جواب: مصر جي عوام جي جشن جو منظر ڏسو نه مٺا سائين هن اڃا اقتدار ن ڇڏيوناهي،رات سڄي مصري عوام کي توقع هئي ته هو پوئتي هٽندو پر هن پهنجي رات ڪيل تقرير ۾ واضح ڪري ڇڏيو ته سيپٽمبر ۾ ٿيندڙاليڪشن تائين هو موجود رهندو۔ اوهان کي ياد ڪرائيندو هلان ته هي اهو ئي ماڻهو آهي جنهن صدر صدام کي عراق جي عوام جي سندس خلاف ٿيڻ وقت اها صلاح ڏني هئي ته "اگر چاهين ٿو ته وڌيڪ ماڻهو نه مرن ته اقتدار ڇڏي ڏي"۔ اڄ هي اهو ئي شخص آهي جيڪو پاڻ اقتدار جي چسڪي ۾ ايترو ته مهو ٿي چڪو آهي جو هن کي پرواهه ئي ڪانهي ڪنهن جي جيئڻ مرڻ جي۔ هي اهو ئي شخص آهي جنهن اسرائيل پاران ٿيندڙ فلسطينين جي سرِ عام قوس دوران پنهنجي ملڪ جا بارڊر امدادي سرگرمين لاء بند ڪرائي ڇڏيا هئا۔ اسرائيلين ۽ آمريڪا جو ته هن ۾ ساهه هو،هاڻي هنن به ڏٺو ته هي ڪنهن ڪم جو نه آهي ۽ عوام به هن جي خلاف آهي ته هن جي حمايت ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنائون۔ تواريخ گواه آهي ته ڪو ڏينهن هو جوگوانٽانامو بي ۾ قيدين کي خاص سزا لاء مصر جي قيدخانن ۾ موڪليو ويندو هو جو هتي ظلم جو ڪو عجيب ئي رنگ هو شايد۔ اڄ جيڪڏهن مصر ۾ ڪو هن جو حامي آهي ته اهو مٿيون عياش طبقو آهي، جيڪي صرف 30 سيڪڙو آهن، باقي 20 سيڪڙو عوام جيڪي وچولي طبقي جا آهن سي چُپ ۾ آهن ۽ بس هُش ۾ خُوش آهن ، باقي 50 سيڪڙو وعوام يا ته غربت جي لڪير تي آهي يا ان کان هيٺ جيڪي هن کي ڏسڻ نه ٿا چاهين ۽ اڄ 18هين ڏينهن به تحرير اسڪوائر ۾ جمع آهن۔ اهو ڏينهن پري ناهي جو مصري آزادي ماڻيندا جيڪي گذريل اڌ صدي کان جابر جنريل حڪمران جي کڙين هيٺان پسندا رهيا ، هو بس ً هاڻي گهران ڪفن ٻڌي نڪتا آهن ، هاڻي ڌڻي پاڪ هنن جي مدد ڪندو۔