• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مشتاق ڦُل اسان چوڙين جي ڇن ڇن تي مدهوش ٿي پياسين۔۔۔ڊاڪٽر مشتاق ڦل

عدنان ڪٽپر

سينيئر رڪن
اسان چــوڙين جــــي ڇَن ڇَن تي وري مدهوش ٿي پياسين
چــمين جـــي پاڪ پيغــان تي وري مدهوش ٿي پياسين

مٿــــــئين چَپ ۾ هڻي چــــڪڙو، غضب جي گُهــور جو پاتئــــــين
تَڪــــڻ وارن طريقــن تـــــي وري مـــــدهوش ٿي پياسين

پشــــم جهڙي ســــندر چهــري تي وارن جي ڏسي کيچل
ڪِري ســـجدي ۾ قدمــــن تي وري مدهوش ٿي پياسين

بخــــاري، تاج، بــــــيوس ۽ اســــان تنــــــوير جــــــا پوئلڳ
گــــلابي تن جي گيــــتن تي وري مدهوش ٿــي پياســــين

عـــجب هُن جـــــي ادائن تي، تکيـــــــن ترڇـــين نگاهن تي
سنـــدس نازن ۽ نخــــــرن تي وري مـــــدهوش ٿـي پياسين

غــــزالي ڇـــــوڪري گُذري هتان، مــــشتاق سڀ ماڻهو
ســــندس جواني ۽ جــــــوڀن تي وري مدهوش ٿي پياسين


adnan.jpg

وڏو ڪرڻ لا تصوير تي ڪلڪ ڪريو۔
 
جواب: اسان چوڙين جي ڇن ڇن تي مدهوش ٿي پياسين۔۔۔ڊاڪٽر مشتاق ڦل

ادا ڊيزائن ته بهترين آهي پر ننڍڙا فونٽ وري ڳاڙهو ڪلر سو اسان کي سمجه ۾ نه آيو ڏاڍي مشڪ ل سان پڙهيو آهي
 
جواب: اسان چوڙين جي ڇن ڇن تي مدهوش ٿي پياسين۔۔۔ڊاڪٽر مشتاق ڦل

ادا ڊزائين تمام بهترين آهي..۽ علي جهڙن ڪراڙن اوهانجي ڏنل فونٽ ۽ ڪلر کي پڙهي ڪون سگهندا...ادا اوهانجي ڪوشش ۽ ڊزائين تمام بهترين آهي​
 
جواب: اسان چوڙين جي ڇن ڇن تي مدهوش ٿي پياسين۔۔۔ڊاڪٽر مشتاق ڦل

عدنان ڪٽپر صاحب مهرباني

اسان چــوڙين جــــي ڇَن ڇَن تي وري مدهوش ٿي پياسين
چــمين جـــي پاڪ پيغــان تي وري مدهوش ٿي پياسين

مٿــــــئين چَپ ۾ هڻي چــــڪڙو، غضب جي گُهــور جو پاتئــــــين
تَڪــــڻ وارن طريقــن تـــــي وري مـــــدهوش ٿي پياسين

پشــــم جهڙي ســــندر چهــري تي وارن جي ڏسي کيچل
ڪِري ســـجدي ۾ قدمــــن تي وري مدهوش ٿي پياسين

بخــــاري، تاج، بــــــيوس ۽ اســــان تنــــــوير جــــــا پوئلڳ
گــــلابي تن جي گيــــتن تي وري مدهوش ٿــي پياســــين

عـــجب هُن جـــــي ادائن تي، تکيـــــــن ترڇـــين نگاهن تي
سنـــدس نازن ۽ نخــــــرن تي وري مـــــدهوش ٿـي پياسين

غــــزالي ڇـــــوڪري گُذري هتان، مــــشتاق سڀ ماڻهو
ســــندس جواني ۽ جــــــوڀن تي وري مدهوش ٿي پياسين

بهترين شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ اوهان جا ڏنل بهترين رنگ
 
جواب: اسان چوڙين جي ڇن ڇن تي مدهوش ٿي پياسين۔۔۔ڊاڪٽر مشتاق ڦل

ادا تمام بهترين ونڊ آه مان نابين ڪجهه مشڪل سان پڙهيو پئي پر وري هيٺ نظر پئي ته واه واه ٿي وئي

بهترين ڊيزائن
سدائين گڏ
 
جواب: اسان چوڙين جي ڇن ڇن تي مدهوش ٿي پياسين۔۔۔ڊاڪٽر مشتاق ڦل

لک ٿورا سائين سليمان جو نظم پڙهڻ جهڙو ڪيو اٿوَ ۔۔۔ اصل ۾ دوستن کي عرض ڪريان ته شاعري پيش ڪرڻ جو مقصد هوندو آهي ۔۔۔ شاعري جو مقصد ۽ شاعر جا خيال نه ڪي ڊزائين يا ڦوٽو ۔۔۔ انڪري چترڪاري جي حيثيت آخري آهي ۔۔۔ شاعر جا خيال اول آهن ۔۔۔ انڪري ان ڳالهه جو خيال ڪيو وڃي ته پڙهندڙ کي پڙهڻ ۾ آسان ٿي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔۔

جذباتي ۽ عشق مجاز جي پهرين ڏاڪي تي چڙهندي محبوب جي جسم جي ۽ انجي ڀاڪرن ۽ چمين جو احساس تمام وڻندڙ ۽ بيهوش ڪرڻ جهڙو ضرور هوندو آهي، پر جڏهن پيار مضبوط ۽ بزرگي طرف وڌندو آهي ته جسم کان روح جي طرف وڌندو آهي ۽ جڏهن روح تائين پهچندو آهي ته پو آخري ڏاڪي تي اچي پهچندو آهي ۽ سندس اڳين منزل ” حقيقت “ هوندو آهي

لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا
 
جواب: اسان چوڙين جي ڇن ڇن تي مدهوش ٿي پياسين۔۔۔ڊاڪٽر مشتاق ڦل

واهه ادا واهه تمام بهترين۔
 
جواب: اسان چوڙين جي ڇن ڇن تي مدهوش ٿي پياسين۔۔۔ڊاڪٽر مشتاق ڦل

عـــجب هُن جـــــي ادائن تي، تکيـــــــن ترڇـــين نگاهن تي
سنـــدس نازن ۽ نخــــــرن تي وري مـــــدهوش ٿـي پياسين

واه واه ادا لاجواب
بهترين تمام سٺي چونڊ ڪئي اٿو
 
Back
Top