هوا، مٽي ۽ ڪاڳـر جيئن مان سوچيندو آهيان اوهان به ائين ٿا سوچيو سا ته مونکي ناهي خبر پر منهنجي اڳيان جيڪا خوبصورت حسينه ويٺي آهي ان کي ڏسي اوهان کي شايد منهنجين ڳالهين تي يقين اچي وڃي. اوهان کي متان اها غلط فهمي ٿي وڃي ته مان ان سان پيار ڪرڻ لڳو آهيان، دراصل ائين ناهي پر هوءَ مون کي پسند اچي وئي آهي. ”منهنجا سائين پسند ڪرڻ ۽ پيار ڪرڻ ۾ فرق آهي. ٻنهي جو ڪَرڻ ٿي وڃڻ واري معنا رکي ٿو انهن ۾ ٻي ڪابه هڪجهڙائي ڪانهي. پيار کانپوءِ گڏ رهڻ جو مطلب اهو آهي ته ڪجه مهينن کانپوءِ نوان نوان سمجهوتا ڪري پيار برقرار رکڻو پوندو، جڏهن ته پسند ڪبو ئي ڪجه وقت لاءِ آهي، پسند جو تعلق سينسري نيوران سان آهي اوهان ان کي برين ڪيمسٽري سڏي سگهو ٿا. ”اوهان ٺيڪ ٿا چئو ته هوءَ ڏاڍي حسين آهي، سنهي چيله وڏي قد ساڻ، وڏيون وڏيون گول اکيون، چمڪندڙ لَسا وار، گورو رنگ، شيشي جهڙو بدن. معروضي حقيقتن کي ته بيان ڪري سگهجي ٿو پر هن جي سئڪالاجي جي باري ۾ ڇا ٿو چئي سگهجي. ڏسو نه وٽيو سٽيو ڪرونڊڙي لڳي ويٺي آهي ڄڻ پٿر جو بت هجي. ڳاله مختصر ته آدرشي حسينه آهي اوهان ڀلي آدرشي لفظ تي اعتراض واريو پر مون جنهن صورت جا سپنا ٿي ڏٺا هوءَ بلڪل اهڙي ئي آهي. ”ڇا ٿا چئو! اوهان مونکي تڪليف پيا ڏيو نه نه بلڪل نه… اوهان يقين ڪيو مون پاڻ ڪڏهوڪو اهو پئي چاهيو ته اوهان سان ڪنهن ملاقات ۾ اهو ذڪر ڪندس، خدا جي مهرباني سان مون کي اهو ڏينهن ملي ويو جو مان اوهان سان چار ڳالهيون پيو ڪريان. ”مونکي پڪ آهي ته اوهان به ان ڳاله کان انڪار نه ڪندا ته مرد کي هلندي ڦرندي سامهون جوان جسم نظر ايندي ئي دل جي وستي ۾ هلچل مچي ويندي آهي. هو ساڳي پَل ان کي ڇُهڻ به چاهيندو آهي، جيئن خواهشن جو ڪوبه ڇيه ڪونهي تيئن چاهت ۾ ڇُهڻ جو به ڪو انت ڪونهي. پر سوسائٽيءَ جي رواج لاءِ اهو ناگوار آهي بس پوءِ ڇا…! اها رمندو رهڻ واري رمز صدين کان جاري آهي. ”مونکي غلط نه سمجهجهو… ڏسو نه انسان ئي انسان جي ڪم ايندو آهي. شديد ضرورتون همت ڏيارينديون آهن ۽ ڪاوڙ بهادر بڻائيندي آهي منهنجو ڪنهن به اهڙي حرڪت جو ارادو ڪونهي مان آپي مان نڪتل ناهيان. ”پهريان اوهان منهنجي منطق کي ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. ڇا سامهون ويٺل حسينه جيڪا پنهنجي منهن ڪيو ويٺي آهي تنهن سان ضرورت اظهاري سگهجي ٿي؟ ڀلا صرف اظهار ڪرڻ سان ڪنهن کي اعتراض هجڻ به ڇو گهرجي؟ ”منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي جو اوهان سمجهو پيا… ها جيڪڏهن کيس ڪنهن نقصان پهچڻ جو خوف هجيس ته هوءَ وڏي واڪ ضرورت جي پورائي کان انڪار ڪري سگهي ٿي. ”اوهان ائين ڇو ٿا سوچيو… ڏسو نه پسند جو ذڪر ڪري ضرورت جو اظهار ڪرڻ ڏوه ته ناهي يا اوهان لاشعوري طور اهڙي سوسائٽي جو دفاع ٿا ڪريو جنهن ۾ اندر ئي اندر گندگيءَ جا ڍير آهن… مان اهڙي سوسائٽي تي ٿڪيان ٿو. ”بس مان اوهان جي ايتري همت تي به خوش آهيان ڇو ته روڳ کي روڳ سڏڻ ۾ ئي… ”اوهان صحيح ٿا فرمايو ان ڪري ته هر طرف سيڪس ٿرسٽي گهمندا وتن مان حيران رڳو ان ڳاله تي آهيان ته سيڪس جو ڇڙو نالو ٻڌي اوپن سوسائٽي ۾ ماڻهن کي تپ ڇو ٿو چڙهي وڃي. اڪيلي ۽ تنها رات ۾ نوجوان جسم نظر ايندي ئي وڏا بت هنگري ڊاگس ۾ بدلجي ويندا آهن. سيڪس کي ايڏي اوچائي ۽ پهچ کان ڏور نه ڪرڻ کپي جو اوچايون ئي پنهنجو مقصد وڃائي ويهن. ”ها مان اهوئي چوڻ ٿو چاهيان جيڪو اوهان سمجهو پيا ڌرتي جا ديوتا آسمانن تي رهندا آهن. ڪڏهن به برابري جو سوال اٿي سگهي ٿو. ”اوهان ڏاڍا محتاط آهيو تڏهن ته سيڪس کي محبت جو نالو ٿا ڏيو، هيومن سئڪالاجي کان شايد اوهان واقف ناهيو، پيار، محبت، پسند ۽ چاه سڀني جون پاڙون سيڪس ٿرسٽ ۾ کتل آهن. جيئن سڄي ڪائنات سرشتن جي اڻ کٽ سلسلن ۾ جڪڙيل آ تيئن هر جيوَ سسٽميٽيڪل نيچر جي دائري ۾ ڦاٿل آ. جذبا رڳو دماغ ۾ ڪيميائي پاڻياٺ جي تبديلي جو نالو آهن ان وقت مقدس رشتا لتن هيٺان چٿجي ويندا آهن. ”اوهان ساڳي جاءِ تي ڇو ٿا اچي اٽڪو مون چيو نه سيڪس ۽ محبت ٻه الڳ شيون آهن. سيڪس ضرورت آ ۽ محبت جذبو. ميلاپ کانپوءِ ڪجه مهينن اندر محبت ۽ پيار جا لفظ کوکلا ٿي پوندا آهن پوءِ انهن جي بقا رڳو سمجهوتن تي هوندي آهي. محبت جي حياتي رڳو جدائي ۾ آ. ”هر ڪنهن جو پنهنجو اسٽائيل آ… تياڳڻ توڙي آپي مان نڪرڻ. سنياس جسمن جا ٿيندا آهن ته روحن جا پڻ، اوهان جهنگ منهن ڪرڻ کي تياڳ جو نالو ڇو پيا ڏيو. هن بيمار سوسائٽي ۾ هوندي به ڪيئي وجود سنياس وٺي چڪا آهن. هلندڙ ڦرندڙ جسم ۽ ڳالهائيندڙ وات ثبوت لاءِ ڪافي ته ناهن. وقت جو گهوڙو بي لغام آهي اسان ماضي سان ناتو ڇنڻ لاءِ تيار ناهيون. ان ڪري انساني ذهن جو ڪينواس ڦهلجي ڏاڍو پيچيده ٿي پيو آهي. ”هن سنسار ۾ سڀ تنها آهن. فطري جذبن ۽ جبلتن کان سواءِ ڪجه به اجتمائي ناهي. جيئري رهڻ جي جواز لاءِ ڪابه دليل بازي ڪارگر ناهي. حيواني جبلت ۾ موت کان ڀاڄ سڀ کان مقبول سلسلو آهي. ”مان پاڳل ناهيان… ڪجه دير اڳ اوهان مون سان سهمت ٿيا ها. اهو صحيح آهي ته سڀ ڪجه برداشت ڪري سگهجي ٿو پر منافقي نه! انهن ساري سرشتي ۾ بدبو ڦهلائي رکي آهي، مقدس حوالا ڏيئي ٿڪجن ئي نٿا. وات مان لفظن جون لارون ٿيون وهن. انهن جي ڳٺڙيءَ ۾ صدين کان رڳو ٻه چار جملا ٽاڪيل آهن. ”مونکي هاڻ وڃڻ کپي اوهان سان ٻي ملاقات ٿي ته تفصيلي ڪچهري ڪنداسين چڱو موڪلاڻي ڪانهي. ”اوهان ٺيڪ سمجهو هوءَ وڃي پئي تڏهن… ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪهڙي ڳاله آ. مان سمجهان ٿو اوهان تي منهنجي ڪنهن به ڳاله جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو آهي بهرحال مونکي پنهنجي واٽ وٺڻي آهي.“ (ڪهاڻي ـ هوا، مٽي ۽ ڪاڳـر ـ ظفـر) .http://zafar.wesindhi.com جي ٿورن سان