عبرت آرٽيڪل عرب انقلاب جي انجڻ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ڪارل مارڪس جو خوبصورت قول آهي ”انقلاب تاريخ جون انجڻيون هونديون آهن.“ (Revaluations are Locomotives of History) عرب وچ اوڀر ۾ طلاطم جي ڪيفيت آهي. دنيا حيرت مان ڏسي رهي آهي. هني بال جي ملڪ تيونس مان جيڪا چڻنگ اٿي آهي، ان مصر، اردن، يمن ۽ الجزائر ۾ به ڀڙڪو کاڌو آهي پر ان چڻنگ جو گهڻو تئو اسرائيل، امريڪا ۽ يورپ محسوس ڪري رهيا آهن. عبدالڪريم گذريل صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ مراڪش جو وڏو وطن دوست انقلابي اڳواڻ هو، جيڪو پوءِ مصر ۾ جلاوطني ۾ رهندو هو. عبدالڪريم اسان جي ميان نصير محمد وانگر هو، جنهن اورنگزيب جي فوج خلاف 22 سالن تائين سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جنگ ڪئي هئي. عبدالڪريم به 22 سالن تائين فرانس جي ظالماڻي بيٺڪي راڄ خلاف جدوجهد ڪندو رهيو. عبدالڪريم سان تيونس جا انقلابي مصر ۾ ملڻ آيا. موڪلاڻي وقت تيونس جي هڪڙي انقلابي عبدالڪريم کان پڇيو ته ”تيونس جي انقلابين لاءِ اوهان جو ڇا خيال آهي؟“ عبدالڪريم چيو ”تيونس جا انقلابي (سنڌي انقلابين وانگر- ليکڪ جي معذرت) ڳالهيون گهڻيون ۽ ڀليون ڪندا آهن پر عمل نه ڪندا آهن.“ زمزما جي شڪست ۽ ڪارٿيج جي تباهي کان حبيب بورقيبه ۽ زين العابدين جي حڪمراني تائين رومي شهنشاهيت ۽ فرانسيسي بيٺڪيت جو هڪ تسلسل آهي جيڪو اڍائي هزار سالن تي ڦهليل آهي. زين العابدين جي ڀاڄ ۽ تيونس جي عوام جي فتح اڍائي هزار سالن جي غلامي ۽ ذلت جو بدلو آهي. سڄي دنيا جي مظلومن جا سڄي دنيا جي ظالمن ڏانهن صدين جا حساب ۽ پلاند رهيل آهن. اڍائي هزار سال اڳ زيوس جي مندر ۾ هني بال کان، جڏهن هو اڃان ڏهن سالن جو هو، سندس پيءُ قسم کڻايو هو ته هني بال ڪڏهن به رومين سان دشني ختم نه ڪندو. 63 سالن جي عمر ۾ هني بال زهر کائي ڇڏيو پر رومين سان دشمني ختم نه ڪئي. ڪائنات ۾ ڪا به شيءِ ضايع نه ٿي ٿئي نه مادو نه شڪستي، نه جسم نه روح- جيڪو آهي سو آهي. هني بال جو روح ۽ جسم جتي به هوندا جنهن به حال ۾ هوندا خوش ٿي رهيا هوندا! سڄي دنيا جون نظرون عرب وچ اوڀر ڏانهن آهن. خاص ڪري مصر ڏانهن- ڇو؟ ڇاڪاڻ ته عرب مشرق وسطى ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي وچ تي آهي. سڪندر مقدوني کي سندس جاگرافين سمجهايو ته مصر دنيا جي وچ تي آهي. هو سڄي دنيا کي فتح ڪرڻ کانپوءِ مصر ۾ پنهنجو تخت گاهه ٺاهڻ پيو گهري. نيپولين بوناپارٽ ايشيا ۽ آفريڪا کي ڪٽي ٻن سمنڊن- ڀونچ ۽ ڳاڙهي کي هڪ ڪئنال رستي ملائڻ جي تجويز ڏني. ان تجويز تي سوئيز ڪئنال ٺهيو. سوئيز ڪئنال ايشيا ۽ آمريڪا ۽ يورپ جي وچ ۾ فاصلي کي گهٽايو ۽ واپار کي وڌايو آهي. اڳي جو جهاز يورپ ۽ آمريڪا کان راس- اُميد Cape of Good Hope کان ڦري اچن تن جو فاصلو ايٽلانٽڪ کان ڀونچ سمنڊ ۾ داخل ٿي، سوئيز واهه مان ڳاڙهي سمنڊ داخل ٿي اتان هندي سمنڊ ۾ داخل ٿين پيا. اهڙي طرح سان هزارن ميلن جو فاصلو گهٽجي ويو. وچ اوڀر جي ٻي خصوصيت اها آهي ته ڪن عرب ملڪن ۾ تيل تمام گهڻو ٿو ملي. گذريل مني صديءَ کان هن وقت تائين تيل توانائي جو وڏو ذريعو آهي. تيل جون ڪمپنيون آمريڪي ۽ يورپي آهن. تيل جون ست وڏيون ڪمپنيون آهن جن کي ست ڀينرون Seven sisters چوندا آهن، تن مان پنج امريڪا جون آهن. هي ڪمپنيون تيل جي ڳولا، کوٽائي، صفائي ۽ مارڪيٽنگ ڪن ٿيون. ساليانو اربين ڊالرن جو نفعو ڪمائين ٿيون. عرب حڪمرانن ۽ شيخن کي جيڪي ڊالر ملن ٿا سي اهي يورپي ۽ امريڪي بينڪن ۾ رکن ٿا. ڪجهه اتي سيڙپ ڪن ٿا، ٻيا اربين ڊالر عيش عشرت ۾ خرچ ڪن ٿا. هي ڊالر يورپ ۽ امريڪا کي هڪ وڏو معاشي ٽيڪو آهي ته وري عربن جي تيل تي يورپين ۽ امريڪن جا ڪارخانا ٿا هلن، گهر ٿا گرم ٿين، هوائي جهاز ٿا اڏامن ۽ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ ٿي هلي. تيل عرب معاشرن ۾ اڻ برابري کي وڌايو آهي. تيل جي دولت گڏ ٿئي ٿي عرب حڪمرانن ۽ شيخن وٽ. انهن دلال سرمائيدارن وٽ جيڪي امريڪا ۽ يورپ جي سرمائيدارن ۽ ڪمپنين سان گڏيل سيڙپ ڪن ٿا. ايشيائي ملڪن ۾ به ڪجهه سرمائيڪاري ڪن ٿا پر پنهنجن ملڪن ۾ خير ڪو ڪارخانو لڳائين ٿا، جنهن ڪري روزگار جا ذريعا وڌن ڪو نه ٿا. رڳو دولت چند هٿن ۾ گڏ ٿيندي ٿي وڃي. نوجوان خاص طور تي مهانگائي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهن. علمي لياقت مطابق کين نوڪري نه ٿي ملي. سخت چٽاڀيٽي ۾ پنهنجو معيار زندگي برقرار رکي نه ٿا سگهن. مٿان وري آمريتون يا بادشاهتون آهن. ڪنهن کي به سياسي سرگرمي، خيالن جي اظهار ۽ اجتماع جي آزادي ناهي. دنيا ۾ آزادي سان اظهار لاءِ شاهراهون کليون پيون آهن پر عرب ملڪن ۾ چپن تي چن لڳو پيو آهي. سياسي گهُٽ ۽ معاشي مجبوري ماڻهن کي بغاوت ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن. ٻئي طرف وري تيل پيدا ڪندڙ عرب ملڪن کي آمريڪا ۽ يورپ وارا مجبور ٿا ڪن ته اهي فوجي هٿيار خريد ڪن، جن جي انهن کي گهڻي ضرورت به ناهي. گذريل سال سعودي عرب 30 ارب ڊالرن جا هٿيار خريد ڪيا آهن. وري ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ عرب خطي ۾ جيتريون لڙايون ٿيون آهن ايتريون دنيا جي ٻئي ڪنهن به هنڌ ڪو نه ٿيون آهن، جيڪي نوان هٿيار ٺهن ٿا انهن کي وچ اوڀر ۾ آزمايو وڃي ٿو. لاڳيتو لڙاين خطي ۾ عدم استحڪام کي وڌايو آهي، آمريتي ۽ آپيشاهي طاقتن کي سگهارو ڪيو آهي ۽ عوام جي محرومي ۽ ويڳاڻپ کي وڌايو آهي. عرب حڪمران ۽ شيخ، انهن جا خفيه ادارا ڪجهه خير خيرات ڪن ٿا، دين جي به خدمت ڪن ٿا. پنهنجي ملڪ ۾ نه پر اسان وٽ مدرسن کي پيسا ڏين ٿا. مدرسن ۾ بنيادپرستي کي وڌائن ٿا ۽ جهادي تنظيمون ٺهرائين ٿا. پنهنجا ماڻهو اسان وٽ جهاد لاءِ موڪلين ٿا پر پاڻ وٽ انهن کي برداشت نه ٿا ڪن. جهادي تنظيمن کانسواءِ اسان وٽ آمريتي ۽ رجعت پسند قوتن جي مالي ۽ سياسي مدد ڪن ٿا. جهڙوڪ پرويز مشرف ۽ شريف برادران جيئن پاڻ وٽ تيئن اسان وٽ به ڪنهن ٿوري لبرل ڌر کي به قبول ۽ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. پاڪستان ۾ ڪڏهن ڪنهن سياسي مصلحت خاطر جيڪڏهن امريڪا سعودين کي اشارو ڪري ٿي ته اهي امريڪا لاءِ سياسي ونگار به وهي ٿا وڃن. هڪڙي ڳالهه اها آهي ته عربن جو سڀ کان وڏو دشمن سندن تيل آهي. جيڪڏهن امريڪا اتي پنهنجو ظالماڻو قبضو رکڻ گهري ٿي ته ان جو سبب تيل آهي. جيڪڏهن ٿوري بهاني تي اسرائيل عربن تي حملو ڪري ٿو ته ان جو به حقيقي سبب انهن جو تيل آهي پر وري جيڪڏهن عرب بادشاهه ۽ آمر پنهنجي عوام جو آواز بند ڪري انهن کي زير زمين قيدخانن ۾ بند ڪري انهن کي اذيتون ڏين ٿا ته ان جو سبب به عربن جو تيل آهي. در حقيقت عالمي استعمار ۽ عرب رجعت پسندي ۽ آپيشاهي جو ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ هڪ زبردست ڳٺ جوڙ ٺهيو آهي تنهن ايڪيهين صديءَ ۾ به عرب عوام کي ايترو ته دٻائي رکيو آهي ڄڻ ته اڻويهين صدي هجي. مٿان عربن جي سيني ۾ اسرائيل جو خنجر هنيو ويو آهي. ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ عربن جي ليفٽ، جمهوري ۽ قومپرست ڌرين جي جيڪا جدوجهد رهي آهي ان جي هڪ شاندار تاريخ آهي پر مصر ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڪئمپ ڊيوڊ معاهدي کانپوءِ مصر جڏهن عربن جي آزادي ۽ جمهوري تحريڪ کان هٿ کڻي وئي ته سڄو عرب عوام ڇورو ڇنو ٿي ويو. مصر سڀن عرب ملڪن ۾ آبادي، فوج ۽ صنعت جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. سندس آبادي اٺن ڪروڙن کان مٿي آهي ۽ اٺ لک سندس فوج آهي. نيل ندي ۽ اسوان ڊيم سبب هڪ بهترين زرعي ملڪ آهي. زراعت جديد طريقن سان ڪئي وڃي ٿي. مصر ۾ صنعت به ججهي آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سڀن عرب ملڪن کان اڳڀري آهي. مصر ۾ سياحت کي صنعت جو درجو مليل آهي. سياحت لاءِ جن شين جي ضرورت آهي اهي سڀئي مصر ۾ موجود آهن. اربين ڊالر سياحن مان ڪمايا وڃن ٿا. ڪمائي جو ٻيو ذريعو سوئيز واهه آهي جيڪو اولهه ۽ اوڀر جي وچ ۾ بهترين واپاري گذر گاهه آهي. 18 لک بيرل تيل روزانو سوئيز واهه مان گذاريو وڃي ٿو. سڄي دنيا ۾ جيڪو واپار ٿئي ٿو، جيڪو کربين ڊالرن ۾ آهي تنهن جو ڏهه سيڪڙو سوئيز واهه مان لنگهي ٿو. هر سال ڏيڍ ارب ڊالر امريڪا مصر جي فوج کي امداد طور ڏئي ٿي. مصري جيڪي تيل وارن عرب ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا يا امريڪا ۽ يورپ ۾ ڪمائين اربين ڊالر ساليانو اهي مصر موڪلين ٿا. مطلب اهو آهي ته مصر ۾ تيل گهڻو پيدا نه ٿو ٿئي پر مصر ۾ دولت جا ٻيا ذريعا آهن ۽ ٻاهران به دولت اچي ٿي. پر جيڪا دولت اچي ٿي تنهن جو وڏو حصو ڪرپشن ۽ اقرباپروري جي نظر ٿي وڃي ٿو. حسني مبارڪ جو پٽ ڪيترين ڪمپنين جو مالڪ آهي. ٻيو پيسو حسني مبارڪ جي ڇاڙتن ۽ درٻارين ڏانهن وڃي ٿو. اشرافيه پنهنجو حصو کڻي ٿي شهري ڪامورا گهٽ نه ٿا ڪن. مصر جي اٺ لک فوج آهي جنهن جو ٻيو ڪو به ڪم ناهي سواءِ غزه جي ماڻهن جي ناڪابندي ڪرڻ. خوراڪ ۽ دوائن به انهن کي پهچائڻ نه ٿي ڏئي غزه جا فلسطيني مصر ۽ اسرائيل جي فوجن جي وچ ۾ سئنڊوچ لڳا پيا آهن. ان نيڪ ڪم لاءِ مصر جي فوج سرڪاري خزانو ميڙي پنهنجي گوڏي هيٺ ڪري رکي ٿي. مصري جنرل وڏن زرعي فارمن ۽ صنعتي فرمن جا مالڪ آهن. عمر سليمان جي نگراني ۾ جيڪو خفيه ايجنسين جو ادارو آهي تنهن ۾ 10 لک ماڻهو ڪم ڪن ٿا. جيڪي هڪ هڪ مصري جو پيڇو ڪندا رهندا هئا. مختلف شهرن ۾ انهن جا اذيت گهر ٺهيل آهن جتي هزارين ماڻهن کي اذيتون ڏنيون ويون آهن. ڪيترن ماڻهن جا عضوا ڀڳا ويا آهن، ٻيا مري ويا آهن، ڪن جا لاش به گم ڪيا ويا آهن. مصري خفيه ادارو امريڪا کي گهربل ماڻهو پڪڙائي ڏنا. امريڪا جي گهربل ماڻهن کي مصر ۾ پنهنجن اذيت گهرن ۾ اذيتون ڏنيون ويون آهن. مصري ماڻهو حسني مبارڪ کان ايترو نه ڊڄندا هئا جيترو عمر سليمان کان. ليفٽ، لبرل، جمهوريت پسند، ايتري قدر جو قدامت پسند پارٽين، گروهن، شخصيتن، اديبن، دانشورن، شاگردن کي، جيڪو مخالفت ڪري پئي سگهيو سو عمر سليمان جي غضب کان بچي نه سگهيو. امريڪا جي جارحيت، اسرائيل جي داداگيري ۽ عرب حڪمرانن جي شڪست خوردگي جيڪا ڪئمپ ڊيوڊ کان شروع ٿي تنهن عرب عوام جي عزت- نفس ۽ خودي کي پائمال ڪري ڇڏيو. ڪرنل قذافي، ياسر عرفات ۽ بشرالاسد جيڪي بهادر ۽ بي ڊپا اڳواڻ تصور ڪيا ويندا هئا سي پنهنجين مصلحتن جو شڪار ٿي ويا. ڪرنل قذافي پنهنجي پوزيشن تان هٽي ويو. ياسر عرفات اوسلو معاهدو قبول ڪيو. بشر الاسد لبنان مان فوجون ڪڍي ويو. عرب حڪمرانن جي بزدلي کي ڏسي امريڪا عراق تي حملو ڪري ان تي قبضو ڪيو ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ پنهنجون فوجون موڪلي ڇڏيون. عرب حڪمران وائيٽ هائوس جا دربان بڻجي بيٺا هئا، عرب ليگ ۽ او آءِ سي (OIC) رڳو قراردادون پاس ڪندا هئا ۽ اقوام متحده امريڪا جي آڱوٺي هيٺان هوندي هئي. ان سڄي صورتحال ۾ رڳو ايران عرب عوام ۽ فلسطينين جي حق لاءِ سنجيده آواز اٿاريندو هو. عمر سليمان، امريڪا ۽ اسرائيل وٽ ڪيڏي به ظالمانه طاقت هجي پر تاريخ جي وهڪري جي رستي- روڪ ڪري نه ٿا سگهن. مصري آبادي جو سٺ سيڪڙو نوجوان آهن. جن جو وڏو تعداد يونيورسٽين مان پڙهيل آهي. نه رڳو مصر مان پر يورپ ۽ امريڪا مان به. اهي تعليم يافته نوجوان بيروزگار آهن. تعليم جي حساب سان معاشري ۾ جيڪو کين مقام ملڻ کپي تنهن کي بيروزگاري ۽ مهانگائي چٽ ڪري ٿي ڇڏي. ڪجهه سال انهن يورپ ۽ امريڪا ۾ گذاريا آهن، اتي جي آزادي، کليل ماحول، لبرل ازم ۽ انساني حقن جي اون ڏٺي ۽ محسوس ڪئي، اتي هر ادارو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري ٿو. گهٽ ۽ ٻوسٽ ڪا نه آهي. اخبارون ۽ ٽي وي آزاد آهن هر ڪوئي پنهنجي راءِ بنا ڪنهن خوف جي ظاهر ڪري سگهي ٿو. ڪوئي عمر سليمان ناهي. سندن ملڪن ۾ وري حڪمرانن کي عوام جي اهنج ايذاءَ جي ڪا پرواهه ناهي. رڳو استعمارن جي اشارن تي اٿن ويهن ٿا. جيڪڏهن حڪمرانن کي ڪا ڳڻتي آهي ته رڳو پنهنجي اقتدار ۽ دولت ميڙڻ جي. مصري نوجوانن کي هر هنڌ تي پاڻ جهڙا بوزيز Bouziz ۽ حسني مبارڪ جهڙا زين العابدين نظر اچن پيا. بوزيز تيونس ۾ پڙهيل بيروزگار هو جنهن کي ايترو ته بي عزتو ڪيو ويو جو هن خودڪشي ڪري ڇڏي. تيونس جو عوام اٿي کڙو ٿيو. زين العابدين سعودي ڀاڄ کاڌي، جوڻس وري ويندي ويندي هڪ ٽن سون به پاڻ سان کڻي وئي. مصري نوجوان هڪ پاسي کان معاشي دٻاءُ ته ٻئي پاسي کان سياسي گهُٽ جو شڪار ٿي رهيا هئا. انهن جي اندر ۾ هڪ ٻارڻ ٻري رهيو هو. ان صورتحال ۾ جڏهن سڀئي عرب حڪمران امريڪا ۽ اسرائيل اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري چڪا هئا ۽ ان جي حمايت رڳو ايران ڪري رهيو هو. خاص ڪري فلسطينين جي حق ۾. سن 2006ع ۾ لبنان ۾ اسرائيل ۽ حزب الله (جنهن کي ايران جي حمايت هئي) جي ويڙهه ۾ حزب الله جي ڪامياب مزاحمت عرب نوجوانن ۾ اُميد ۽ حوصلو پيدا ڪيو. وري سن 2008ع ۾ غزه ۾ حماس جي انتهائي مشڪل حالتن ۾ اسرائيل جي حملي خلاف مزاحمت عرب عوام جي همت ۽ حوصلي کي وڌايو ۽ عرب حڪمرانن خلاف نفرت جي جذبي کي به وڌيڪ گهرو ڪيو. تاريخ جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، سال ڏيڍ کن ٿيندو جو ترڪي به فلسطينين جي جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪيو. ترڪي پنهنجو امدادي جهاز به غزه ڏانهن روانو ڪيو. ترڪي جي حمايت عرب نوجوانن جي غيرت کي وڌيڪ وڌايو. جنهن جو رخ عرب حڪمرانن ڏانهن آهي. انهن اندروني ۽ ٻاهرين حالتن گڏجي اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جو عربي رڻ ٻري پيو. مائو چيو هو ته ”هڪ چڻنگ به ڀڀڙ ڀڙڪائي سگهي ٿي.“ (A single Spark can flare a prairie fire) بوزيز جي خودڪشي واري چڻنگ تيونس، مصر ۽ سڄي عرب دنيا ۾ باهه ڀڙڪائي ڇڏي آهي. حرف آخر: (الف) تيونس جو انقلاب اڃان مضبوط بنيادن تي بيٺل ناهي. اهڙي صورتحال انقلاب جي ڪاميابي ۽ ناڪامي لاءِ اهم گهڙي هوندي آهي. پرماري ۽ عوام دشمن قوتون پنهنجو اقتدار ۽ مفاد ڇڏڻ پسند نه ڪندا آهن. اهي عوام کان سخت نفرت ڪندا آهن، عوام کي نيچ ۽ ڪميڻو سمجهندا آهن تنهن ڪري هڪڙي مورچي تان تڙجي ٻئي مورچي تان اهي جيڪو حملو ڪندا آهن تنهن ۾ چراخ جهڙي مڪاري ۽ چيتي جهڙي تيزي هوندي آهي. تيونس جي انقلاب جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري اها آهي ته انقلاب کي مرڪزي طور منظم ۽ ثابت قدم اڳواڻي واري قوت- هڪ پارٽي جنهن جي هن وقت انقلاب کي ضرورت آهي سا ناهي پر انهن ڪمزورين هوندي به انقلاب اڳتي وڌندو. (ب) ڪنهن به انقلاب جي ڪاميابي لاءِ ٻن قوتن جي ضرورت هوندي آهي. پهريون معروضي حالتون ۽ ٻيو موضوعي عنصر. اهي ٻئي ملي ڪري انقلابي صورتحال Revolutionary situation پيدا ڪندا آهن. ان مرحلي تي عوام جي سياسي سرگرمي تمام گهڻي وڌي ويندي آهي. جدوجهد جي اڳئين مرحلي ۾ انقلابي صورتحال ڦري عمومي انقلابي بحران General Revolutionary Crisis جنم ڏئي ٿي. هن ۾ ڇا ٿو ٿئي جو رياست غير موثر ٿي وڃي ٿي. State becomes state less طاقت جا ٻه مرڪز Dual Power ٿي پون ٿا. انقلابي قوتن ۽ انقلاب دشمن قوتن جي وچ ۾ طاقت جو توازن ذري گهٽ برابر ٿي پوي ٿو. اها صورتحال مصر ۾ موجود آهي. عمر سليمان عوام جي جلوس تي پوليس ۽ خفيه ايجنسين کان تشدد ڪرايو، ڳوڙها گيس ۽ پاڻي جا زوردار ڦوهارا هڻايا. هوائي فائرنگ ۽ پوءِ سڌي فائرنگ ڪرائي. اقوام متحده جي رپورٽ آهي ته ٽي سئو ماڻهو مارجي ويا آهن. هزارين زخمي ٿيا آهن. ٻيا هزارين گرفتار ڪيا ويا آهن. ايڏي تشدد کانپوءِ به ماڻهو ثابت قدم رهيا آهن. ڏهه لک ماڻهو آزادي واري چوڪ تي گڏ ٿي ويا آهن. جوان ۽ پوڙها، عورتون ۽ ٻار، مسلمان ۽ قبطي عيسائي. عمر سليمان پنهنجي 10 لک ايجنٽن مان 25 هزارن قاتلن، غنڊن ۽ لوفرن کي هٿياربند ڪري، موٽرن، گهوڙن ۽ اٺن تي سوار ڪري آزادي چوڪ تي ويٺل مظاهرين تي حملو ڪرايو. انقلابي عوام جي همت ۽ مزاحمتي قوت اڃان به وڌي وئي. نتيجو: - حڪمران زبردست طاقت جي استعمال باوجود آزادي چوڪ ماڻهن کان خالي ڪرائي نه سگهيا. وري انقلابي قوتون به ايتري طاقت اڃان گڏ نه ڪري سگهيون آهن جو حسني مبارڪ کي صدارتي محل مان ڪڍي ٻاهر اڇلي ڇڏين. اهو آهي ٻٽو پاور Dual Power. هيءَ تعطل واري شڪل گهڻو وقت هلڻي ناهي پر ايستائين هلڻي آهي، جيستائين فوج پنهنجي وفاداري ظاهر ڪري. (ت) ايران جو انقلاب:- جيئن اڳ ذڪر ٿي چڪو آهي ته انقلاب لاءِ ٻن شين جي ضرورت هوندي آهي. هڪ معروضي حالتن جو پچي راس ٿيڻ ۽ ٻيو هڪ منظم، ويڙهاڪ ۽ تجربيڪار پارٽي جنهن وٽ حالتن کي سمجهڻ ۽ خطرو کڻڻ جي صلاحيت هجي. انقلاب جي ڪاميابي جو فارمولو ڪنهن نصاب ۾ ڪو نه پڙهايو ويندو آهي پر ان جي پٺيان انقلابي فڪر جي واڌ ۽ انقلابي جدوجهدن جو هڪ وڏو سلسلو آهي. فرانس ۽ روس جي انقلابن لاءِ حالتون سازگار هيون پر جيڪڏهن جيڪو بن Jacobin ۽ بالشيوڪ پارٽي نه هجن ها ته انقلاب ڪامياب ٿي نه سگهن ها. انقلاب جي جيڪا جدليات ٻڌائي وئي آهي تنهن کي تاريخ سچو ثابت ڪيو آهي پر تاريخ ۾ يڪسانيت ناهي. تاريخ جا ڪيئي رنگ آهن تاريخ نون تجربن سان ڀري پئي آهي ۽ اڳتي اڃان ڪيئي نوان تجربا ٿيندا. ايران ۾ به انقلابي حالتون هيون پر نه جيڪو بن هئا نه بالشيوڪ. ڪنهن معمولي ڳالهه تان فرانسيسي انقلاب وانگر ايرانين جو سمنڊ اٿلي پيو ۽ رضا شاهه ڀڄي ويو. امام خميني دير سان انقلاب جون واڳون سنڀاليون. تنهن کان اڳ عراق ۽ فرانس مان رڳو پنهنجون تصويرون ڪيسٽن ۾ ڀري موڪليندو هو. (انهيءَ ڪري ايراني انقلاب کي ڪيسٽي انقلاب چوندا آهن) ڏهه سال پوءِ اوڀر يورپ ۾ ايراني انقلاب جي تجربي کي دهرايو ويو. اهو تجربو ڪامياب ٿيو. برلن ديوار جي ڊهڻ کان 20 سال پوءِ وري عرب ملڪن ۾ خاص ڪري مصر ۾ انقلاب بند دروازي جو ڪڙو کڙڪائي رهيو آهي. مصر ۾ جمهوري آواز کي ائين ڪچليو ويو هو جيئن ايران ۾. ايران ۾ ڪيسٽن ماڻهن کي سڙڪن تي آندو ۽ انٽرنيٽ وري مصرين کي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي انساني معاشري جي ترقي ۽ تبديلي ۾ ڪيڏو وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪو سياسي پارٽين کي ڪرڻ کپي اهو جديد ٽيڪنالاجي ڪري رهي آهي پر مصر ۾ انقلابي عوام کي اهو ضرور ڪرڻو پئجي ويندو ته ڳالهين ۽ سڌارن جي آڙ ۾ انقلاب کي جيڪي اندران ئي اندران کاٽ هنيا وڃن ٿا ان جو بار پاڻ کڻن انٽرنيٽ تي نه ڇڏين. نوٽ ؛ تاريخ جا واقعا آهن هن ڪري ونڊ ڪيو پيو وڃي باقي هن آرٽيڪل سان ونڊ ڪندڙ جو متفق ٿيڻ ضروري ناهي