ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
آخرڪار مصري عوام جي فتح ٿي
آخرڪار مصري عوام جي فتح ٿي ۽ مبارڪ استعفي ڏئي ڇڏي ۔۔۔ جيتوڻيڪ اڃان گهڻا امور طع ٿيڻا آهن ۔۔۔ پر تنهن هوندي به عوام جي پهرين فتح ٿي آهي ۔۔۔ جشن جاري آهي
دنيا جي سمورن مظلوم قومن ۽ عوام کي واڌايون ۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=Fn2-oepDoP4&feature=feedu
http://www.youtube.com/watch?v=lCeISvAyr_g
http://www.youtube.com/watch?v=CZjPjgwVvjc
http://www.youtube.com/watch?v=hWZYXSbT_HI
http://www.youtube.com/watch?v=edqEnkfm9yo
http://www.youtube.com/watch?v=Jqsnlwpgeio&NR=1۔

ڇا مصر ۾ انقلاب پرپا ٿيندو..؟( ماجد سمون )
فيس بڪ تي هڪ نوجوان هڪ اهڙي چڻنگ دکائي جيڪااڄ ڀڙڪي باهه جا شعلا بڻجي رهي آهي، هن هڪ بحث دوران لکيو ته” مصر ۾ گذريل 30 سالن کان صدر حسني مبارڪ جو اقتدار تي قبضو آهي ۽ ان جي آمريت ملڪ تي حاوي آهي“ تڏهن اهو بحث ويو وڌندو ۽ بغاوت ۾ تبديل ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت ماڻهو ٻن هفتن کان صدر مبارڪ خلاف روڊن تي نڪتل آهن، مصر ۾ اهڙي بغاوت کي ڀلي انقلاب نه به چئون پر اها هڪ اهڙي تبديلي آڻيندي جنهن کي مني انقلاب ضرور چئي سگهجي ٿو، مصر ۾ صدر خلاف هلندڙ اهڙي قسم جي تحريڪ جو ڏيک انقلابي تحريڪن جهڙو ته ڏيک ڏئي رهي آهي پر ان کي مڪمل انقلابي تحريڪ ان لاءِ به نه ٿو چئي سگهجي ته مصر جو عوام مڪمل تبديلي نه ٿو چاهي هو ان ڳالهه تي بضد آهن ته صدر حسني مبارڪ اقتدار ڇڏي هليو وڃي، پر مبارڪ پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ حڪومت جو خاتمو آڻي فوري طور تي عمر سليمان کي نائب صدر مقرر ڪري ماڻهن کي راضي ڪرڻ پئي چاهيو پر اهو ان ۾ به ناڪام ٿي ويو آهي.
مصر جي حڪومت کي ڀلي جمهوري حڪومت سڏيو وڃي پر اتي هڪ ننڍڙي آمريت قائم آهي ڇاڪاڻ ته ايڏي وڏي بغاوت اچڻ باوجود صدر حسني مبارڪ اقتدار ڇڏي وڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي سندس چوڻ آهي ته ”هو اڳوڻو فوجي آهي تنهن ڪري هو جهڪڻ ناهي سکيو“ حسني مبارڪ جي اهڙي بيان مان ظاهر آهي ته مصر ۾ ننڍڙي آمريت قائم آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مبارڪ جمهوريت پسند هجي ها ته هو مصر ۾ خون ريزي ٿيڻ کان اقتدار ڇڏي هليو وڃي ها،پر هن ائين نه ڪيو۽ پنهنجي هوڏ تي اڄ به برقرار آهي.
پوري ملڪ ۾ هڪ ماڻهو جي ايڏي وڏي ضد سڄو نظام ڊانواڊول ڪري وڌو آهي ۽ اهڙي نموني ڀلي ڪو نتيجي به ڇو نه نڪري اچي پر ان کان پوءِ جيڪو مصر ڪي ئي سال ان جي سزا ڀوڳيندو اها پوري دنيا کي ڄاڻ آهي.
هن وقت مصر جي معيشت مڪمل طور ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وئي آهي اتي رهندڙ پوري دنيا جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس ٿي ويا آهن کين ڪو به تحفظ نه هجڻ ڪري اتي هاڻ سيڙپڪار به ناهن رهيا هر ماڻهو پنهنجي ماڳين روانو ٿي ويو آهي جيڪڏهن جيڪي اتي ڦاٿل آهن اهي به هاڻ مصر ڇڏي وڃڻ لاءِ پريشان آهن، تنهن ڪري مصر جي اهڙي صورت حال سان ڀلي مني انقلاب اچي يا ڪا تبديلي به اچي پر مصر جو پنهنجي پيرن تي بيهڻ هاڻ ممڪن نه آهي ، هاڻ ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر اتان کان شروعات ڪرڻي پوندي ڄڻ هو نئين سر آزاد ٿيو هجي.
مصر ۾ حالتون معمول تي اچڻ کان پوءِ به پرڏيهي سيڙپڪار ايترو آسان نموني واپس ڪونه ٿيندا جيترو هو جلدي ۾ مصر ڇڏي هليا ويا آهن، مصر ۾ هلندڙ چڪرين کان پوءِ عوام هاڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، ڀلي فوج مظاهرو ڪندڙن تي گولي هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پر حسني مبارڪ به اڪيلو نه آهي ان سان به ڪجهه ماڻهو گڏ آهي تنهن ڪري صدر جي عهدي کي بچائڻ لاءِ حسني مبارڪ جا جانثار به روڊن تي نڪتل آهن جيڪي اڄ مظاهرو ڪندڙن سان صدر جي حمايت ۾ وڙهي رهيا آهن ۽ هو هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن..
ڪنهن به ملڪ ۾ جڏهن عوام هڪ ٻئي خلاف بغاوت تي نڪري ايندو آهي ته اتي گهرو ويڙهه جنم وٺندي آهي ۽ هاڻ مصر ۾ گهرو ويڙهه هٿي وٺندي پئي وڃي ۽ حالتون اڃا به وڌيڪ خراب رخ ڏانهن وڃي رهيون آهن، جيتوڻيڪ گذريل آچر واري ڏهاڙي مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ اپوزيشن جماعتن ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيل ڳالهين باوجود حالتن تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيوآهي ۽ التحرير اسڪوائر تي عوام جو ڌرڻو اڃا به برقرار آهي، ڳالهين کان پوءِ اپوزيشن جماعتن حڪومت سان محتاط رد عمل جو اظهار ڪيو آهي کين حڪومت جي نيت تي خدشا آهن، مصر ۾ حالتن تي ڪنٽرول نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ اڃا تائين بئنڪون به بند آهن جنهن ڪري پئسي جي ڏيتي ليتي بند هجڻ ڪري حالتون ڏڪار طرف وڌي رهيون آهن نه رڳو ايترو پر اتي سڀ ڪجهه ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويو آهي ،مارڪيٽون تباهيءَ جي ور چڙهي ويون آهن تعليمي ادارا بند پيل آهن اهڙي نموني سڀ ڪجهه معمول تي نه آهي، مصر ۾ اهڙي ڳڻتي جوڳي صورت حال کان پوءِ به عالمي برادري رڳو نالي ماتر صدر حسني مبارڪ تي دٻاءُ وجهي رهي آهي حالانڪه آمريڪا يا گڏيل قومون چاهين ته حسني مبارڪ کي هڪ ئي ڌڪ ۾ هٽائي سگهن ٿيون.
مصر جي حالتن تي تبصرو ڪندي آمريڪي صدر بارڪ اوباما به ائين ئي چيو آهي ته” مصر ۾ احتجاج جو نتيجو جيڪو به نڪري پر حالتون ٻيهر ڪڏهن به اڳ جهڙيون نه ٿي سگهنديون“، بحرحال اهو صدر اوباما جو پنهنجو موقف هو جيڪو ڪافي حد تائين درست به آهي ڇو ته حالتون پاڻ ئي ٻڌائي رهيون آهن ته هاڻ اهي معمول تي آسان نموني نه ٿيون اچي سگهن ڇا ڪاڻ ته ڪنهن شئي کي ٺاهڻ ۾ سال ۽ صديون لڳي وڃن ٿيون پر انهن کي ڊاهڻ ۾ 5 منٽن جو کيل به وڏو آهي، مصر جي اهڙي صورت حال کان پوءِ اتان جي هڪ پابندي پيل تنظيم اخوان المسلمين به چر پر ۾ آئي آهي. ڇا ڪاڻ ته ان کي به حڪومت سان ڳالهين جو موقعو ملي ويو آهي، مصر ۾ پيدا ٿيل اهڙي صورت حال کان پوءِ نه رڳو اها پابندي پيل تنظيم فائدو وٺي رهي آهي پر ٻيون اپوزيشن جماعتون به ان جو ڀرپور فائدو وٺي رهيون آهن،.
مصر ۾ اڄ جيڪا صورت حال پيدا ٿي آهي اها صورت حال ڪنهن سياسي جماعت جي جدوجهد جو نتيجو نه آهي اها تبديلي اتان جو عوام آڻي رهيو آهي جنهن ۾ سياسي جماعتون گڏجي ويون آهن ۽ اهي پاڻ کي دنيا آڏو مڃرائڻ لاءِ عوام جي جدوجهد کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن پر هن ميڊيا جي دور ۾ جتي پل پل جون خبرون جهر جهنگ تائين پهچي وڃن ٿيون ان صورت حال ۾ ڪنهن جدوجهد کي پنهنجي نالي ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه آهي پوري دنيا اڄ به اهاخبر ئي رپورٽ ڪري رهي آهي ته جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان جو نتيجو آهي جيڪو فيس بڪ تي هڪ نوجوان بحث دوران اهو احتجاج ڪيو ته آخر ڪار حسني مبارڪ 30 سالن کان وڌيڪ اقتدار تي قابض ڇو آهي؟
هن وقت مصر ۾ سرڪار ۽ اپوزيشن ۾ اڃا تائين ڳالهيون جاري آهن جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ويون ته حالتون پوءِ وڌيڪ ڳڻتي جوڳيون ٿي وينديون، مصر جي نائب صدر عمر سليمان گذريل هفتي اپوزيشن جي سمورين پارٽين کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي پر ڳالهين جو عمل ڪو به نتيجو نه ڏئي سگهيو آهي،، فرانسيسي بينڪ ڪريڊٽ ايگريڪول جي تجزيي موجب، سياسي بحران سبب مصر جي معيشت کي هر روز 31 ڪروڙ رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو، ماهر چون ٿا ته هاڻ مصر جي معيشت بحال ٿيڻ ۾ ڪي سال لڳي سگهن ٿا، مصر جي اهڙي صورت حال کان پوءِ عالمي برادري ۽ آمريڪا به صدر حسني مبارڪ کي قرض يا امداد بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، هڪ طرف ملڪ مان سيڙپڪارن جو نڪري وڃڻ ٻئي طرف سموري معيشت جا در بند هجڻ ۽ وري عالمي برادري جي امداد به بند ٿي وڃي ته بک ۽ بدحالي ڪاهي پوندي ته هي جيڪي مني انقلاب جا آثار آهن اهي انقلاب ۾ تبديل ٿيڻ ۾ ڪا ويرم ئي ڪانه لڳائيندا ڇا ڪاڻ ته بک ۽ بد حالي انقلاب جو سبب بڻجندا آهن ۽ اڄ مصر ۾ اهڙي انقلاب جا آثار پري پري کان نظر اچي رهيا آهن.بشڪريه عوامي آواز