پير صاحب پاڳارو ۽ علي محمد راشدي: تاريخ ڳالهائي ٿي by Jokhio Shafique Ahmed on Friday, February 11, 2011 at 1:50am پير صاحب پاڳارو ۽ علي محمد راشدي: تاريخ ڳالهائي ٿي پير علي محمد شاهه راشديءَ بابت پير صاحب پاڳاري جي ڪاوش ۾ ڇپيل بيان تي مون کي بلڪل حيرت ڪانه ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ ڳالهيون ڊاڪٽر سارا انصاريءَ جي ڪتاب ”Sufi saints and state power“ ۾ بيان ڪيل آهن. ها، حيرت البته سنڌالاجي جي انهن ڪار پردازن تي آهي، جيڪي هڪ ميٽنگ ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته، ”پير صاحب پاڳارو، علي محمد راشديءُ کي تمام گهڻو ڀانئي ٿو ۽ Lambrick papers جي پڌرائيءَ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي واهه واهه ٿيندي! انهن”هٿرادو“ دستاويزن کي سنڌالاجي ۾ اڃا تائين ساهه سان سانڍيو پيو وڃي ۽ مقصد اهو ئي آهي ته حر تحريڪ کي انگريزي استعماري نڪتهءِ نظر سان پيش ڪري، اُپکنڊ جي هڪ زبردست مزاحمتي هلچل کي دنيا جي اڳيان مسخ ڪري پيش ڪجي. علي محمد راشدي کي انگريزن جي مخبري ڪرڻ جو فرض خود انگريز گورنر Hugh Dow ۽ لئمبرڪ طرفان مليل هو ۽ انعام ۾ هن سان اهو واعدو ڪيل هو ته بس اجهو سورهيه بادشاهه کي تختهءِ دار تي چاڙهي، توکي حُر جماعت جو پير پاڳارو مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍبو. پير علي محمد راشديءَ جو ون يونٽ ۾ ڪُڌو ڪردار هاڻ اسان جي قومي شعور تان ميسارجي ويو آهي. پير علي محمد راشدي ۽ سورهيه بادشاهه ته ڪي ديو مالائي ڪردار نه آهن، انهن تي لکڻ لاءِ سنڌالاجي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇو تيار نه آهن؟ سنڌالاجي ۾ لئمبرڪ ڪارنر به ٺاهيو ويو هو ۽ لئمبرڪ کي سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر آف لٽريچر جي اعزازي ڊگري به ڏني هئي! حُر تحريڪ تي لکڻ لاءِ سنڌالاجي وٽ شايد ڪي وسيلا نه آهن ۽ سورهيه بادشاهه چيئر ٺاهڻ جو اعلان هاڻ ته ماضيءَ جو هڪ وسريل باب آهي. اسانکي پنهنجن سورمن (Heroes) ۽ غدارن (Traitors) کي بيان ڪرڻ جي سگهه ۽ اخلاقي جرئت هئڻ گهرجي، باقي گرهوڙي صاحب جي اڳڪٿين تي به هڪ وڏي عالم انگريزن کي اهو چئي خوش ڪيو هو ته، ”اهي ته بس هڪ مجذوب جي ”بڙ“ آهن.“ اهو عالم ڪير هو؟ ان جي باري ۾ ان وقت جو حُر ڪمشنر لئمبرڪ ۽ گورنر Dow ڪجهه ٻڌائي سگهن ها. باقي پير صاحب پاڳاري کي انهيءَ حقيقت جي سڄي خبر آهي يا وري حبيب الله صديقيءَ کي، جنهن جي سامهون اها سڄي وارتا بيان ٿي هئي ان نام نهاد لئمبرڪ ڪاميٽيءَ ۾ ۽ جنهن جي صدارت ڪرڻ جو ”شرف“ ان وقت جي وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي کي حاصل ٿيو هو. مون پهرئين ئي اجلاس ۾ ان ڪاميٽيءَ کان لاتعلقي جو اعلان ڪري، پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو، جيڪو بهرحال Minutes ۾ نه آندو ويو. ڇو؟ ان جا سبب به شايد سنڌالاجي وارا ٻڌائيندا ۽ مظهر الحق صديقي صاحب. گل محمد عمراڻي/حيدرآباد The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com http://www.thekawish.com/Hyde_park/today1.html @};-
جواب: پير صاحب پاڳارو ۽ علي محمد راشدي: تاريخ ڳالهائي ٿي سائين جوکيا صاحب، بيشڪ اسانکي سنڌ جي سڄڻن ۽ غدارن کي ظاهر ڪرڻ گهرجي ۽ ٻنهي جي فهرست ٺاهي، اڄ جي نوجوان کي تاريخي حقيقتن کان واقف ڪيو وڃي ۔۔۔۔ اوهان کي عرض آهي ته اوهان وٽ جيڪڏهن پير صبغت الله شاه راشدي معروف پير پاڳاري ۽ علي محمد راشدي بابت ڪي آنلائين ڪتاب يا مقالا هجن ته هن اوطاق تي ونڊ ضرور ڪجو ۔۔۔ باقي اسان جيترو ڪجهه پڙهيو آهي يا سنڌ جي سڄڻن کان ٻڌو آهي ته ؛ پير پاڳارو سنڌ جو مجاهد هو جنهن سنڌ کي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ڏسڻ ٿي چاهيو ۽ علي محمد راشدي بابت اهو پڙهيو آهي ته هن صاحب سنڌ کي اڄ واري غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙائڻ لا پورو پورو ڪردار ادا ڪيو هو ۔۔۔ جنهن ۾ سنڌين جي هندو مذهب جي باشندن کي مارائڻ ۽ سنڌ کي پاڪستان جي ڪڙين ۾ جڪڙايو ۔۔۔ وڌيڪ اوهان رهنمائي ڪندا ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔