السلام عليڪم! دوستو! مائڪروسافٽ ورڊ ۾ مون کي هڪ نئين ٽِپ جي ڄاڻ ملي آهي، سوچيم ته ”سنڌ سلامت“ سان شيئر ڪرڻ مناسب سمجهيم، ممڪن آهي مون وانگر ڪنهن دوست کي اُن جي ڄاڻ نه هجي. ڪجهه پرسنل ڊاڪيومينٽ اهڙاهوندا آهن، جيڪي ٻين کي ڏيڻ جهڙا نه هوندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو انهن کي ڪاپي ڪرڻ گهري ته اسين چاهينداسين ته ان ۾ گهربل شخص يا ڪمپنيءَ جو نالو پڻ ضرور شامل ٿيل هجي، ته جيئن ان جي محنت وصول ٿي وڃي. مائڪروسافٽ ورڊ ۾ اهو آپشن هن طرح رکيل آهي: (1) مائڪروسافٽ ورڊ جي ’مينيو‘ ۾ "Format" ۾ اچو ۽ پوءِ "Background" تي اچو ۽ پوءِ "Printed Watermark" کي ڪلڪ ڪريو. (2) ان کان پوءِ اوهان کي هن طرح جي اسڪرين نظر ايندي، جنهن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي:
ادا ابو واصف صاحب سبحان الله تمام پياري شيئرنگ آهي مان اٻوجهه فقير کي اهڙي قيمتي ڄاڻ ڏيڻ لا۽ اوهان جي مهرباني جيئي سنڌ
ڳالهه ته ڪم واري آهي پر سمجهاڻي جو انداز انتهائي خوبصورت آهي۔۔۔۔۔۔۔ ادا ابو واصف بس اهو هٿ رکيو اچو۔۔۔۔۔۔۔ توهان جي سمجهاڻي جو اهو انداز هر ڪنهن کي پسند ايندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فوٽو شاپ سيکارڻ ۾ هاڻي دير نه ڪيو۔۔۔۔۔۔۔
جواب: مائڪروسافٽ ورڊ ۾ بيڪ گرائونڊ طور نالو يا مونوگرام سيٽ ڪرڻ بلڪل ادا سائين جي ٿريڊ جو انتظار آهي سدائين گڏ
جواب: مائڪروسافٽ ورڊ ۾ بيڪ گرائونڊ طور نالو يا مونوگرام سيٽ ڪرڻ سائين ابو واصف جن جي سمجهاڻي ايتري زبردست ڇو نه هجي، جڏهن ته پاڻ ڪمپيوٽر جي فيلڊ ۾ ايترا ماهر ۽ پراڻا آهن۔۔ جهڙي سندن سمجهاڻي آهي تهڙي سندن شخصيت آهي۔۔
جواب: مائڪروسافٽ ورڊ ۾ بيڪ گرائونڊ طور نالو يا مونوگرام سيٽ ڪرڻ واقعي ادا تمام بهترين سمجهاڻي آهي جو مون جهڙا موڳا مٽر به سهڻي نموني سمجهي سگهن ٿا۔۔۔۔