خودمختياري برقرار رکي وڃي ته ڪا به عالمي سازش ڪامياب نه ٿيندي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    خودمختياري برقرار رکي وڃي ته ڪا به عالمي سازش ڪامياب نه ٿيندي:سپريم ڪورٽ

    اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان خودمختيار رياست آهي، جيستائين پنهنجي خودمختياري قائم رکنداسين تيستائين ڪا به عالمي سازش ڪامياب نه ٿيندي، جسٽس رمدي چيو ته بلوچ غيرتمند قوم آهي، غير ملڪي ڪمپني کان اسڪول پنڻ پسند نه ڪندا، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ جسٽس سائر علي، جسٽس غلام رباني ۽ جسٽس خليل الرحمان رمدي تي ٻڌل 4 رڪني بئنچ ريڪوڊڪ منصوبي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي شروع ٿي ته سنجراڻي قبيلي جي وڪيل احمد رضا قصوري دليل ڏيندي چيو ته غير ملڪي ڪمپني کي ستر سيڪڙو وسيلا ڏنا پيا وڃن، ان سان پاڪستان کي ڪو به فائدو ناهي ۽ اهو عمل پاڪستان جي خودمختياري جي پڻ خلاف آهي، هي ڪمپني پاڪستان جي لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني وانگي ثابت ٿي سگهي ٿي، غير ملڪي ڪمپني بلوچستان ۾ 4 اسڪول ٺاهيندي ۽ اتي ٻارڙن جي برين واشنگ ڪئي ويندي، ان موقعي تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار رياست آهي، جيستائين خودمختياري قائم رکنداسون ڪا عالمي سازش ڪامياب نه ٿي ٿي سگهي، خودمختيار قوم جي حيثيت ۾ هڪ ويلو کائي گذارو ڪرڻو پيو ته ڪنداسون، جسٽس خليل الرحمان رمدي چيو ته بلوچ غيرتمند ۽ عزت دار قوم آهي، غير ملڪي ڪمپني کان 2-4 اسڪول پن طور نه وٺندا، احمد رضا قصوري چيو ته بي ايڇ پي ڪمپني کي لائسنس ڏيڻ وقت قاعدن ۾ نرمي ڪئي وئي ۽ اهڙي نرمي معدنيات جي سيڪريٽري سڌي طور ڪئي آهي ۽ حڪومت کان پڇيو به ناهي، جڏهن ته بلوچستان جي ايڊووڪيٽ جنرل لائسنس ۾ نرمي بابت رڪارڊ پيش ڪندي عدالت کي آگاهي ڏني ته لائسنس جي شرطن ۾ نرمي ان وقت بلوچستان جي وڏي وزير ڪئي، جنهن تي جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته رڪارڊ مان ظاهر ٿي رهيوآهي ته شرطن ۾ تبديلي معدنيات جي سيڪريٽري ڪئي آهي، جيڪڏهن تبديلي بابت هدايتون ان وقت جي وڏي وزير جاري ڪيون آهن ته ان بابت رڪارڊ پيش ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته قاعدن ۽ ضابطن ۾ نرمي مخصوص حالتن ۾ ڪري سگهجي ٿي، احمد رضا قصوري چيو ته قاعدن ۽ ضابطن ۾ نرمي ملڪي خودمختياري تي حملو آهي، ريمنڊ ڊيوس جو واقعو ان جو واضح مثال آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ڪيس ۾ سياسي ڳالهيون نه ڪيو، ريمنڊ ڊيوس اسان جو موضوع ناهي، اوهان پنهنجا دليل ڪيس تي فوڪس ڪيو ۽ جذباتي نه ٿيو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته غير ملڪي ڪمپني سان معاهدو ڪرڻ وقت جيڪڏهن شرط لاڳو نه ڪيا وڃن ته دفاعي نوعيت جي معاملن ۾ به دخل اندازي ٿي سگهي ٿي، خودمختيار رياست جي حيثيت سان معاهدو ڪرڻ وقت سڀني گهرائين کي ڏسڻ ضروري آهي، ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان عدالت کي ٻڌايو ته معاهدي جا دستاويز اڃا ناهن مليا، هن چيو ته بلوچ پهريان پاڪستاني بعد ۾ بلوچي ۽ ٻيا آهن، عدالت ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

    10/02/2011
    ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو