دوستو! سنڌ جي سهڻي لطيف، سنڌ جي هڪ عجيب قصي کي اهڙي ته روحاني معني ۾ ڳايو آهي جو سالڪ ان قصي کي پڙهي ڪيترائي معني جا موتي ڳولهي لهي ٿو ۔۔۔ جيئن لطيف چوي ٿو؛ عاشق! معشوقن جو، وٺي ويهج گهــــــٽُ، جم ورچي ڇڏيين، موکي سندو مـــــٽُ، ڪري سرِ جي سَٽُ، پيج ڪي پياليون۔ يمن ڪلياڻ موکي ۽ متارا جي تاريخي قصي ته هيءَ هڪ يوٽيوب تي وڊيو نظر آئي جيڪا سنڌ ٽي وي پاران تيار ٿيل آهي ۔۔۔ اچو ته گڏجي ڏسون ۔۔۔ [
جواب: موکي ۽ متارا سائين تمام بهترين معومات آهي موکي ۽ ان جي ماء نادر جي ڪهاڻي ٻڌي ڪري تمام سٺو لڳو باقي هاڻي موکي جي هٿ جو شراب اسان کي نصيب ڪونه ٿيو باقي هاڻي اهو ميخانو به آهي يا نه ان کي ڪير و سنڀالي سو اها ته ادي سليمان کي خبر هوندي ۔۔۔
جواب: موکي ۽ متارا مان چار سال اڳ موکيء جي قبر تي ويو هوس۔ اتفاق سان گذريل هفتي اسان ڪجه دوستن جو اتي وڃڻ جو پروگرام هو پر سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيس بوڪ جي گڏجاڻيء سبب اهو پروگرام ڪينسل ٿيو۔ شايد هن هفتي اتي وڃڻ ٿئي۔ باقي علي يار اهي مئخانه هاڻي ڪٿي رهيا آهن ۔ نه اها موکي رهي آهي نه اهي متارا رهيا آهن، جن لاء لطيف سرڪار فرمايو آهي ته : آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽيا؛ مَتارا تنهن ساءَ، اَچن سِرَ سَنباهِيو. * وجھج واٽاڙُئن تي، ميخاني جي ماڪَ؛ ٿيندي سُڌ سڀڪنهين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪَ؛ پِره جا پياڪَ، جُه سي اَڱڻ آئيا. ڪراچي به ته هاڻي اها ناهي رهي ، ڪراچيء کي هاڻي چوڌاري واڳون ورائي ويا آهن۔ جن لاء مرحوم تاجل بيوس لکيو هو : سائين نثار اوهان جون مهربانيون جو هي تاريخي ڪردار وڊيو جي صورت ۾ ونڊ ڪيو آهي. ڪجه ڏينهن اڳ هي ساڳي وڊيو سنڌ ٽي وي تي هلي هئي ۽ سنڌ ٽي وي وارن بهترين تحقيقي رپورٽ تيار ڪئي آهي.
جواب: موکي ۽ متارا سائين محترم وساڻ، زندگي رهي ته پاڻ به گڏجي هلي لطيف جي انهيءَ سورميءَ جا ماڳ گهمي اينداسون ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ شال جڙيا هجو
جواب: موکي ۽ متارا ماشاء الله اوهانجي ذوق جو احسان جو اسان تائين اهي امل موتي پيو موڪلي مهرباني ادا مهرباني
جواب: موکي ۽ متارا [justify]لک ٿورا ۔۔۔ ادا ڏاڏل سنڌ جي جيتري تاريخ پراڻي آهي ۔۔۔ اوترو ئي ان ۾ عجيب ۽ غريب قصا دفن ٿيل آهن ۔۔۔ قومون پنهنجو سرمايو ظاهر ڪري دنيا کي پاڻ ڏي ڇڪينديون آهن پر افسوس سنڌ اڄڪلهه عجيب قسم جي ڪشمڪش ۾ ڦاٿل آهي جنهن سبب سڀ اهڃان مٽندا ختم ٿيندا وڃن ۔۔۔ رب ڪري ته سنڌ جلد هوش ۾ اچي انکان اڳ جو سڀ پٽ پڌر ٿي وڃي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: موکي ۽ متارا [justify]سائين نثار ابڙا ، موکي ۽ متارا واري قصي ۾ هڪ شي نمايان آهي مجازي معنا ٍجي ته موکي ٺرو کپائيندي هُئي، اها به مٽن جا مٽ، متارن جي اچي ڦٽي کنئي جو موکي جو ٺرو پي ويٺا ۽ ويچارن ڳچين ڳٽ وڃايا، پر لطيف سائين انهي موکي ۽ متارن واري قصي جي ته اهڙي سُهڻي نموني اپٽار ڪئي آهي جو دل چوي ٿي ته اهڙيون سوين موکيون واٽ تي مڌ جا دوڪان لڳائين، اسان جهڙا متارا بڻجي موکين کان شرابن جا وٽا ۽ پيالا پي پنهنجي ڳچين جا ڳٽ قطارون لڳائي وڍائن۔ دوست نثار موکي ۽ متارا اهڙو فلسفو آهي ، جو مان واڌو ۽ ڪاٽو فلسفو اصل امنڊجي ٻاهر ٿو اچي۔ تنهنجا لک ٿورا جو اهڙا خوبصورت اچرج ۾ وجهندڙ موضع اسان سان ونڊيندو آهين، اسان ٽي درجي وارن شاعرن کي گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪندو آهين[/justify]
جواب: موکي ۽ متارا ادا ابڙا صاحب توهان جي ونڊ منهنجي پسند جي ونڊ آهي ۽ انهيء سلسلي ۾ ڪجهه ٻيون وڊيوز به پيش ڪجن ٿيون، ممتاز علي وگهيو فيض کوسو اها ان ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن آئون سنڌ جي سدا ملوڪ شهر ڪراچيءَ جي گڏاپ واري علائقي ۾ موکي ۽ متارن واري قصي جي رڪارڊنگ لاءِ اتي پهتو هوس. موکي ۽ متارن جي قبرن کي ڏسي مون کي گهڻو ڏک ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته تاريخ جا هي ماڳ بنهه نڌڻڪا، اوپرا ۽ پرايا بڻيل آهن. حالانڪه موکي جنهن شهر کي وڃي وسايو هو، سو شهر ته روز بروز ترقيءَ طرف گامزن آهي پر موکيءَ جي قبر، سندس مئخانو ۽ متارن جون قبرون هاڻي پنهنجي اصليت به وڃائي رهيون آهن. ڪي ٽي اين نيوز جي تاريخ پروگرام جي رڪارڊنگ دوران ان سفر ۾ ڪراچيءَ جي تاريخ تي باريڪ بينيءَ سان ڪم ڪندڙ گل حسن ڪلمتي ۽ سنڌ جي تاريخ کي ڇنڊي ڇاڻي بيان ڪرڻ جو فن ڄاڻندڙ ڊاڪٽر اسد جمال پلي به مون سان گڏ هئا. گل حسن ڪلمتيءَ اسان جي رهنمائي ڪندي ٻڌايو پئي ته هيءَ موکي جي قبر آهي، اڳي هن قبر تي اڏاوت ٿيل نه هئي، پر بعد ۾ موکي ۽ شاهه مريد درگاهه جي مجاور مرحيات حاجي خاصخيليءَ موکيءَ جي قبر کي چوديواري ڏياري ان کي ڇت وجهائي ڇڏي هئي. مرحوم حاجي خاصخيلي ان هيبت خاصخيلي ڳوٺ جو رهواسي هو، جنهن جو بنياد شايد ان ئي هيبت خاصخيليءَ وڌو هو، جنهن سان سنڌ جي تاريخي قصي مومل راڻي واري ناتر وڃي شادي ڪئي هئي. سنڌ ۾ مومل راڻي وارو تاريخي قصو سومرن جي آخري حڪمران همير سومري جي دور ۾ سرجيو هو. ناتر، مومل جي ٻانهي هئي، ان دور ۾ ناتر کي ڪنيز به چيو ويندو هو. ناتر جو نالو تاريخ ۾ ڪنهن کي به ياد ڪونهي، پر اها ٻانهي اڄ به ناتر جي نالي سان سڃاڻجي ٿي. ڪراچيءَ واري موکي ان ئي ناتر جي ڌيءَ هئي، جنهن ڪراچيءَ ڀرسان سيوهاڻيءَ واري واٽ تي مئخانو کوليو هو ۽ ان ئي مئخاني ۾ متارا وهه گاڏڙ مڌ پي موت جو شڪار ٿيا هئا. گل حسن ڪلمتي پنهنجي منهن ڀڻڪيو: ”موکيءَ کي ڪو به پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو، پر شابس هجي حاجي خاصخيليءَ کي، جنهن چيو هو ته موکي اسان مان هئي. جيڪڏهن ڪراچيءَ جا اصلوڪا رهواسي رڳو موکيءَ کي پنهنجو ڪن ها ته اڄ ڪراچيءَ جي سڃاڻپ به موکيءَ سان هجي ها، پر انهن ائين نه ڪيو، ان ڪري هاڻ موکي ۽ متارن وارو ماڳ ته ٺهيو، پر خود ڪراچي به سندن هٿن مان کسڪندي پئي وڃي،“ هن پنهنجي ڀڻ ڀڻ جاري رکي ۽ ٻڌايو ته، ”جڏهن هتي تائيسر هائوسنگ اسڪيم جو بنياد پئي وڌو ويو ته ڪراچيءَ جي شهري حڪومت وارن موکيءَ جي قبر ۽ اتي موجود قبرن جي ٻين نشانين کي به ڊاهي پٽ ڪرڻ پئي چاهيو ۽ هتان جا ڳوٺاڻا مڙسي نه ڪن ها ته اڄ پاڻ کي موکيءَ واري قبر هوند نظر به نه اچي ها“. گل حسن ڪلمتيءَ جي ان ڳالهه تي ڊاڪٽر اسد جمالي پلي مون کي ياد ڏياريو ته جڏهن توهان ٿر جي علائقي نهٽي کي رڪارڊ پئي ڪيو، تڏهن توهان کي فقير مقيم ڪنڀار ٻڌايو هو ته ڪيئن نه ڪنڊيءَ جي هڪ وڻ کي وڍجڻ کان اتي جي ڳوٺاڻن احتجاج ڪري بچايو ۽ پوءِ روڊ جوڙيندڙ اختيارين ان وڻ کي بچائڻ لاءِ رستي جو رخ ئي موڙي ڇڏيو هو. ڊاڪٽر اسد پلي ۽ گل حسن ڪلمتيءَ جي ڳالهه ٻڌي مون سوچيو پئي ته جڏهن ڌرتيءَ جا مالڪ پنهنجين شين جي مالڪي ڪندا آهن ته ڪيئن نه اهي شيون تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان بچي وينديون آهن. ان ئي ڳالهه جي پسمنظر ۾ آئون موکيءَ سان به مخاطب ٿيو هوس: اي موکي! تون ٻڌاءِ ته تنهنجي ڪراچيءَ سان ڇا پيو ٿئي؟ منهنجي ان ڳالهه تي (تصور ۾) موکيءَ جو آواز پڙاڏا بڻجي ڪنن ۾ گونجي پيو: ”توهان سنڌي صفا مورک آهيو، صفا سادا، بنهه سٻاجها ۽...بنهه.....“ هوءَ چپ ٿي وئي. ”مون کي ٻڌاءِ ته بنهه ڇا؟“ مون چيو هو. هوءَ وري به چپ رهي، مون وري پڇيو مانس، ”مائي ٻڌاءِ ته بنهه ڇا؟“ منهنجي بار بار ساڳئي سوال تي هوءَ ڪاوڙجي پئي، چيائين، ”بنهه بيوقوف!!“ موکيءَ جي ان جملي تي ڪاوڙ ۾ چيومانس، تون سڀني سنڌين کي ائين نٿي چئي سگهين. اسين ته موهن جي دڙي جي تهذيب جا وارث آهيون ۽ اڃان به ان کان اڳ ۾ آمريءَ جي تهذيب ۽ اڃا به ان کان اڳتي.... منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي موکيءَ مون کي ڇڙٻ ڏيئي چيو، ”توهان سنڌي رڳو هش ۾ خوش آهيو! جي پنهنجين شين جي مالڪي ڪريو ها ته اڄ اوهان جا اهڙا حال نه هجن ها.“ طنزيه انداز ۾ پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي موکيءَ روانيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ آئون پنڊ پهڻ بڻجي سندس ڳالهه ٻڌندو رهيس. موکيءَ چيو....”جي پنهنجي تهذيب جا وارث هجو ها ته اڄ موهن جي دڙي جي ٿيندڙ ڀيل کي روڪي سگهو ها، ٻوڏ ۾ آمريءَ جو دڙو ٻڏي ويو، توهان ان جي بحاليءَ لا ڇا ڪيو آهي؟ ٻيو ته ٺهيو پر منهنجي اباڻي ملڪيت کي بچائڻ لاءِ توهان ڪهڙا تير ماريا آهن؟ مورک ٻڌ!....“ هن چڙ ۾ وري به مون کي ڇڙٻ ڏني، ”هي جو ڪراچيءَ ۾ ميگا پراجيڪٽ شروع ٿيو آهي، تائيسر هائوسنگ اسڪيم جو.... اهو تائيسر ڪو ڀائي ڪونهي، پر منهنجي سڳي ڀيڻ آهي، مائي تائيسر. هي جو صفوران ڳوٺ ٿا سڏيو جنهن علائقي کي، اها به منهنجي ڀيڻ اٿوَ. ها، هي سونگل، مٺان ۽ الهه ڦيائي به منهنجون ڀينرون اٿوَ. انهن جا وارث به اتي ئي ڪٿي ڪراچيءَ ۾ موجود هوندا، پر انهن اسان کي پنهنجو ڪو نه ڪيو، تڏهن سندن حال به هيڻا ٿي ويا آهن ۽ هاڻي رڳو سنڌ-سنڌ ڪندي نٿا ڍاپجو.“ هن ٿوري ساهي پٽي ۽ پنهنجي ڳالهه وري اڳتي وڌائي.”تون ته مومل جي ڀڙي، راڻي جي دڙي، همير سومري جي ڳوٺ، راجا نند جي ڪوٽ ۽ ماٿيلي ۾ مومل جي ماڙيءَ کان به ٿي آيو آهين، ڇا حال ڪيو اٿوَ انهن ماڳن جو؟! هاڻي اچي منهنجو آرام ڦٽايو اٿوَ؟“ موکي چپ ٿي وئي. موکيءَ جي ماٺ کانپوءِ به آئون گهڙي سوا پنڊ پهڻ بڻيو بيٺو رهيس، نيٺ ڊاڪٽر اسد جمال جي سڏ تي ڇرڪيس. هن چيو پئي، ”ادا، موکيءَ جي مڌ توتي به اثر ڪيو آهي ڇا؟“ مون چيو، ها ادا، واقعي ئي موکيءَ جو مڌ رڳو مون تي ئي نه پر ڄڻ ته پوري قوم تي اثر انداز ٿيو آهي، جو اڃا تائين اسان ان مڌ جي نشي مان نڪري نه سگهيا آهيون. مون سوچيو، ڪاش موکي ٻين سنڌين سان به ائين ئي ڳالهائي ها ۽ کين سجاڳ ڪري ها ته هي سنڌ اسان جي آهي، ان جا ماڳ مڪان، وڻ ٽڻ، جبل پهاڙ، جهر جهنگ، درياءَ، واري اسان جي ئي آهي ۽ ان جي مالڪي به اسان کي ئي ڪرڻي آهي، ته شايد موکيءَ پاران مڌاريل متارا به نشي مان ڇرڪ ڀري اٿي سگهن ها ۽ ضرور نهٽي جي ٿرين ۽ ڪراچيءَ جي خاصخيلين وانگر ڌارين اڳيان سينو سُپر ڪري اهو چئي سگهن ها ته هيءَ ڌرتي اسان جو ننگ آهي ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني جو گڏيل فرض آهي.
جواب: موکي ۽ متارا سهڻا دوست ممتاز، هميشه جيئان اوهانجي هن ليک موکي ۽ متاري واري قصي کي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي تاريخ جو ڪوبه پياسو جڏهن هن ليک کي ڏسندو ۽ پڙهندو ته سندس هن موضوع جي مڪمل ڄاڻ سان روشناس ٿي ويندو ۔۔۔ قرب اوهانجا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت