جي وهاڻن هيٺان يا هٿن ۾ سنڌي ڪتاب آهن؟ساليانو سنڌي ڪتابن جي وڪري جو تناسب ڪيترو آهي؟ اهو ته طع آهي ته انهن سوالن جا جواب اطمينان جوڳا ناهن ته پوء آخر ڪٿي ڪمي رهجي ويئي؟
    اڄڪله سڀ کان وڏو الميو ته اهو آهي جوجيڪي سٺو لکن ٿا تن ۾ ڇپرائڻ جي سگھ ناهي ۽ وري جيڪي هيڏانهن هوڏانهن ڪري لکڻ وارا لکي ۽ ڇپرائي به ويا انهن کي پڙهڻ لاء ڪو تيار ناهي. هڪ ته اهو حال آهي اسانجو ٻيو وري جيڪي ٻه چار سنڌي ڪتابن لاء ويب سائيٽون جوڙيون ويون آهن تن ۾ نالي ماتر ڪي ڪتاب موجود آهن ڊائون لوڊنگ لاء نه ته ٻيومڙيئي خير.سنڌي ادبي بورڊ وارن جي به ڪهڙي ڳالهه ڪيان، انهن ته خير سان پنهنجي ويب سائيٽ تان مورڳو ڪاپي- پيسٽ جو آپشن ئي ڊس ايبل ڪري ڇڏيو مفت ڊائون لوڊنگ ته پري جي ڳالهه.ڪجھ دوستن ته وري ويب سائيٽون ٺاهي ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو سنڌي ڪتابن جي وڪري لاء.منهنجو انهن پيارن سنڌي ڀائرن کان بس اهو سوال آهي ته ادا اهو ٻڌايو ته مارڪيٽ ۾ هارڊ ڪاپيون سڀ وڪامجي ويون؟ انٽرنيٽ تي ته ڪاروبار پهنجي ويب سائيٽ تي اشتهار لڳائي به ڪري سگھجي ٿو، ۽ ٻيا به سوين طريقا آهن انٽرنيٽ تي پئسا ڪمائڻ جا. جيڪڏهن انهي کي اوهان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ٿا چئو ته ڀلي چئو.
    منهنجو خاص ڪري سنڌي ادبي بورڊ وارن ۽ انهن دوستن، جيڪي سنڌي ادب جو قد واقعي اوچو ڏسڻ چاهين ٿا ۽ انهئ فيلڊ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪم ڪري رهيا آهن کي اهو نماڻو عرض آهي ته سٺو لکڻ وارن جي ڪتاب ڇپرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي،۽ پهريان سنڌي سماج ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت وڌي وڃي بالڪل ائين جيئن ڪنهن کي نشي تي لاهڻ لاء پهريائين مفت ۾ هيرائبو آهي. گھڻي کان گھڻا ڪتاب انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪيا وڃن ته جيئن سنڌ توڙي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌي دوست انهن جو مطالعو مفت ڪري سگھن.
    فهيم اختر ميمڻ
    دمام سعودي عرب
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪاروبار!

    [justify]
    سهڻا دوست، فهيم اختر ميمڻ صاحب، سڀ کان پهريائين ته سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اچي اوهان وڏا وڙ ڪيا آهن، ۽ اسين اوهانکي دل جي گهراين ۽ پاٻوهه مان ڀليڪار ڪريون ٿا ۔۔۔

    سڄڻ آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔

    اميد ته اوهان هن موچاري اوطاق تي ڀيرو ڪندا رهندا ۽ پنهنجن خيالن ۽ ادبي ڪاوشن کان اسانکي روشن ڪندا رهندا ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته اسانجو هٿ به اوهان سان گڏ مٿي آهي ته سنڌ جا ادارا بجاءِ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ڪرڻ جي هڪ قسم جو مذاق ڪن ٿا ۽ سنڌين کي علم ۽ تحقيق کان پري ڪندا وڃن ۔۔۔ اسانجو پڻ مطالبو آهي ته سنڌ جا ادارا پنهنجو ڪردار ۽ فرض ادا ڪندي سنڌين جي تعليم ۽ تربيت جو خاص بندوبست ڪن ۽ سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ واري ماحول کي اڳ کان اڳرو ڪن ۔۔۔

    پر منهنجا دوست افسوس، اسين واڪا ته ڪري سگهون ٿا ۽ ڪندا رهنداسون پر نه ته اسانجا واڪا انهن جي ڪنن تائين پهچندا ۽ جي پهچندا به ته ڪنن ۾ ڪپهه، اکين تي لالچ ۽ لوڀ جا ڪارا شيشا پائي ڇڏيا اٿن ۔۔۔

    جيئن شاه ڪريم بلڙيءَ واري جو چوڻ آهي ته؛
    پاڻــــــيءَ مٿــــــــي جهـــــوپڙا، مــــورک اڃ مرن،
    جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن۔

    مٺا دوست، پاڪستان جو نظام ۽ ان ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافيون ۽ مٿان وري سنڌي ڪاموري جو ڪردار، سڀ ملائجن ته ظلم ۽ اونڌائي صاف نظر اچي ٿي ۔۔۔ انڪري ٻٻرن کان ٻير نه گهرجن ته پت به بچندي ۽ مايوسي به نه ٿيندي ۔۔۔


    اوهانجي حب الوطني ۽ سنڌ دوستي اوهانجي پهرين ليک مان جهلڪي ٿي ۔۔۔ خوب گذرندي جڏهن ملندا چريا چار ۔۔۔

    ڀيرو نه ڀڃجو ۔۔۔۔

    نثار ابڙو
    مڪو پاڪ
    [/justify]
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪاروبار!

    بس ابا سنڌي ادبي بورڊ وارن کي ڪير سمجهائي
     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪاروبار!

    ادا انهن کي الله ئي ايمان ڏيندو۔​
     
  5. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪاروبار!

    دوستو توهان جون سڀ ڳالهيون سون پرمان هتي سنڌي ادب جي شاگرد طور عرض ڪندو هلان ته نه فقط سنڌي ادب جي وڏن وڏن ناليوارن جو جيترو نالو آهي اوترو ئي ڪم لٿا پيا آهن، کلي طور چوندس ته ”نام بڙا ديهه ويران“ مون ته پنهنجي اکين سان انهن جا اهڙا ڪرتوت ڏٺا ۽ ٻڌا آهن جو ماشاالله جيڪي دعويدار هوندا آهن ته سماج جا دردوند آهن ۽ سماجي اوڻاين کي نروار ڪندڙ آهن پر ائين هرگز نه آهي اهي فقط ڪتابي ڳالهيون آهن هاڻي ته رڳو ويچارا سرمائيدار ۽ وڏيرا نالي ۾ خوار ۽ خراب آهن پر اصل ۾ ته جديد دور جا وڏيرا ۽ سڀ کان وڌيڪ ڏوهاري اهي ئي اسان جا سچا پچا ناليرا مڙس ماڻهو آهن جيڪي فقط سکڻيون ڳالهيون ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌريون ڪن ٿا عملن سندس افعال ايترا ته بڇڙا ۽ ڊوهه جا ڦندا آهن، سندن اڄڪلهه سوچ رڳو سندن ڪڌن ڪمن تائين محدود آهي، جهڙوڪ ٻين جا حق ڪيئن کائجن؟، ٻين کي بيوقوف ڪيئن ڪجي؟ پاڻ ۾ لابيز ڪيئن بڻائجن ۽ ان جي ٿرو ڪيئن ڪمائي جا ذريعا پيدا ڪجن توهان موجوده دور ۾ انهن ناليوارن محترم اديبن جي مالي حالتن جو جائزو وٺندا ته سڀ سچيون توهان جي آڏو هوندو نه فقط ايترو جيڪر توهان کي شاهدي گهرجي ته توهان ڪنهن به معصومڙي اديب جي گهر ۾ مقرر ٿيل سندن ملازمن کان ئي حال اوري سگهو ٿا۔۔۔ آئون پنجئي آڱريون برابر نه ٿو سمجهان تنهن جي باوجود به ائين چوڻ کان هرگز نه ڪيٻائيندس ته سندن ڳالهه ٻولهه جا ڍنگ ته سلڇڻا پر عملن ٽڪو ئي ناهي۔۔۔ صفا ڀينگ لڳي پئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ افسوس
     
  6. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    جواب: سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪاروبار!

    سائين نثار ابڙو صاحب پهريائين ته لک لائق تمام سهڻن لفظن سان ڀليڪار ڪرڻ لاء۔ ٻيو ته اهو واضح ڪندو هلان ته اهو اوهان نه پيا ڳالهايو پر اها مڪي جي مهڪ ۽ سنڌ جي سڳنڌ پئي ڳالهائي۔
    سائين منهنجا اڳتي عرض ڪندو هلان ته جنهن مهل مون اهو مٿي بيان ڪيل ننڍڙو ليک لکي پورو ڪيو ان وقت سائين عرفان علي شاه آن لائن هئا،تنهن سان ائين ئي حال احوال ۾ اها سنڌي ادبي بورد واري ڳالهه نڪتي ته مولائيء دير ئي نه ڪئي ۽ ستت ئي سائين زوار شاه سيڪريٽري سنڌ ادبي بورڊ کان فون ڪري انهئ ڪارستانئ جي باري ۾ پڇيائين۔سائين زوار شاه سائين عرفان شاه کي جواب اهو ڏنو ته اهو اسان انڪري ڪيو آ ته ڪو هتان مواد چورائي ۽ ڇپائي نه وٍٍجهي۔

    مونکي وڏي حيرت ٿي ته سائين زوار صاحب ڀلا سنڌين کي ايترو بيوقوف سمٍجهيو آ يا آخر مسئلو ڇا آهي؟هي آئين سڳوري ۾ ڪاپي رائٽ ايڪٽ ڪهڙي مرض جي دوا آهي ڀلا؟ ان ڳالهه تي سائين عرفان شاه به ماٺيڻو ٿي پيو۔ هاڻي سائين اهو قصو مونکي سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته ڀلا اسان سنڌين جي سادگي،نوڙت کي هرڪو بيوقوفي ڇو ٿو سمجهي۔جي ائين ئي آ ته پوء ٺيڪ آهي ائين ئي صحيح، اسين بيوقوف آهيون، پر بي عقل ناهيون۔
    باقي دوستن جي به وڏي مهرباني جو پنهنجي قيمتي وقت مان ٿورو وقت ڪڍي هن ليک تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي۔ جتي هجو سکيا هجو اسانجي آ دعا اها۔
    ساٿ سلامت
    فهيم اختر ميمڻ
     
  7. راحيلا علي

    راحيلا علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪاروبار!

    يا علي مدد ادا ،پوري سند سلامت کي ربيع الاول مبارک۔
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ جي آڙ ۾ ٿيندڙ ڪاروبار!

    محترم فهيم اختر ميمڻ صاحب ۔۔۔۔ سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔
    اميد ته هي فورم توهان کي ڀلو لڳو هوندو۔۔۔ وڌيڪ بهتري لاءِ توهان جي مشورن جو انتظار رهندو۔۔۔

    جيتري قدر سنڌي ادبي بورڊ وارن جي ويب سائيٽ جو تعلق آهي ته منهنجا پڻ ڪيترائي اهڙا دوست آهن جن اهڙيون شڪايتون ڪيون آهن۔۔۔ بورڊ وارن سائيٽ تي محنت ڪئي آهي ۽ ڪجهه ڪتاب لڳايا آهن ۔۔۔ ان ڪري سندن کي اهو حق حاصل ٿو ٿئي ته اهي ڪاپي رائيٽس استعمال ڪن۔۔۔ پر کين پڙهندڙ جي سهولت لاءِ ڪجهه اضافي سهولتون ڏيڻ ۾ ڪو حرج نه آهي۔۔۔ هوئن ته عام ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ ان سائيٽ تان مواد ڪاپي نه ٿو ڪري سگهي پر جيئن توهان لکيو آهي۔۔۔
    ته واقعي ڪمپيوٽر کي گهڻو سمجهندڙ هاڻي ان سائيٽ تان مواد کڻي سگهن ٿا۔۔۔۔ ان ڪري اسان به ادبي بورڊ وارن کي گذارش ڪنداسين ته يا ته اها پابندي هٽائين يا مواد کي پي ڊي ايف جي صورت ۾ رکن ته جيئن سنڌي ادب جي هن سرمائي کي پکيڙي سگهجي۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو