مصر جي مختصر تواريخ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مصر جي مختصر تواريخ

    ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي

    اتر آفريڪا جو تواريخي ملڪ مصر هڪ وڏي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي بحران مان لنگهي رهيو آهي. ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن لاءِ مصر هڪ ”حسن“ وارو ملڪ رهيو آهي، گهڻائي ماڻهو ڪيترو وقت مصر کان متاثر رهيا آهن. شايد يوسف ۽ زليخا کان ويندي قلوپطرا ۽ مارڪ انٿوني جا قصا هنن جي ذهنن ۾ آهن، مصر جي تواريخ جو مختصر جائزو هن ريت آهي.

    مصر جي مختصر تواريخ:

    مصر جي هن وقت پکيڙ اٽڪل ڏهه لک چورس ميلن تي آهي ۽ گهڻي کان گهڻي ماڻهن جي آبادي نيل دريا جي آسپاس آهي. اها چاليهه هزار چورس ميلن تي پکڙيل آهي. دنيا جو وڏي ۾ وڏو صحرا سينا هتي آهي. هن ملڪ جي تهذيب جي تواريخ 3150 ق م تائين وڃي ٿي، جڏهن هتي ميمس خاندان راڄ شروع ڪيو ۽ ان دور جو وڏو ڪارنامو اهي اهرام آهن. 1560 ق.م ۾ مصر ۾ ”فرعونن“ جو دور شروع ٿيو، اهو دور هو جڏهن هتي هڪ خدا جو تصور وڌڻ ويجهڻ لڳو. ان دور ۾ مصر کي هڪ بين الاقوامي سطح تي گهڻي اهميت حاصل هئي. هن ملڪ تي يورپي توڙي ٻين عربي قومن حملا ڪيا، پر اهي ڪامياب نه رهيا. صرف ايرانين جي حملن اچي فرعونن جي دور کي ختم ڪيو. جلد ئي هن تي رومين حملو ڪري، آخري خودمختيار راڻي قلوپطرا کي شڪست ڏني، جنهن رومي جنرل مارڪ انٿوني جي عشق ۾ خودڪشي ڪئي ۽ رومن جنرل سيزر آگسٽس حڪمران بڻجي ويو.

    عيسائيت ۽ اسلام:

    ترن طائين جي دور ۾ هتي عيسائيت جو دور شروع ٿيو، پر خلافت راشدين ۾ اسلام پکڙيو ۽ پوءِ هن تي عثمانيه سلطنت جو قبضو ٿيو. 1798ع ۾ نپولين بونا پارٽ جي اڳواڻي ۾ فرانسيسين مصر تي حملو ڪيو. هي رياست ترڪن، البانين ۽ ميملوڪين جي حملي جي زد ۾ رهي، نيٺ البانوي اڳواڻ ”محمد علي پاشا“ کي عثمانيه سلطنت طرفان”سلطان“ مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد سندس پٽ ابراهيم ۽ پوءِ پوٽا سعد ۽ اسماعيل آيا. اسماعيل، فرانسيسين سان گڏجي 1875ع ۾ سُوئيز ڪئنال، برطانيا کي وڪرو ڪيو، جڏهن مصري قومپرست اڳواڻ احمد عروبي هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري سوئيز ڪئنال کي ڇڏائڻ چاهيو ته فرانسيسين ۽ برطانيا وارن گڏجي لشڪر ڪشي ڪري هن اڳواڻ کي شڪست ڏني ۽ مصر ٻاهرين ملڪن جي غلبي هيٺ آيو.

    پهرئين ۽ ٻي عالمي جنگ:

    پهرئين عالمي جنگ جي نتيجي ۾ 1922ع ۾ مصر کي آزادي ملي، جيڪا نالي ماتر هئي. 1952ع تائين هتي برطانيا جو ايجنٽ شاهه فاروق حڪمران هو، جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هن هڪ ڏينهن چيو هو ته ”دنيا ۾ بادشاهه هاڻ صرف تاش جي پتن“ ۾ رهندو. قومپرست تحريڪ جي ڪري هتي جي فوجين بغاوت ڪري 1952ع ۾ شاهه فاروق جو تختو اونڌو ڪيو ۽ محمد نغيب کي اڳواڻ مقرر ڪيو، جنهن کي جمال ناصر 1953ع ۾ هٽائي اقتدار تي قبضو ڪيو. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جڏهن دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي ويئي هئي ته جمال ناصر سوويت يونين جو ساٿي بڻيو. هن سوئيز ڪئنال نيشنلائيز ڪيو ته وڏو سياسي ڀونچال مچي ويو.

    اخوان المسلمين:

    جمال ناصر جي دور ۾ آمريڪا مذهبي پارٽين ۽ مذهبي انتهاپسندن جي مدد ڪندو هو. اخوان المسلمين هڪ عالمگير اسلامي انقلاب آڻڻ لاءِ عرب دنيا ۾ پنهنجون شاخون کوليون هيون، جنهن جي اڳواڻ شهيد قطب کي جمال ناصر جي دور ۾ ڦاسي ڏني ويئي. پوءِ اخوان المسلمين مختلف مسلمان ملڪن مان پنهنجو ڪم جاري رکندي آئي. اخوان المسلمين ۾ گروپبندي به ٿي. مک گروپ، جيڪو اڃان تائين قائم آهي، تنهن تشدد جو رستو اختيار نه ڪرڻ جو عهد ڪيو. ٻيو گروپ تشدد جو حامي آهي، ۽ اخوان المسلمين کي غدار قرار ڏئي ٿو. اخوان المسلمين جو انتهاپسند ڌڙو، جنهن جا هاڻ ٻيا نالا آهن، جن مان مبينا طور القاعده به آهي، تن جي بنيادي فلسفي ۾ فرق ناهي. اهي ئي انتهاپسند هئا، جن انور سادات کي قتل ڪيو هو.

    انور سادات ۽ حسني مبارڪ:

    1967ع ۾ اسرائيل مصر تي حملو ڪيو. ان کي مشهور ”ڇهن ڏينهن جي جنگ“ چيو ويندو آهي. مصر ان ۾ هارائي ويو، ۽ ان جي ڪافي حصن تي اسرائيل جو قبضو ٿي ويو. صدمي ۾ جمال ناصر کي دل جو دورو پيو ۽ هو گذاري ويو. پوءِ انور سادات اقتدار سنڀاليو. 1973ع ۾ مصر هن جي اڳواڻي ۾ اسرائيل تي حملو ڪيو. اقوام متحده جنگبندي ڪرائي ۽ سادات آمريڪا ڏانهن جهڪاءُ رکيو. 1977ع ۾ هن کي اسرائيل علائقا واپس ڪيا. سادات انتهائي مقبول حڪمران ليکيو وڃي ٿو. 1981ع ۾ هن کي بنياد پرستن ماري ڇڏيو. ان ڏينهن کان حسني مبارڪ اقتدار تي قابض رهيو آهي، 82 سالا حسني مبارڪ پنهنجي انت تي پهچي چڪو آهي، مصر ۾ جمال ناصر کانپوءِ ڪو به وڏو مقبول حڪمران نه رهيو آهي، هو اڄ به مصرين جو هيرو آهي.

    Mun_bdn@yahoo.com



    نوٽ ؛ تاريخ جا واقعا آهن هن ڪري ونڊ ڪيو پيو وڃي باقي هن آرٽيڪل سان ونڊ ڪندڙ جو متفق ٿيڻ ضروري ناهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو