ڀاء عدنان ڪٽپر جي بهترين ڊزائن
مشتاق ڦل جهڙو سهنو شاعر آهي ان کان به بهترين انسان آهي۔ سندسس ڪتاب دل ته چوي ٿي ۾ بهترين شاعري ڪئي اٿس۔ هو هميشه سنڌين جي مدد ۾ لڳل رهندو ، شاعري ، مريض ، سنڌ جا مارو ، سمجي ڪم بس مشتاق مونکي سنڌ جو مشتاق لڳندو آهي۔ مشتاق چوي ٿو :
دوســـتيءَ کي ئي وڌائڻ ٿــــو گُهـــــري
دشمــــنيءَ جـــــا پيــر ڊاهڻ ٿو گهري
ڳالــهه دل ۾ ڪـــا اٿس هــڪ پيار جـــي
ڳالهه توکي سان ٻُڌائـــــڻ ٿو گـــهري
کير جون نديون کــڻي ٻئي هنڌ وَهن
سنڌ تنهنجو ئي ســـڏائڻ ٿو گهـــــري
نفـــرتن جـــــي شهر ۾ ”مشـــتاق ڦُل“
محبـــتن جا گل ورهــــائڻ ٿو گــــهري