• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مصر جو صدر حسني مبارڪ فرار ڪري ويو

جواد رضا

سينيئر رڪن
مصر جو صدر حسني مبارڪ ڀڄي ويو.

اڄ رات دير سان مصر جو صدر حسني مبارڪ مصر ڇڏي هليو ويو آهي ، ايراني نيوز ايجنسي مطابق حسني مبارڪ هڪ مخصوص جهاز ذريعي فرار ڪري ويو آهي ۽ مقصد جي به بر ڪونهي ته ڪيڏانهن ويو آهي بهرحال مصر جو فرعون ٽينهن سالن جي ڊڪٽيرٽ کان پوءِ مصر ڇڏي نامعلوم هنڌ فرار ڪري ويو آهي.

شيعه دوست فورم ڊاٽ ڪام تان ورتل
 
جواب: مصر جو صدر حسني مبارڪ فرار ڪري ويو

عوامي آواز جي خبر ڏسو

”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“: لکين مصرين منجهند جي نماز بعد وري صدارتي محل ۽ پارليامينٽ جو گهيرو ڪري ورتو، مظاهرو ڪندڙن جا سمورا مطالبا منظور ڪيا ويندا: آرمي چيف

مصر جي آخري فرعون مبارڪ جو سج لهي ويو، انقلابين جو جشن

قاهره/واشنگٽن (م ڊ): مصري عوام جي احتجاجي جنگ آخر ڪار ڪامياب ٿي وئي. فرعونن جي ڌرتيءَ تي 30 سالن کان اقتدار تي رهندڙ آخري فرعون جو به سج لهي ويو. صدر حسني مبارڪ صدارتي محل ڇڏي فرار ٿيو ويو، اقتدار تي فوج ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. حسني مبارڪ کي آرمي چيف قاهرا مان شرم الشيخ وٺي ويو، جتي هو خطاب ڪري اهم اعلان ڪندو. سرڪاري ٽي وي سميت ٻين عمارتن مان ملازمن کي نيڪال ڏني پئي وڃِي، جڏهن ته آزادي چوڪ سميت سڄي ملڪ ۾ جشن ملهايو پيو وڃِي. حڪومت خلاف احتجاج 17 هين ڏينهن به جاري رهيو ۽ وري لکين ماڻهو منجهند جي نماز کان پوءِ تحرير اسڪوائر ”آزادي چوڪ“ تي گڏ ٿي صدارتي محل ۽ پارليامينٽ جو گهيرو ڪري بيٺل هئا، آرمي چيف چيو ته مظاهرو ڪندڙن جا سڀ مطالبا منظور ڪيا ويندا. اطلاعات واري وزير چيو ته صدر حسني مبارڪ اڃا استعفيٰ ناهي ڏني. احتجاج سبب فوج جون وڌيڪ ٽئنڪون به اتي پهچايون ويون هيون. الجزيره ، سي اين اين، بي بي سي ٽي وين ۽ ٻين خابرو ايجنسين جي رپورٽن موجب مظاهرن ۾ سرڪاري ملازم ڊاڪٽر، وڪيل، شاگرد، فنڪار، پورهيت، ڊرائيور ۽ ٻيا به هڙتالون ڪري پهتا هئا. ڪجهه آزاد ٿيل جوڙن آزادي چوڪ تي ۽ ٽئنڪن هيٺان ويهي شادي ڪري ڇڏي. مظاهرو ڪندڙن حسني مبارڪ جي استعيفيٰ سميت اسيمبلي کي به ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيوهو. ان کان اڳ ڪجهه رپورٽن موجب هو ڪجهه وقت کان پوءِ آخرڪار پرڏيهه هليو ويندو. هن جي جوڙيل آئيني ڪميٽي 6 آئيني ترميمن تي اتفاق ڪري ورتو. مبارڪ جرمني طرفان علاج جي آڇ کي رد ڪري ڇڏي هئي. نائب صدر عمر سليمان هڪ انٽرويو ۾ خبردار ڪيو هو ته احتجاج جي هڪ حد آهي. احتجاج اڳتي وڌيو ته اهو بغاوت تصور ڪيو ويندو. وائٽ هائوس جي ترجمان رابرٽ گبس جو چوڻ آهي ته مصري حڪمران سمجهن ٿا ته ڪجهه سهولتون ڏئي مظاهرن کي ختم ڪري سگهجي ٿو پر ايئن نه ٿيندو. مصر جي پرڏيهي وزير ابوغيث جو چوڻ آهي ته آمريڪا مصر تي پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪري.
 
جواب: مصر جو صدر حسني مبارڪ فرار ڪري ويو

دا عمران اوهان به توپ مان اهڙو گولو ڇڏيو آهي جنهن جي ڌماڪي اصل ميرن جي قلعي جا ڪوٽ به ڪيرائي ڇڏيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار ڪجه مستند خبر ته يندا ڪريو مهرباني اوهان جي
 
جواب: مصر جو صدر حسني مبارڪ فرار ڪري ويو

ادا رات هتي هي خبر پڙهڻ کان بعد مون مختلف ويب سائيٽن تي چڪر هنيو پر ڪٿي به ان خبر جي تصديق نه ٿي سگهي۔۔۔ هينئر به اها ئي خبر هلي پئي ته حسني مبارڪ سيپٽمبر ۾ چونڊون ڪرائڻ‌ جو اعلان ڪري سگهو۔۔۔​
 
جواب: مصر جو صدر حسني مبارڪ فرار ڪري ويو

دا عمران اوهان به توپ مان اهڙو گولو ڇڏيو آهي جنهن جي ڌماڪي اصل ميرن جي قلعي جا ڪوٽ به ڪيرائي ڇڏيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار ڪجه مستند خبر ته يندا ڪريو مهرباني اوهان جي

ڀائڙا علي علي صاحب مون پنهنجي توپ خاني مان گولو ڪونهي اڇلايو مون ته اوهان کي خبر منبع ۽‌حوالو به ذڪر ڪيو آهي۔ ادا انهي کان وڌيڪ ڪهڙي مستند خبر هوندي آهي ، جنهن خبر کي آمريڪائي لابي لڪائي رهي آهي ته انهي جو مان ته ذميوار نه آهيان منهنجا مٺا۔۔۔
 
جواب: مصر جو صدر حسني مبارڪ فرار ڪري ويو

ادا رات هتي هي خبر پڙهڻ کان بعد مون مختلف ويب سائيٽن تي چڪر هنيو پر ڪٿي به ان خبر جي تصديق نه ٿي سگهي۔۔۔ هينئر به اها ئي خبر هلي پئي ته حسني مبارڪ سيپٽمبر ۾ چونڊون ڪرائڻ‌ جو اعلان ڪري سگهو۔۔۔​

ادا عوامي آواز به پنهجي سائٽ تي اها خبر آندي آهي جيڪا مون شيئر ڪئي آهي باقي ادا مست ٻين سائٽن جو مون حوالو ئي ڪونهي ڏنو، جيڪا خبر هئي سا مون سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪئي آهي ادا مان ته خبر نگار نه آهيان۔ جيڪا مونکي خبر وڻي سا مون نقل ڪئي ، حوالو به ڏنو۽ سائٽ جي لنڪ به ڏني جنهن جي ذريعي سان توهان ڏسي به سگهو ٿا ادا۔
 
جواب: مصر جو صدر حسني مبارڪ فرار ڪري ويو

آخرڪار مصري عوام جي فتح ٿي ۽ مبارڪ استعفي ڏئي ڇڏي ۔۔۔ جيتوڻيڪ اڃان گهڻا امور طع ٿيڻا آهن ۔۔۔ پر تنهن هوندي به عوام جي پهرين فتح ٿي آهي ۔۔۔ جشن جاري آهي

دنيا جي سمورن مظلوم قومن ۽ عوام کي واڌايون ۔۔۔
 
http://www.youtube.com/watch?v=Fn2-oepDoP4&feature=feedu
 
Back
Top