جواب: تعليم جاڳرتا ريلي مدئجي
بيشڪ سنڌ ۾ تعليمي معيار بلڪل ائين آهي جيئن ڪراچي ۾ ناگوري کير ۔۔۔ جنهن ۾ پاڻي برف چئي ملايو ويندو آهي ۽ مکيون نظر بد کان بچڻ لا هونديون آهن ۔۔۔
سنڌ جي تعليم ۾ پڻ ملاوت ۽ غير معياري انتظام سبب حالت انتهائي خراب آهي ۔۔۔ سٺو آهي ته سنڌ جا ماڻهون ان طرف وڌن پيا ۽ شعور پکيڙن پيا ۔۔۔
پر وري به عمل سان ٿينديون بهارون ۔۔۔ هاڻ هاڻ جيو ٽي وي تي هڪ پروگرام پئي هليو جنهن ۾ شهزاد را مشهور ڳائڻي، ڪراچي ۾ سرڪاري اسڪول جو ٽيڪو کنيو ۽ انکي بدلائي اعلا اسڪول ڪري ڏيکاريو آهي ۔۔۔۔ سندس چوڻ مطابق ته اها ذميواري جيتوڻيڪ حڪومت وقت جي هوندي آهي پر معزز ۽ قوم جا سڄڻ اڳتي اچي اسڪولن ۾ سڌار پئدا ڪن ته ممڪن آهي ۽ قوم جي ترقي جا گهڻا ڪم ٿي سگهندا ۔۔۔
تمام سٺو ۔۔۔ رب ڪري ته اسين تعليم جي مد ۾ اڳتي وڌي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪريون ۔۔۔
لک ٿورا