ناموس رسالت ۽ سنڌي اخبارون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [justify]محمد موسى ڀٽو
    ناموس رسالت ۽ سنڌي اخبارون
    اخبار جي مالڪن ۽ سنڌ جي ديني قيادت
    جي غور فڪر لاءِ
    سنڌي اخبارن سلمان تاثير جي قتل جي مسئلي تي، ماده پرست
    مغرب وارن جي موقفکي هٿي ڏيارڻ لاءِ، جنهن طريقي سان
    صفحن مٿان صفحا ڪارا ڪيا ۽ بي شمار مضمون ۽ ڪالم لکيا،
    سندن اهو ڪردار ناموس رسالت، مقام رسالت ۽ تقدس رسالت کي
    نه سمجهڻ، بلڪ ان کان انڪار جي روش تي ٻڌل آهي. ناموس
    رسالت کي دستور ۾ تحفظ حاصل آهي ۽ ان مسئلي تي عام مسلمان
    پڻ ڪنهن به مصلحت ۽ مصالحت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته
    گنهگار مسلمان وٽ فقط هڪڙي شيءِ ته وڃي باقي بچي آهي، اها
    آهي، رسول لله ج صلى اله عليه وسلمي ذات تي فدا ٿيڻ وارو جذبو ، پر عالمي
    ڪفر چاهي ٿو ته عام مسلمانن منجهان انهيءَ جذبي کي، ڪنهن نه
    ڪنهن طريقي سان ختم ڪيو وڃي. انهيءَ مقصد لاءِ هو پاڪستان
    جي ماڊرن ۽ سيڪيولر طبقي كي استعمال ڪري رهيو آهي.سلمان
    تاثير صاحب، مغرب وارن کي خوش ڪرڻ لاءِ گستاخِ رسول سان
    جيل ۾ ملاقات ڪري کيس صدر کان سزا معاف ڪرائڻ جي
    درخواست ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي ۽ آئين جي انهيءَ شق كي
    تنقيد جو پڻ نشانو بنايو ۽ ان كي ڪارو قانون ڪوٺيو ، ان سلسلي ۾
    علماء جي مخالفت كي ٺڪرائيندي چيو ته اهي منهنجي جتي جي
    ٺوڪر تي آهن. اهڙي نموني سان هن پاڪستان ۾ گستاخانِ رسول
    جي سرپرستي وارو ڪردار ادا ڪرڻ جو تاثر ڏنو ، بلڪ ڪردار
    ادا ڪيو. اها صورتحال اهڙي هئي،جنهن رسالتماب سا صلى الله عليه وسلمن محبت
    جو جذبو ركندڙ هر فرد کي پريشان ڪري ڇڏيو ، ان جو لازمي
    نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو ، جيڪو نڪتو ، ان ۾ سمورو قصور
    سندس پنهنجو هو .
    انهيءَ مسئلي کي بنياد بنائي، اسان جي سنڌي پريس، قومي
    پريس کان بلڪل مختلف ڪردار ادا ڪيو. هن سلمان تاثير کي
    هيرو قرار ڏنو ۽ انهيءَ مسئلي جي حمايت ڪندڙن تي، مذهبي
    جنون جا طعنا ڏنا ۽ ان تي مسلسل مضمون ۽ ڪالم ڪارا ڪري،
    مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو.
    سنڌي پريس تي ڪافي وقت كان وٺي، ترقي پسند ۽ اسلام ۽
    اسلامي شريعت كي رد ڪندڙ ملحد ۽ سيڪيولر ”ڏاهن“ جو غلبو
    پئي رهيو آهي، ان ڪري، اها پريس اهڙي قسم جي هر اهم مسئلي
    تي اسلام، ۽ ملت اسلاميه جو ساٿ ڏيڻ بدران، ڪفر جي عالمي
    طاقت ۽ ماده پرست مغرب وارن جو ساٿ ڏيندي پئي رهي آهي، اهو
    نهايت نازڪ ۽ سنگين مسئلو آهي، جيڪو سنڌي مسلمانن كي
    درپيش آهي، ان مسئلي جو هڪڙو اهم پهلو اهو آهي ته 95 پرسنٽ
    کان وڌيڪ سنڌي مسلمان، لله جي رسول سان محبت رکي ٿو ۽
    رسول لله جي تقدس مٿان قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهي. عشق رسول جي
    جذبي سان سرشار ماڻهن جو، سنڌي پريس جي مٿان ڇا اهو احسان
    گهٽ آهي ته پيسا خرچ ڪري، اخبار خريد ڪئي وڃي ٿي، ڇا
    انهيءَ احسان جو بدلو سنڌي اخبارن جي ملحد ۽ ترقي پسند ڪالم
    نگارن کي اهو جڳائڻ زيب ڏيئي ٿو ته سندن عشق رسول جي جذبن
    كي مجروح ڪري ، مغرب وارن جي ملحدانه نقطه نگاه کي مٿن
    مسلط ڪيو وڃي. يقينن ان جو جواب نهڪار ۾ آهي.
    سنڌي اخبارن جي مطالعي مان ائين پئي محسوس ٿيندو رهيو
    آهي ته انهن اخبارن لله ۽ لله جي رسول كان ڪنڌ ڪڍائي، فرائيڊ،
    ۽ مارڪس جي پيروي اختيار ڪئي آهي. خبرن کان وٺي مضمونن
    ۽ ڪالمن تائين، اخبارن جي هر شئي ۾ اهو ئي رنگ غالب هوندو
    آهي. هنن اخبارن ۾ ڪنهن به معاملي ۾ مذهبي پهلوء كي پيش ڪرڻ
    ۽ اجاگر ڪرڻ جو نه فقط اهو ته انتظام موجود ناهي، بلڪ ان کان
    انڪاري روش غالب آهي ۽ هفتيوار مذهبي صفحو ، جيڪو قومي
    اخبارن جو معمول آهي، اسان جون هي اخبارون ان كان به وانجهيل
    آهن.
    الميو اهو آهي ته اسان جي هنن اخبارن ۾، خاص طور سوويت
    يونين جي ٽٽڻ كان پوءِ، ماده پرستي تي ٻڌل نظرياتي تحريڪ جي
    ڪارڪنن قبضو ڪري ورتو آهي، بظاهر ته اخبارون قاضي
    برادران،ضياء شاهد ۽ ٻين شخصيتن جون آهن، جيڪي اسلام جا
    بلڪل به مخالف ناهن، پر عملي طور انهن اخبارن جي پاليسي،
    اسلام ۽ ملت اسلاميه جي مخالف ۽ ڊارون، فرائيڊ ۽ مارڪس جي
    نظرين کي فروغ ڏيڻ واري هوندي آهي. اخبار جي مالڪ صاحبن
    جو نقطه نگاه ۽ مقصود ته فقط اخبار كي هلائڻ ۽ ان جي ذريعي وڌ
    ۾ وڌ ناڻو ميڙڻ هوندو آهي، پر اخبار جي پاليسي ۽ مواد جي تياري
    جو سمورو ڪم ملحدن ۽ ڪميونسٽن جي حوالي ڪرڻ واري روش
    جي ڪري، سنڌي معاشرو ، جيڪا سزا ڀوڳي رهيو آهي، سا اها
    آهي ته پنهنجي پاڪيزه تهذيب ۽ قدرن کان دوري وڌي رهي آهي.
    مادر پدر آزادي ۽ محبت ۽ عشق جي آڌار تي نوجوان ڇوڪرن ۽
    ڇوڪرين جي پاران گهرن مان ڀڄڻ جي ڪيسن ۾ واڌ اچي رهي
    آهي. غيرت ۽ حميت جو جنازو نڪري رهيو آهي. لادين فڪر ۽
    اسلامي شعائر تي كل ڀوڳ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ وارن لاڙن کي هٿي ملي
    رهي آهي. ڪميونسٽ ۽ ملحد ليکڪ لادينيت ۽ مذهب دشمني جو ،
    جيڪو زهر ڪروڙها رپيا خرچ ڪري، ڦهلائي نه پئي سگهيا، اهو
    زهر هو سنڌي پريس جي مسلمان مالڪن جي ساده لوحي ۽ بي
    خبري سبب، انهن جي ڪلهن تي سوار ٿي ڦهلائي رهيا آهن.
    سنڌي اخبارن جي ڀيٽ ۾ جيتوڻيڪ اردو اخبارن جي پاليسي
    به اسلام ۽ ملت اسلاميه سان پوري طرح هم آهنگ ناهي. تنهن جي
    باوجود قومي پريس ايتري ڇڙواڳ ۽ آزاد ناهي، جو اسلامي شعائر
    تي تنقيد ان جي پاليسي جو حصو هجي، بلڪ قومي پريس جي
    مضمون نگارن ۽ ڪالم نويسن جي اڪثريت اسلام، اسلامي تهذيب
    ۽ ملت اسلاميه جي حمايتي آهي ۽ اها ڪفر جي عالمي قوت ۽ مادي
    تهذيب جي علمبردارن جي پاران شروع ڪيل جنگ ۾، ڪافي حد
    تائين اسلام جو پاسو وٺي رهي آهي ۽ سندن قوت قابل ذڪر حد
    تائين ملت اسلاميه جي پلڙي ۾ خرچ ٿي رهي آهي.
    سنڌي پريس جي انهيءَ ڪردار کي ڏسندي ضرورت آهي ته
    مذهبي اسڪالرن، عالمن، دانشورن، بلڪ نمائنده ديني ۽ مذهبي
    قيادت تي مشتمل فردن جي هڪڙي ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا
    اسلام ۽ ملت اسلاميه جي اهڙي هر مسئلي تي سنڌي اخبارن جي
    مديرن سان ملاقات ڪري، كين اسلام ۽ ملت اسلاميه جي موقف
    کان واقف ڪري ۽ کين ٻڌائي ته مسلمان گهراڻي ۾ پيدا ٿيڻ ۽ مسلم
    معاشري ۾ رهڻ ۽ سنڌي مسلمانن جي پاران، اخبار خريد ڪرڻ جي
    ڪري، اهڙي هر مسئلي تي سندن مسلمانن جي شايان شان موقف
    ڇا هئڻ گهرجي. ان ڏس ۾ اسين سنڌ جي ديني، مذهبي ۽ روحاني
    قيادت، جنهن ۾ سينيٽر خالد محمود سومرو صاحب، اسد لله ڀٽو
    ايڊوڪيٽ صاحب،حضرت پيرمحمد ايوب جان سرهندي صاحب،
    حضرت پيرمحمد طاهرعرف سڄڻ سائين صاحب، پير ڪرم الاهي
    صاحب عرف دلبر سائين کي خاص طور سان اپيل ڪندا سون ته
    هو اڳتي وڌي، ان ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ۽ ان ڏس ۾ موثر فردن
    تي مشتمل هڪڙي ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ان ڏس ۾ مسلسل
    ڪم ڪندي رهي.
    جيئن ته اهڙا مسئلا مستقل طور پيدا ٿيندا رهن ٿا ۽ سنڌي
    اخبارن جا ترقي پسند ڪالم نگار ۽ مضمون نگار پنهنجي لادين
    ذهنيت سبب، مسلمانن جي جذبات كي ڪاپاري ڌڪ هڻندا رهن ٿا،
    ان ڪري انهن جي روڪ ٿام لاءِ م ؤثر ڪردار ادا ڪرڻ، وقت
    جي اهم ضرورت آهي. اسلامي نقطه نگاه سان اهو اهڙو اهم فريضو
    آهي، جنهن ۾ سستي ڪرڻ سان سنڌ جي سمورن مسلمانن جي، خدا
    وٽ ڏوهدار هئڻ جو خطرو آهي، ان لاءِ اهو پڻ ضروري آهي ته
    سنڌ جي عام راء کي بيدار ۽ منظم ڪيو وڃي. سنڌي مسلمان اڄ به
    اسلام لاءِ اڳتي وڌڻ ۽ ان لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن،
    دير فقط انهن کي سجاڳ ڪرڻ جي آهي.
    سنڌي اخبارن جا مالڪ،جيڪي قومي پريس جي مالڪن کان
    ڪنهن به صورت ۾ مسلمانيت ۾ گهٽ ناهن، لله وٽ پيش ٿيڻ ۽
    جواب دهي جو احساس، سندن دلين ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين
    موجود آهي، اسين انهن كي پڻ عرض ڪندا سين ته هو غور
    وفڪر کان ڪم وٺن ۽ اهو ڏسن ته هو جنهن مسلم معاشري ۾ رهن
    ٿا، انهيءَ معاشري جون ضرورتون ۽ قدرون ڇاهن ۽ اخبار جي
    پاليسي ذريعي انهن قدرن تي ڪاپاري ڌڪ ته نه لڳي رهيو آهي،
    اكيون بند ڪري، اخبار جي سموري پاليسي ملحد ليكڪن جي
    حوالي ڪرڻ، سندن اهو رويو احساس ذميواري جي بالڪل ابتڙ
    آهي. ناموس رسالت جي حوالي سان مضمونن جون سرخيون ڏسي،
    ڪيترن ئي پڙهندڙن اخبار پڙهڻ ڇڏي ڏني،ڇاڪاڻ ته خبرن پڙهڻ
    لاءِ اخبارخريد ڪرڻ جي مجبوري ڪري، رسالت ماب صلي لله
    عليه وسلم جي شان ۽ مان خلاف جملا پڙهي، نه فقط گناه گار ٿيڻو
    پوي پيو ، بلڪ ماڳهين ايمان کي خطرو لاڳو ٿي رهيو هو ، ايمان
    جي کسجي وڃڻ جهڙي نازڪ مسئلي تي سندن اخبار جي پاليسي
    كان، سندن بي خبر رهڻ، ڇا سندن ايمان ۽ اسلام اهو برداشت
    ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڪميونسٽ ۽ ترقي پسند ته مارڪس تي ايمان
    آڻڻ جي ڪري، خدا ۽ رسول تي ايمان كان هٿ كڻي چڪا آهن، پر
    ڇا هو پاڻ به دولت ميڙڻ جي جنون ۾، ايستائين پهچي چڪا آهن. ان
    معاملي ۾ کين پنهنجي دل کان فتويٰ پڇڻ گهرجي. ڪٿي ائين نه ٿئي
    ته سڀاڻي خدا وٽ، ناموس رسالت جي مخالفن جي سرپرستي جي
    ڏوهه ۾ هو ٽنگيا وڃن.
    اميد ته سنڌي اخبارن جا معزز مالڪ صاحبان، اسان جي
    انهيءَ درخواست تي غور ڪرڻ فرمائيندا ۽ پنهنجن اخبارن ذريعي
    چند سو ڪميونسٽن ۽ ملحدن كي، سنڌي مسلمانن تي مسلط ٿيڻ ۽
    سڀني کي اغويٰ ڪري، مارڪس جي در تي جهڪائڻ تي مجبور نه
    ڪندا.
    پڙهندڙن کي پڻ درخواست آهي ته اسان جي هن پيغام کي وڌ ۾
    وڌ فردن تائين پهچائڻ ۾ تعاون ڪرڻ فرمائين، مذهبي عالمن ۽ سنڌي
    اخبارن جي ذميوارن تائين، هن مضمون جي فوٽو اسٽيٽ پهچائڻ ۾
    پڻ سهڪار ڪن.
    اسلامي نقطه نظر سان نامون رسالت جي اهميت ۽ گستاخ
    رسول جي سزا بابت تفصيلي مضمون ”بيداري“ جي هن ئي شماري
    ۾ موجود آهي جنهن سان هن مسئلي جا سمورا پهلو اجاگر ٿين ٿا ۽
    اهو پڌرو ٿئي ٿو ته مسلمان جي حيثيت سان اهو اسان جي ايمان جو
    حصو آهي ته رسول لله جي صلى اله عليه وسلم تقدس كي قائم ركون ۽ انهي تقدس
    کي نقصان پهچائيندڙن جي سموري ڪاوش کي ناڪام بنايون.


    ورتل ؛ ماهوار بيداري حيدرآباد فيبروري 2011
    [/justify]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ناموس رسالت ۽ سنڌي اخبارون

    ادا افتخار الله اوهان کي سلامت رکي تمام بهترين موضوع ونڊيو آهي.
    اصل ۾ ناموس رسالت آهي ئي اهڙي غيرت جو مسئلو جنهن لاءِ هر مسلم قربان ٿيڻ گهرجي، ۽ ٿئي پيو.
    رب اوهان کي خوش رکي.
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ناموس رسالت ۽ سنڌي اخبارون

    هن ليک جي لکندڙ سنڌي اخبارن کي مذهبي نه هجڻ تي لکيو آهي يا وري سلمان تاثير کي قتل ڪرڻ وارين خبرن کي هڪ خاص زاويي سان لکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي۔۔۔۔
    صاف ڳالهه آهي ته اهو مسلمان ٿي ئي نه ٿو سگهي جيڪو حضور سان سڀ کان وڌيڪ محبت نه ڪري۔۔۔
    سلمان تاثير پاڻ کي مسلمان چوندو هو ۔۔۔۔۔ هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا سلمان تاثير توهين رسالت جو مجرم هو يا پاڪستان جي قانون جي هڪ شق جو (جيڪا عالمن جي صلاح سان بڻائي وئي هئي۔۔۔۔)؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو