السلام عليڪم ڪاله اسان وري نيشنل فقير دانهن پيو ڏئي ته مون کي گهر وارا ڪمپوٽر هلائڻ نٿا ڏين اهو چون ٿا ته ڇا ڪندين ڪمپيوٽر هلائي سو تنهن تي مون ان کي هي تصوير ڏني ته بابا گهر وارن کي هي تصوير ڏيکار ۽ اهو چوين ته اڄ ڪله ڪمپوٽر جو دورآهي هاڻي ته انسان ته ڇا پر ڀولا ۽ بندر به ڪمپوٽر استعمال پيا ڪن سو مان ته وري به ماڻهون آهيان ۔ سو همراه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اها تصوير ڏيکاري گهر وارن کي راضي ڪيائين سو اوهان به ڏسو ته فقير جو دليل وزن وارو هو يا نه ؟؟
جواب: باندر ۽ ڀولن وٽ به ڪمپيوٽر هاهاهاهاها....ادا فقيرن جا سردار بابا تمام بهترين ثبوت پيش ڪيو آهي فقير.
جواب: باندر ۽ ڀولن وٽ به ڪمپيوٽر ادا هونئن ته پاڻ وارو نيشنل فقير سياڻو آهي اهي حالتن کي پاڻ ئي مننهن ڏئي ويندو آهي پر ڪڏنهن ڪڏنهن سردي ڪري دماغ جا اسپرينگ جام ٿي ويندا اٿس ته پوء وڏي فقير سان رابطو ڪندو آهي سو اسان ته فقير جي مدد نه ڪيون ته پوء اسان جي جيئڻ جو فايدو ڪهڙو سو ڇا ڪجي پهنجو پٽي ڀائي آهي مدد ته ڪرڻي پوندي نه باقي پوسٽ پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا
جواب: باندر ۽ ڀولن وٽ به ڪمپيوٽر هل ته سهي ۔۔۔ اصل وڻ ئي وڄي ويا ۔۔۔ مطلب ته هاڻ ڀولا به ليپ ٽاپ استعمال پيا ڪن ۔۔۔ پر سنڌ جو 90 سڪيڙو عوام اڃان به ان سهولت کان محروم آهي ۔۔۔ حالت ڀيانڪ، ڏکوئيندڙ ۽ فڪري ٿي پئي آهي ۔۔۔ باقي فقير ڦلپوٽي کي اجازت ملي وئي آهي ۔۔۔ ۽ فقير جي پٽڙي فرمائش ڪئي آهي ته ليپ ٽاپ سان گڏ ڀولڙا به آڻي ڏي ۔۔۔ سو ادا علي وري به تو ڪيو نه ڏچو فقير لا ۔۔۔ تنهنجي چڱائي به ڳيچي ۾ پوندي آهي ۔۔۔
جواب: باندر ۽ ڀولن وٽ به ڪمپيوٽر اهو ڏينهن به ڏسڻو هو۔۔۔؟؟؟؟ ڀولڙن وٽ ليپ ٽاپ آهي باقي مست رهيو پيو آهي۔۔۔
جواب: باندر ۽ ڀولن وٽ به ڪمپيوٽر فقير ته بس ڳاله ڪري ڇڏيندا آهن پوء ڀلي ته اڳلو ڏچي ۾ پوي۔ هاڻي فقيرن جي پنهنجي پاڻ ۾ ڳاله آهي تنهنڪري اسان خاموش آهيو ۔ پر لوڪل فقير ڀولڙو ڇا ڀولڙي به هٿ ڪري ويندو ، انهن ڳالهين جو وڏو استاد آهي۔ باقي ڀولڙا ڪمپيوٽر استعمال ڪندا اها به ڪا وڏي ڳاله آهي هاڻي ته رڇ به ڪمپيوٽر ٿا استعمال ڪن۔
جواب: باندر ۽ ڀولن وٽ به ڪمپيوٽر بس اد علي علي ۽ سليمان وساڻ صاحب توهانجا توهانجا موڪليل تصويرون ڏسي مونکي ته يقين اچي ويو آهي۔ ته هاڻي وارا ڀولڙا به عقل وارا ٿي ويا آهن۔ هي ته 21 صدي جا ڀولڙا آهن۔ جيڪي ليپ ٽاپ پيا هلائين۔اڳتي ته الائي ڇا ٿيندو؟
جواب: باندر ۽ ڀولن وٽ به ڪمپيوٽر سائين اها ته پراڻي ڳالهه آهي ته علي علي اهڙي ته چڱائي ڪندو آهي جو اها هوندي ئي ڳيچي ۾ آهي =))=))=))=))=)) سدائين گڏ