قوميت جا عنصر ۽ قوميت جو جذبو

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    قوميت جا عنصر elements of nationality
    (!) گڏيل زندگي common race

    قوميت جي تعريف ۾ جنهن نقطي جي وضاحت گهڻي ڪئي وئي آهي اها آهي نسلي اتحاد يعني قوميت جي تشڪيل ۾ نسلي اتحاد وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ قوميت ۾ هڪجهڙائي ۽ محبت جو جذبو پيدا ڪرڻ جو اڪيلو ذريعو آهي ، ”پروفيسر زمرن “جي ويجهي نسلي اتحاد قوميت جو نهايت ضروري حصو آهي ، ”لارڊ برائس“ به هن کي قوميت جي شرطن منجهان ضروري سمجهي ٿو پر مفڪرين ۽ اهل علم جو هڪ گروھ اهڙو به آهي جيڪو نسلي اتحاد کي ضروري تصور نٿا ڪن .
    ”رينان “چوي ٿو ته نسل هڪ اهڙي شي آهي جيڪا پاڻ ٺهي ۽ ڊهي ٿي هن جو رياست سان ڪو به تعلق ناهي
    ”هيز“ ڇوي ٿو ته خالص نسل جو وجود هاڻي باقي نه رهيو آهي جيڪر آهي ته اهو قبيلن ۾ آهي .
    دراصل اهو هڪ اهم سوال آهي ته قوميت ٺاهڻ ۾ نسلي اتحاد ڪو حيثيت رکي ٿو يا نه ، هاڻوڪي دور ۾ اسان ڏسون ٿا ته مختلف نسلن جا ماڻهو هڪ قوميت هيٺ گڏ ٿي وڃن ٿا .
    نسل جو تعلق گڏيل ابن ڏاڏن سان ٿئي ٿو . مثال طور تي مسلمانن ۾ پٺاڻ ، شيخ ، سيد ، هندن ۾ برهمڻ ، ڇتري ۽ شودر ، مختلف نسلن جا ماڻهو آهن پر مسلمانن جي اندر نسلي برتري مٽجي وئي آهي ۽ اهي هڪ قوم ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ تقريبن اهو ئي حال هندن جو ٿيو .
    پوءِ جيڪر نسلي عنصر ضروري مڃيو وڃي ته اهو به مڃڻو پوندو پنجابي مسلمان ، سک ، هندن ۾ نسلي ويجهڙائي آهي سڀ ملي ڪري قوميت جو بنياد وجهي ٿا سگهن ۽ بنگال جا ماڻهو پنهنجي قوم کي وڌائي ٿا سگهن پر حالات هن جي ابتڙ آهن پنجابي مسلمان ۽ بنگالي مسلمان باوجود نسلي اختلاف جي هڪ قوميت جي اندر متحد نظر ٿا اچن .
    نسل پاڻ ۾ شادي وهانءُ سان واڌ ويجھ ڪندي آهي پر هندستان ۾ ذات پات جي اهڙو تفريق آهي جو پاڻ ۾ شدي وهانءُ نٿا ڪري سگهن ظاهر آهي هنن ۾ نسلي اتحاد قائم نٿو ڪري سگهجي ۽ نسلي اتحاد کان سواءِ قوميت جو تصور قائم نٿو ٿئي پوءِ به هندستاني ڪڏنهن به پاڻ کي هڪ قوميت ۾ تبديل نٿو ڪري سگهي .
    ٻي ڏکي ڳالھ اها آهي ته هن ترقي يافته دور نسلن جي ڇنڊ ڇاڻ ممڪن ناهي ۽ اهو پتو لڳائڻ ڏکيو آهي ته ڪهڙا ماڻهو خالص آهن ۽ ڪهڙا ناهن پاڻ ۾ مختلف نسلن جا ماڻهو هن طرح شادي وهانءَ ذريعي رلجي ويا جو هاڻي نسلي امتياز باقي نه رهيو آهي . امريڪا ۾ مختلف نسلن جا ماڻهو رهندا آهن پر اهي سڀ ئي پاڻ کي امريڪي قوميت جا ماڻهو تصور ڪندا آهن . هن ئي نموني سان سويٽزرلينڊ ۽ ڪينيڊا جا ماڻهو پاڻ کي هڪ قوم تصور ڪندا آهن . حالانڪه هنن ۾ نسلي امتياز موجود آهي .
    ايترو ته ضرور آهي نسلي اتحاد سان قوميت کي گهڻو استحڪام ٿئي ٿو ۽ اختلاف گهڻي ڀاڱهي گهٽ ٿي وڃن ٿا هن ڪري قوميت هڪ مضبوط عنصر تصور ڪرڻ گهرجي ،ڪنهن قوم کي اهو فخر حاصل ٿي وڃي ته سٺو آهي يا ته قوميت جي ارتقاء ۽ اتحاد جي لاءِ اهو عنصر ضروري نه آهي بعض ايسيتائين ٿا چون ته قوميت ئي نسل جنم ڏئي تي نسل قوميت کي جنم نٿي ڏئي .

    گڏيل زبان (common language)

    زبان جي اتحاد به قوميت جي تشڪيل ۾ هڪ اهم عنصر ليکيو وڃي ٿو .ڇو ته قوميت هڪ باهمي اتحاد ۽ رابطي جو نالو آهي ۽ اتحاد ۽ رابطو هن وقت تائين هلي نٿو سگهي جيسيتائين ماڻهن ۾ گڏيل زبان موجود نه هجي. زبان خيالن ۽ خواهشن جي اظهار جو ذريعو آهي .جڏهن پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان خيالن جو ڏي وٺ ڪندا آهيون ته هن ۾ محبت ۽ همدردي جو جذبو پيدا ٿيندو آهي .
    ”ريمزي ميور“ جي ويجهي زبان جو اتحاد، نسل جي اتحاد کان وڌيڪ اهم ۽ ضروري آهي ، ”جوزف“ جي ويجهي گڏيل زبان ئي خيالن ۽ جذبن جي اظهار جو ذريعو آهي بلڪه زبان اخلاق ، طور طريقه ۽ انصاف کي متعين ڪرڻ لاءِ گڏيل پيمانه ۽ درجه مقرر ڪندا آهن ۽ اهو ئي نه بلڪه گڏيل قومي نفسيات پيدا ڪندو آهي . پاڻ ۾ ڀائچارو ۽ قومي جذبن جي تشڪيل ۾ به مددگار ثابت ٿيندو آهي ، اجنبيت ۽ ڌاريائپ کي ختم ڪري پنهجائپ پيدا ڪندو آهي .
    ”فشٽي“ چوي ٿو ته قوميت هڪ روحاني شي آهي يعني خدا جي ارداي جو ظهور آهي ۽ هن جو رابطو زبان جو اتحاد ئي آهي. هن ۾ شڪ ناهي ته گڏيل زبان جا گهڻا فائده آهن پر هن عنصر کي قوميت جي تشڪيل ۾ ضروري ۽ اهم عنصر ڄاڻائيڻ مناسب ناهي يعني اهو ئي ته بغير گڏيل زبان قوميت جو تصور قائم رهي نٿو سگهي ، تجربو اهو ثابت ڪيو آهي ته بغير لساني اتحاد به قوميت پائيدار ٿيندي آهي ۽ هن ۾ اتحاد جذبي ۽ شوق محبت ۽ همدردي جا جذبه هوندا آهن . سڀ کان بهتر مثال سويٽزرلينڊ جي آهي جٿي ٽي زبانون ڳالهايون وينديون آهن هن جي باوجود پاڻ کي هڪ قوم جا فرد سمجهندا آهن . پاڪستان ۾ به مسلمانن جي ئي اندر ٻه زبانون ته ڇا بلڪه ڪيتريون ئي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون پوءِ به پاڻ کي هڪ قوم تصور ڪندا آهن ، هن کان پوءِ ڪينيڊا ۽ امريڪا جيتوڻيڪه هڪ زبان ڳالهائن ٿا ۽ جغرافيائي حيثيت سان به هڪ ٻي جي ويجهي آهن پر هنن ۾ هڪ قوميت وارا جذبه اڄاگر نٿا ٿين ۽ ٻئي پاڻ کي ڌار ڌار قوم تصور ڪندا آهن .
    پوءِ به زبانن جو اتحاد گهڻن ڏکائن جو حل هوندو آهي ۽ ڏٺو ويو آهي ته اهڙيون قومون زياده مضبوط ۽ متحد آهن جن ۾ زبان جي شراڪت موجود آهي ، مثال طور عرب باشندن کي وٺو سڀئي عرب ماڻهو عربي زبان جي سببان پنهنجي پاڻ کي هڪ قوم تصور ڪندا آهن حالانڪه هنن جو پاڻ ۾گهڻا اختلاف موجود آهن ، پر دشمن جي مقابلي ۾ سڄو عرب متحد ٿي ويندو آهي پوءِ ڇو نه سعودي عرب هجي ، عراق ، مصر يا سوڊان .

    گڏيل مذهب (common religon)

    مذهبي اتحاد انسان جي پيدائش کان ماڻهن ۾ اتحاد ۽ قرابت جي جذبن کي اڀاريندو رهيو . اڳين زمانن ۾ قبيلن ۽ خانه بدوشن ۾ به مذهبي اهوئي جذبو ڪم ڪندڙ رهيو جيڪو هنن ۾ عصبيت کي جنم ڏئي متحد ۽ مضبوط ڪندو رهيو ۽ اهي ٻين قومن بهادري سان وڙهي ڪامياب ٿينديون رهيون .
    اڳين زمانن جي يهودين ۽ عيسائين ۾ مذهبي اتحاد هنن جي قومي زندگي تي گهڻو اثر وڌو . مسلمانن ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين قوميت جو بنياد مذهب تي ئي رهيو آهي . دنيا جي سڀنن مسلمان کي رڳو اسلام قبول ڪرڻ جي آڌار سڀنن امتيازي پهلون کي مٽائي هڪ قوم تصور ڪيو وڃي ٿو
    ”گلڪرائيٽ“ جي چوڻ مطابق مذهبي جو اتحاد جو مطلب اهو آهي نه هڪ آبادي ۾ مذهب جي بنيادي اصولن تي اشتراڪيت هجي اهو مطلب ناهي هوندو نه مذهبي فرقن جي اختلاف يا مسلڪي اختلافن سان مذهبي اتحاد قائم نٿو قائم ٿي سگهي ، اختلاف اهڙو هجي جئين هندو مسلمان يا مسلمان ۽ عيسائي . هن ڪري جو فرقن ۽ مسلڪن جي اختلافن جي باوجود قومي اتحاد قائم ٿيو آهي مثال طور مسلمانن ۾ شيعه سني ۽ عيسائين ۾ پروسٽسٽ ۽ کيٿولڪ هڪ ئي جگه رهن ٿا ۽ مسلڪن جي اختلاف باوجود پاڻ کي هڪ قوم تصور ڪن ٿا . مذهب انسانن جي دماغ ، اخلاق ۽ ڪردار ، عادت ۽ طورطريقه ، رسم ۽ رواج ،اقتصاديات ،حالات ، جنگ ۽ صلح ، فتحيابي ۽ ناڪامي غرض زندگي جي هر شعبي ۾ اثر وڌو آهي ،هن ڪري مذهبي اتحاد ٻين عنصرن تي غالب آهي ۽ هن عنصر سان قومي واڌ ويجه۽ ترقي ۾ جيڪو استحڪام حاصل ٿئي ٿو اهو ٻئي ڪنهن عنصر مان حاصل نٿو ٿئي.
    پر هن جي اهميت جي باوجود اسين ڏسون ٿا ته مذهبي اتحاد ۽ شراڪت کان سواءِ به هڪ ملڪ جي ماڻهن ۾ قوميت جو تصور قائم رهيو آهي ۽ ملڪي مفاد لاءِ به بهتر ثابت ٿيو آهي گهڻيون رياستون هاڻي مذهبي رواداري جي هن اصول تي عمل پيرا آهن. گهڻين قومن ۾ هاڻي مذهب جو اثر باقي نه رهيو آهي جئين امريڪين ، روسين ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ آهي پر هن جي باوجود اهي سڀي ملڪ پنهجي پاڻ کي مضبوط ٿا سمجهن.
    مذهب سان هڪ پاسي گهڻائي فائدا حاصل ٿين ٿا ته وري ٻي پاسي مذاهب قومي زندگي ۾ انتشار ۽ فساد جي باعث بنجن ٿا . دراصل غور ڪيو وڃي ته خبر پوندي مذهبي اختلاف يا فرقه واريت اختلاف ڪنهن حد تائين تباھ ڪن ثابت ٿيا آهن . جيڪر مذهب کان ئي انتشار رونما ٿين ٿا ته ظاهر آهي قوم جي تشڪيل ۾ هن کي نظرانداز ڪرڻو پوندو پر جيسيتائين صحيح مذهبن جو مطالعو ڪيو وڃي ته هنن ۾ اهڙي ڪابه ڳالھ نٿي ملي جيڪا اختلاف يا انتشار جو ڪارڻ هجي .اهي انسانن جون پنهجيون ڪوتاهيون آهن جيڪي رڳو پنهجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مذهبن جي نالي فريبڪاري ۽ دغابازي ڪندا آهن. مذاهب اخلاق جو درس ڏين ٿا نه ڪي ويڙھ ۽ فساد کي جنم ڏين ٿا ، قوميت جيڪر نالو آهي اتحاد ۽ محبت ، گڏيل جذباتن ، عادتن جو ته مذهب جي عنصر جو هن ۾ وڏو هٿ آهي هن کان انڪار ممڪن ناهي ها اهو ضروري آهي ته ملڪ اندر ٻين مذهبن سان گڏ رواداري ۽ دوست وارو سلوڪ ڪيو وڃي . هِتي قوم ۽ قومي مملڪت کي هڪ تصور ڪرڻ غلط هوندو هن ڪري ته اها ڳالھ اڳ ۾ ڪئي وئي آهي ته هڪڙي ملڪ ۾ ڪيترن قومن جا ماڻهو شامل ٿي سگهن ٿا ۽ هڪ ئي قوم جا ماڻهو ڪيترين رياستن ۾ تقسيم ٿي سگهن ٿا.


    گڏيل جغرافيائي ( geografic unity)
    ڪن مفڪرن ۽ اهل علم وارا جغرفيائي اتحاد کي به قوميت جو هڪ عنصر کوٽين ٿا . هنن جو چوڻ آهي ته متعين علائقو ماڻهن ۾ همدردي ۽ اتحاد جي جذبن کي اڄاگر ڪن ٿا ۽ اهو هن ڪري ٿئي ٿو جو ماڻهو هڪ ٻئي سان ملن ٿا ، گڏ رهن ٿا ۽ پاڻ ۾ تعلقات قائم ڪن ٿا هڪڙو متعين علائقو گهر جو ڏيک ۽ ماحول پيدا ڪري ٿو ڇڏي جنهن ۾ سڀئي ماڻهو پاڻ ۾ هڪجهڙائپ محسوس ڪن ٿا جنهنن وٽ پنهجو علائقو نه هوندو آهي هنن جي اندر قوميت جو جذبي جو ترقي ماڻڻ مشڪل ڳالھ ثابت ٿئي ٿي پر اها ڳالھ درست ناهي اهو هن ڪري جو اسان ڏسون ٿا ته مسلمان باوجود مختلف رياستن ۾ تقسيم ٿيل هوندي به هڪ قوم آهن ، هنئي نموني يهودي فلسطين جي تقسيم ٿيڻ کان اڳ ڪيترن ملڪن ۾ ڇروڇر هوندي به هڪ قوم هئا بعض ماڻهو جغرافيائي اتحاد کي اهميت هن ڪري ٿا ڏين جو جغرافيائي ۽ موسمي حالتن ماڻهن جي اخلاق ، ڪردار ۽ جسماني اوسر تي هڪ خاص اثر ڇڏي ٿو هنن جي اندر گڏيل جسماني ۽ نفساني حالتون پيدا ٿين ٿيون جيڪي امداد ۽ باهمي جذبن کي هٿي ڏين ۾ گهڻو مددگار ثابت ٿين ٿا ،پوءِ اهو ته هڪ علائقي واري رياست جي ماڻهن ۾ فطري لڳاو ۽ محبت جو جذبو هوندو آهي جيڪو هنن کي ٻاهرن ملڪن لاءِ متحد ڪري ٿو ڇڏي . اها جاءِ جٿي انسان پيدا ٿئي ٿو نه اهو ته هتان جي ٻين ماڻهن سان فطري محبت هجيس بلڪه هو هن زمين جي مٽي سان به محبت ڪري ٿو . هن ڪري اهو زور ڏنو ويو آهي قوميت جو جذبو هڪ جغرافيائي متعين علائقي ۾ گهڻي حد تائين قائم ٿين ٿا . پاڪستاني باوجود اهو جو مختلف نسلن ۽ مذهبن ۾ کنڊيل آهن پر انهن کي پاڪستان جي زمين سان محبت آهي جيڪا هنن ۾ وفاداري جو جذبو اڀاري ٿو ۽ دشمن جي مقابلي لاءِ اٿاري ٿو.

    گڏيل ثقافت ، تمدن ،افڪار ۽ خيالات، رسم ۽ رواج common culture , civilization ideas customs & traditions

    گڏيل ثقافت ۽ تمدن ، ادب فڪر ۽ خيالات قوم جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ،ثقافت کان مراد اهي سڀ شيون آهن جيڪي انسان جي ذهنن کي حياتي بخشي ٿي ۽ هنن جي لطافت ۽ پاڪيزگي پيدا ڪري پوءِ ڇو نه اهي ادبي ترقي هجي ، فنون لطيفه هجي ، مشهور قصه هجن ، رمزيه شعر هجن يا عادتون ۽ طور طريقه هجن .
    تمدن ۾ اسين مادي ترقي شامل ڪندا آهيون ثقافت ۽ تمدن هڪ ٻئي سان ڳنڊيل آهن ، اقتصادي ، سياسي ، زرعي ۽ صنعتي ترقين جو اثر اسانجي ثقافتي سرگرمين ۾ پوي ٿو . اهي سڀئي ڳالهيون هڪ قوم کي ٻي قوم کان ڌار ڪنديون آهن . اخلاقي ڪردار جي هم آهنگي فرض ۽ حق ، پابندين ۽ آزادين جي هڪ جهڙو تصور قومن جي زندگي ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون .هنن ۾ اتحاد ۽ محبت جي جذبن کي فروغ ڏيڻ ۾ وڏي حد تائين موثر ثابت ٿين ٿا . جئين ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ثقافتي تصور آهي ته ظاهر آهي هڪ جهڙا ثقافتي اقدار تي هلڻ وارا گهڻا ويجها ٿي سگهن ٿا بنسبت هنن ماڻهن جي جيڪي مختلف ثقافتي سرگرميون رکندا آهن ۽ مختلف رسم ۽ رواج عادت ۽ طور طريقي جا تابع آهن ،انگريز هڪ قوم آهي جن جو مخصوص طرز زندگي آهي مسلمان هڪ قوم آهي جنهن جو هڪ مخصوص ثقافت ۽ تمدن آهي .
    خيالن ۽ فڪرن ۽ بنيادي اصولن جو اتحاد هڪ ٻئي کي ويجهو آڻڻ ٿا پاڻ ۾ هم آهنگي ۽ همدردي کي جنم ڏين ٿا جنهن کي سولي نموني برباد نٿو ڪري سگهجي ، پوءِ اهو ته قومي ادب زندگي جو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ، اهو قوميت ۾ عزت ۽ جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ هنن ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ٿو ، ادبي سرگرميون روحاني خوشي ۽ دل جي تسڪين جو باعث بنجن ٿا ۽ اهي ڳالهيون هڪ قوم جي ارتقاء لاءِ ضروري آهن. پوءِ اهو ته ثقافت ۽ تهذيب ۾ رسم رواج ،رهڻي سهڻي جا طريقه لباس ، جگهيون سڀ اچي وڃن ٿا . هڪ قوم جي ماڻهن ۾ هنن سڀنن يڪسانيت هنن کي متحد ۽ مضبوط بنائي ٿي ۽ هنن ۾ فطري محبت ۽ پيار جا جذبا ترقي ماڻن ٿا ، پوءِ اهي ته هن ۾ تاريخ ۽ اسلافن جا ڪارنامن جو به دخل آهي ساڳي قومي تاريخ ۽ اسلاف جا ڪارنامه بجا طور تي قومن کي فخر ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن . ماضي جي واقعن ۽ ڪارنامن اسانجي ڪردار ۽ اخلاق کي ٺاهڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪارائتا ثابت ٿيا آهن . اهي ڳالهيون عورتن ، مردن ، ٻارن سڀنن کي هڪڙي ڌاگي ۾ پروئي ٿو . هن ئي نموني گڏيل جذبن ۽ خيالن کي فروغ حاصل ٿئي ٿو.
    ”جان اسٽورٽ مل“ جي ويجهي گڏيل سياسي واقعا مجموعي تاريخي ياداشتون مجموعي سربلندي ۽ بي عزتي ، خوشي ۽ غمي جو ماضي سان تعلق رکن ٿا قوميت جي عنصرن ۾ سڀ کان مضبوط ۽ اهم آهن .

    گڏيل سياسي جذبو common polical sentiments

    اهو چيو ويندو آهي ته جنهن ماڻهن ۾ سياسي جذبه جنم وٺندا آهن هنن جي اندر قوميت جو تصور پيدا ٿي ويندو آهي .گڏيل سياسي جذبن سان اهو مطلب ورتو ويو آهي ته قوميت يا ته آزاد ٿي هڪ رياست جو قيام چاهي ٿي يا ٻي حڪومت جي هيٺ رهندي اندروني معاملن ۾ مڪمل آزادي جي خواهش رکي ٿي .
    ڇو ته اهي گڏيل خواهش قرابت ۽ محبت جا جذبه پيدا ڪن ٿا ، گهڻيون قومون آزادي ماڻڻ کان پوءِ پاڻ ۾ قومن ۾ تبديل ڪري وٺندا آهن پر اهو تصور ته هر قوميت جي لاءِ ڌار رياست هجي خطرناڪ ۽ ناممڪن عمل جوڳو آهي ،اهو هن ڪري ته گهڻيون قومون اهڙيون آهن جيڪي تمام ننڍڙيون آهن ۽ هنن جي ڳڻپ محدود آهي هر اهڙي قوميت لاءِ هڪ ڌار رياست جو تصور هڪ متحد رياست کي ڪيترن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏينديون جيڪو اتحادي تصور جي خلاف آهي . اهو گهڻو بهتر آهي ته گهڻيون قومون پاڻ ۾ ملي جلي ڪري اهڙي نموني رهڻ ته انهن کي هڪ قوم تصور ڪيو وڃي . جيڪر هڪ قوم اهڙي آهي جيڪا پاڻ کي آزاد رياست جي حيثيت قائم رکي ٿي سگهي جنهن جي آبادي به گهڻي هجي ۽ هڪ جغرافيائي علائقي ۾ وسي ٿي ته اهڙيون قومن کي آزاد سياسي حيثيت ڏيڻ نامناسب ئي نه بلڪه ضروري آهي ۽ اهي هن لاءِ ڪوششون به ڪري سگهي ٿي .
    ” گلڪرائسٽ“ چوي ٿو ته ” قوميت ٻن سببن ڪري زندھ رهندي آهي يا هن ڪري جو اها هڪ قوم رهي چڪي آهي ۽ هن جو پنهنجو علائقو ۽ پنهنجي ملڪيت رهي هجي يا هن سبب سان هن اها پنهجي خاص ملڪ ۽ علائقي سان هڪ قوم بڻجن چاهي ٿي .
    “ گلڪرائسٽ “جي هن نظريعي سان ته اها ڳالھ ثابت ٿئي ٿي ته هڪ قوميت ۽ ملڪيت جي اصول تي عمل ڪيو وڃي هن ڪري جو قوميت بغير رياست جي قوم نٿي بڻجي ٿي سگهي ، پر اها ڳالھ وڏي حد تائين خطرناڪ ثابت ٿيندي جئين مٿي ذڪر ٿيو آهي .
    هن جو خيال اهو آهي ته قوميت جو جذبو هن وقت جاڳي ٿو جڏنهن محڪوم قومن جي خيالن ۽ فڪرن حڪمرانن جي خيالن ۽ فڪرن کان جدا هوندا آهن ۽ هنن تي ظلم ۽ ڏاڍ رکيو وڃي ٿو .گڏيل مصيبتون هنهن کي متحد ڪري ڇڏين ٿا . تقسيم هندستان کان اڳ مسلمانن جڏهن اهو سمجهي ورتو ته هنن جوگذاروهندو قوم سان نٿو ٿي سگهي ته هنن ۾ قوميت جو تصور پيدا ٿيو ۽ هنن ڌار رياست جي قيام جو مطالبو ڪيو جنهن کي قائد اعظم ۽ هنن جي مخلص دوستن جي جدوجهد ۽ ڪوششن سان معرض وجود ۾ اچي ويو .
    پوءِ اهو چيو ٿو وڃي ته ڪابه آبادي گهڻي وقت تائين محڪوم رهندي آهي ته هنن ۾ قوميت جا جذبا پيدا ٿين ٿا ، مثال طور تي هندستان ۾ انگريزن جي تسلط گهڻن عرصن تائين قائم رهيو ۽ سڀنن هندستانين هڪ ئي حڪمران جي اطاعت ڪئي هن گڏيل اطاعت ۽ غلامي هنن اندر قوميت جو احساس پيدا ڪيو ۽ اهي پنهجي آزادي چاهڻ لڳا .

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔


    قوميت جو جذبو nationalism
    قوم، قوميت ، قوميت جو جذبو اهي ٽئي اصطلاحون پاڻ ۾ اهڙي نموني ڳنڊيل ۽ متحد آهن جو هنن کي مڪمل طور ڌار نٿو ڪري سگهجي ، هن جي باوجود علم سياست وارا هنن ٽنهن اصطلاحن ۾ فرق ڪيو آهي . ٻن جو وضاحت اڳ ۾ گذري چڪو آهي هتي مختصر طور تي قوميت جو جذبي جو اصطلاح تي غور ڪرڻو آهي ۔
    جيسيتائين هن جو لفظي معنى جو سوال آهي ته هو واضح آهي يعني اهڙو جذبو جيڪو ماڻهن ۾ قوميت جو تصور پيدا ڪري متحد ڪري ڇڏي . آزاد رياستن ۾ عام طور ماڻهو جيڪر هن جذبي سان سرشار نه هوندا ته اهي پاڻ ۾ هڪ قوم نٿا بڻجي سگهن ، جئين ”پروفيسر زمرن“ جو قول آهي ته جيڪر ماڻهو هن ڳالھ جو اهي احساس ڪري وٺن ته اُهي هڪ قوم آهن ته قوم بڻجي ويندا ، اهو احساس سولي نموني نٿو نپي هن جا ڪجه ضروري لوازمات آهن .هنن ۾ ڪجه اِهي آهن ٿه ماڻهو پاڻ کي هڪ نسلي ، ثقافتي يا لساني رشتن ۾ منسلڪ سمجهن ، هنن جو هڪ وطن هجي ۽ اهو فخريه طور تي مادر وطن جي لقب سان هجي . مذهبي جذبو ۽ شوق هجي ۽ هن سان گڏ ئي رواداري ، همدردي جا جذبا ڪم ڪن ڪندڙ هجن . هنن سڀنن ڳالهين کان پوءِ ماڻهن ۾ قوميت وارو جذبو اڀاري سگهجي ٿو .
    ” هيز “ جي چوڻ مطابق لفظ قوميت جو جذبو nationalism ڪيترن ئي طريقن سان استعمال ٿئي ٿو .
    1 ؛ تاريخي طور تي هن جو استعمال هن وقت ٿيو آهي جڏنهن اها ڪوشش ڪئي وئي ته قومن پنهنجن سياست کي وحدتن ۾ تبديل ڪيو .اهو طريقو پندهريون صدي کان اڻويھ صدي تائين جاري رهيو. جنهن ۾ ڪيترن ئي قومي رياستن جو وجود هجن هن لفظ انگلينڊ ، فرانس ۽ اسپين کي آزاد ۽ ڌار رياستن جي قيام ۾ مدد ڏنو . اٽلي ۽ جرمني جي اتحاد ۾ به اهو لفظ ڪم ڪندڙ هيو . ”پروفيسر الياس“ چوي ٿو ته ” غير شعوري طريقي سان قوميت وارو جذبو هڪ خيال هجي ، خيال سان هڪ مجرد اصول ٺهي ويو ۽ هن جي پڄاڻي هڪ اهڙي عقيدي ۾ ٿي ويو جئين اڄ ڪل ٿئي پيو پوءِ ڀلي هن کي قبول ڪيو وڃي يا درگذر ڪيو وڃي .

    2 ؛ تاريخي طور تي اهو هڪ نظريو يا اصول جي طور ته به استعمال ڪيو ويو ، اهو جذبو ڪليسا جي اثر ۽ رسوخ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيو جئين ”ميڪاولي“ پنهجي بادشاھ لاءِ استعمال ڪيو جئين اٽلي ۾ سلطنت متحد ٿي سگهي . پوءِ اهو ته قومن هن کي سياسي آزادي لاءِ استعمال ڪيو جئين ته ”جان اسٽورٽ مل“ هڪ قومي رياست جو نعرو بلند ڪيو هيو .

    3 ؛ پوءِ اهو ته قومن جي ڪارنامن ۾ اها مخصوص حيثيت يا اصول جي طور تي استعمال ٿيو . اسين پاڪستاني قوميت جي جذبي ۽ آئيرلينڊ جي قوميت جي جذبي ۾ تفريق ڪري سگهون ٿا ، پهريون جذبو پنهجن مخصوص حالتن جي هيٺيان ۽ ٻيو جذبو پنهجن مخصوص حالتن جي هيٺيان ٿيو .
    پاڪستان پنهجي قوميت جي جذبي کي مختلف صورتن ۾ استعمال ڪيو ڪڏنهن ته اهي پائدار ۽ سٺي حڪومت جي قيام لاءِ استعمال ڪن ٿا ڪڏنهن غير ملڪي دشمن خلاف متحد ٿيڻ لاءِ اڄڪل قوميت جي جذبي کي ڪشميري مسلمانن کا آزادي ڏيارڻ ۽ اهڙن ملڪن سان دوستي هموار ڪرڻ لاءِ استعمال پيو ڪري جيڪي پاڪستان کي مضبوط بڻائي ۽ هن جي جائز حق ڏياري. هندستان کان اڳ مسلمان هن کي پاڪستان جي قيام لاءِ استعمال ڪيو ، مطلب ته قوميت جي جذبي هر ملڪ ۾ هن جي مخصوص حالتن هيٺ استعمال ٿئي ٿو .

    4 ؛ قوميت جو جذبو هڪ ذهني ڪيفيت آهي جنهن ۾ انسان هڪ قسم جو فخر محسوس ڪري ٿو ، اها ذهني ڪيفيت هن کي مٿڀرو ڪري سگهي ٿو هن ۾ سربلندي ۽ جوش واري جذبن کي اڄاگر ڪري هن جي جائز مطالبن کي ٻين قومن کان مڃرائي سگهي ٿو پر هن سان گڏ جڏهن اها ڪيفيت ايتري مٿي هلي وڃي جو ٻين قومن کي ذليل ۽ خوار سمجهڻ لگن ته پوءِ اها ڪيفيت ملوڪيت ۽ ملڪ گيري جو .......... پيدا ڪري ٿو ڇڏي جيڪا عمومي طور قومن جو زوال جو سبب بنجن ٿا جئين جرمني ۽ اٽلي جي مثال اڳيان آهن .

    5 ؛ قوميت جو جذبو ڪنهن پارٽي جي جظريه ۽ پروگرام جي هيٺ به استعمال ٿيو آهي يعني سياسي پارٽين پنهنجن نقطي نظر جي وضاحت جي طور تي هن لفظ جو استعمال ڪندي آهي جئين هڪ پارٽي جي اصول ۽ نظرين کي ٻين پارٽين جي اصول ۽ نظرين کان فرق واضح ٿي وڃي .



    nationalism قوم ، قوميت جي جذبي جي وضاحت کان پوءِ اهو ضروري آهي ته قومي رياست تي به مختصر روشني وڌي وڃي ، هر اها رياست جنهن ۾ قوميت ۽ قوميت جي جذبي جا عنصر مڪمل طور موجود هجن اهي قومي مملڪت چورائڻ جا مستحق آهن ، موجوده سڀني رياستون دراصل قومي رياستون آهن . قومي رياستن جي تشڪيل ۾ قوميت جي جذبي هن درجي جو هجڻ گهرجي ، جئين رياست جي وفاداري سڀئي ٻين وفادارين تي ڇائجي وڃي. اهو هن وقت ممڪن آهي جڏنهن قوم ۾ قوميت جي جيڪر سڀئي عنصر نه آهن ته پوءِ ڪجه عنصر ضرور هجن ، پوءِ ڇو نه نسلي شراڪت هجي يا مذهبي ، لساني هجي يا تاريخي ۽ روايتي هنن جا طور طريقه رهڻي ڪرڻي اخلاق ۽ اداب ، تهذيب ۽ ثقافت ۾ هم آهنگي ۽ شراڪت به وڏي حد تائين ضروري آهي . اهو ڏٺو ويو آهي ته اهڙيون قومون جنهن ۾ عمل ۽ جذبات گڏيل هوندا آهن گهڻيون طاقتور ٿين ٿيون ۽ هنن کي پنهجي دشمنن جي مقابلي ۾ فتح ۽ نصرت حاصل ڪرڻ جا گهڻا موقعه هوندا آهن، هنن قومن جي ڀيٺ ۾ جنهن ۾ اهڙي طرح جي شراڪت نه هوندي آهي . قوميت جو جذبو هڪ فطري رجحان آهي جن جو تعلق دل سان هوندو آهي ۽ اهڙي وقت پائدار ٿئي ٿو جڏهن عوام جون دليون هڪ ٻئي سان مليل هونديون آهن ۽ دلين جو ملڻ ڪنهن ٺوس بنياد تي ٿئي ٿو . زبردستي ۽ بناوٽي طريقن سان اهي جذبه پيدا نٿا ڪرائي سگهجن ، قومي رياستن جا ماڻهورياست کي گهر تصور ڪن ٿا ۽ هن ئي ڪري اهي هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهندا آهن . رياست جي عزت فرد ۽ جماعت جي عزت ۽ هن جي بي عزتي فرد ۽ جماعت جي بي عزتي آهي .
    هن آڌار تي ”جان اسٽورٽ مل“ اهو نعرو بلند ڪيو هيو ته هر قوميت لاءِ ڌار رياست هجڻ گهرجي گهڻيون قومون ملي ڪري پائيدار رياست جو قيام نٿا ڪري سگهن . اهڙي نعري ۾ ته هڪ قوم هڪ رياست لاءِ وڏي حد تائين هو حق بجانب هيو ، هو مختلف قومن جي آزادي جو خواهشمند هيو ، پر عمل طور تي ”جان اسٽورٽ مل“ جو اهو نعرو فائدي مند ثابت ناهي ٿيو . هاڻوڪي رياستون گهڻيون قومن جو مجموعو آهن . ”مل “ دراصل هن ڳالھ جو خواهشمند هيو ته هر قوم کي جنهن ۾ قوميت جو جذبو لڌو وڃي هن کي حق خودمختياري ڏني وڃي تانته اهي پاڻ فيصله ڪري سگهن ته ڇا هو بلڪل آزاد رهڻ ٿا چاهين يا ڪنهن سياسي تنظيم سان الحاق جا خواهشمند آهن . ” مل “ جي هن قول سان ته اهو واضح اچي ٿئي ٿو هر قوم ۾ ڪنهن سياسي تنظيم جي هيٺ گهڻين ڏينهن کان متحد آهي ته هن جو چٽو مطلب اهو نڪرندو ته منظم رياستن جا ڪئي ٽڪڙا ڪيا وڃن ته جئين رياستن جو انتظام تباھ ٿي وڃي . هن ڪري ” مل “ جي هن ڳالھ جي تائيد نٿي ٿي سگهي ها ايترو ضرور آهي ته اهڙيون قومون جيڪي دراصل غلامي واري زندگي گذارين پيون ۽ جيڪي پاڻ کي آزاد سياست طور سولي نموني منظم ڪري ٿا سگهن ته هنن کي آزادي ملي وڃي ته گهڻين قومن کي خودمختياري ملي وڃي .
    هو چوي ٿو ته آزاد ادارن جو قيام اهڙي رياست ۾ ناممڪن آهي جنهن ۾ گهڻيون قومون رهن ٿيون .اهڙن ماڻهن ۾ جنهن ۾ برادري جو احساس ناهي خاص طور تي جڏهن اهي گڏيل زبان رکندا ۽ ڳالهايندا هجن گڏيل راءِ جيڪا حڪومت کي هلائڻ لاءِ ضروري آهي سان قائم نٿي ٿي سگهي.
    ”مل “ جو اهو قول عملي حيثيت سان غلط ثابت ٿي ويو ، هن ڪري جواسين ڏسون ٿا ته هنن قومن ۾ قوميت وارو جذبو مڪمل طور تي موجود آهي جٿي گهڻيون ٻوليون ڳالهائيون وڃن ٿيون . مثال لاءِ سويٽزرلينڊ ، پاڪستان ، هندستان ، اهي سڀئي رياستون به طاقت واريون رياستون آهن ۽ هنن ۾ به قوميت جو جذبو ۽ رياست سان وفاداري شعوري طور تي موجود آهي .
    ” پروفيسر الياس“ جي چوڻ مطابق جيڪر هڪ قوم سياسي طور تي منظم ٿي وڃي ٿي ته اها طاقتور رياست بڻجي پوندي ۽ اهو اسين موجوده دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ ڏسي سگهون ٿا ، جٿي طاقتور رياستون بنا تخصيص هڪ عام قاعدو بڻجي پيو آهي ته هڪ طاقتور رياست سدائين قوميت جي آڌار تي قائم ٿي سگهندي آهي پر هڪ قومي بنا طاقتور رياست جي قائم نٿي رهي سگهي .
    ”هيز“ چوي ٿو ته موجوده دور جي قوميت وارو جذبو هڪ مذهب جي شڪل اختيار ڪري ورتو آهي جهڙي طرح سان انسانن ۾ مذهبي جذبي ۽ جوش ۽ جنون تائين سرائيت ڪري ويوآهي هن ئي طرح سان قوميت وارو جذبو موجوده رياستن ۾ سرائيت ڪري ويو آهي جهڙي نموني مذهبي جنون خطرن کي منهن ڏئي ٿو اهڙي نموني بلڪه هن کان به وڌيڪ خطرن کي دعوت ڏئي ٿو. اهو جذبو رياست جي اتحاد ۽ سالميت کي برقرار رکڻ لاءِ ته درست آهي پر جيڪر هن کان وڌي وڃي ته جنگ ۽ فساد جو ڪارڻ بڻجي وڃي ٿو .
    هن ئي ڪري لارڊ ڊايڪٽن سڄي قوميت جي نظريعي تي وڌي جٿي تنقيد ڪئي آهي ته ” اهو نظريو اجتماعيت کان وڌيڪ گهناوئنو ۽ مجرمانو آهي “ ۽ رياست جو نعرو هن وقت اهو وڌيڪ برو ۽ خطرناڪ ٿي ويندو آهي جڏنهن هڪ قوم ۽ هڪ رياست جو نعرو لڳي ٿو . هو چوي ٿو ته ” هڪ رياست ۾ مختلف قومن جو رلڄڻ هڪ مهذب زندگي لاءِ ائين ئي شرط آهي جئين هڪ معاشري ۾ به انسانن جو رلڄڻ ختم ٿيندڙ نسلون ، ذهني برتري رکڻ وارين نسلن سان گڏ سياسي اتحاد ۾ اچي بلند ۽ مٿائون ٿي سگهن ۽ گهڻيون سٺيون ڳالهيون سکي سگهن .


    سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ

    حوالو ؛ نظري سياسيات


     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: قوميت جا عنصر ۽ قوميت جو جذبو

    آدا توآهانجو لکيل هي آرٽيڪل تمام گهڻي ريسرچ تي مبني آهي جيڪو بغير ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي آوهان جي محنت ۽ رليٽڊ سبجيڪٽ سان آنصاف جو هڪ کليل مثال آهي۔جيڪڏنهن ڪو سوڪيس جو شاگرد توهانجا ٻئي آرٽيڪل پڙهي ت آسان کي ن ٿو لڳي ت نيشن ۽ انجا ڪو رليٽڊ انگريڊنٽس جي ايڪسپلينشن جي لاء ڪا ٻئي جاکوڙ ڪرڻي پوي۔آسانجي چوڻ جو مطلب آهي ت توهان پنهنجي ٻنهي مضمونن جي ذريعي تمام بهترين معلومت ونڍ ڪري آ انجي ڄاڻ م اضافو ڪيو آهي ۔آلله پاڪ آوهان کي انجو آجر ڏيندو۔اسانجي دعا توهان لاء آهي ت الله پاڪ تواهان جي خيالن ۽ قلم کي ڪڏنهن ب زنگ ن لڳائي۔
     
  3. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: قوميت جا عنصر ۽ قوميت جو جذبو

    ادا بهترين معلوماتي ونڊ آهي۔ ​
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: قوميت جا عنصر ۽ قوميت جو جذبو

    ادا غلام مصطفى صاحب بس هن اڱڻ ۾ جيڪا محبت ۽ موٽ ملي ٿي بدلي ۾ ڪجه مضمون لکڻ لا دل چوندي آهي جئين دوست هن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ، جيڪا ڄاڻ ملي ٿي سا دل چوندي آهي اها ناليج دوستن سان به شئير ڪجي ۔

    پو وقت کٿان ٿو نڪري ڪئين مضمون لکجي هن اڱڻ جا زينت ٿا بڻجن مون کي سمجه نه لڳندي آهي ضرور اها اوهان دوستن جي خلوص ۽ محبت جو اثر آهي ۔

    اوهان دوستن جون حوصله افزايون مون لا سعادت جو سبب آهن ۔ انشاءالله اهو ساٿ هلندو رهندو

    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: قوميت جا عنصر ۽ قوميت جو جذبو


    ادا عمران اوهان جون مهربانيون

    سدا خوش ۽ آباد هجين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو