خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي – 15 ڊاڪٽر گربخشاڻي: شاهه جو پهريون شارح شوڪت حسين شورو [JUSTIFY]شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري سنڌ ۾ هڪ معجزي وانگر آهي ۽ ان معجزي کي جڳ ۾ پڌرو ڪرڻ وارو ڊاڪٽر گربخشاڻي آهي. هو شاهه جي رسالي جو پهريون شارح آهي. شارح ۽ محقق هجڻ سان گڏ هو ادبي تنقيد، علم لسان، تواريخ ۽ سماجيات جو ماهر، فارسي، سنسڪرت ۽ انگريزي ادب ۽ تصوف جو وڏو ڄاڻو به هو. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي 8 مارچ 1883ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. هوتچند جو ڏاڏو ديوان نئنسکداس زميندار هو ۽ سندس زمينون حيدرآباد ۾ ٽنڊي ٺوڙهي جي مرڙاڻين جي ڳوٺ ۾ هيون. سندن گهر پهرين واڌواڻي گهٽيءَ ۾ هو، پوءِ هو ٽنڊي ولي محمد ۾ مارڪيٽ وٽ خواجه جماعت خاني جي ويجهو جاءِ ٺهرائي رهڻ لڳو. پاڻ صوفي خيالن جو هو ۽ شاهه عنايت جهوڪ واري جو مريد هو. سندس پٽ مولچند پڻ درويش صفت انسان هو ۽ پيءُ وانگر صوفي مت جو هو. مولچند ٽنڊي محمد خان ۾ روينيو آفيسر هو. هوتچند صوفياڻي ماحول ۾ اک کولي. سندس ابتدائي تعليم پنجين درجي تائين مشن اسڪول حيدرآباد ۾ ٿي. سنڌيءَ جو برک اديب پرمانند ميوارام ۽ کيمچند امبرتراءِ (انگريزي ۾ نڪرندڙ هفتيوار ”سنڌ جرنل“ جو ايڊيٽر) سندس استاد هئا. انهن ٻنهي ڄڻن عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو. هوتچند جو گهڻو وقت هنن جي صحبت ۾ گذرندو هو، ان ڪري اهي افواهه به هليا ته هوتچند ڪرسچن ٿيڻ وارو آهي. هوتچند کي پنهنجي مادري زبان ۽ ادب سان محبت پرمانند ميوارام وٽان حاصل ٿي. هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۾ داخلا ورتي، جتي 1900ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺو. انگريزي سان گڏ فارسي زبان ۽ ادب سندس مک مضمون هو. هوتچند فارسي ۾ تصوف جو ۽ ايران جي صوفي شاعرن سنائي، عطار، مولانا رومي، حافظ، سعدي ۽ جاميءَ جي شاعري جو گهرو مطالعو ڪندو رهيو. ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان انٽر ڪرڻ بعد هو ولسن ڪاليج بمبئي ۾ داخل ٿيو، جتان 1905ع ۾ بي اي پاس ڪيائين. ساڳئي ڪاليج مان ٻن سالن بعد ايم اي ڪيائين. ڪجهه مهينا ولسن ڪاليج ۾ پڙهڻ کانپوءِ ڊي جي (ڏيارام ڄيٺمل) ڪاليج، ڪراچي ۾ فارسيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو، هو هڪ ماهر ۽ رعبدار پروفيسر ليکيو ويندو هو. مولانا رومي جي مثنوي پڙهائيندي پاڻ وجد ۾ اچي ويندو هو. ان ئي ڪاليج ۾ 1927ع ۾ وائيس پرنسپل، 1940ع ۾ ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ۽ آگسٽ 1943ع کان ڪاليج جو پرنسپل ٿي رهيو. ان وچ ۾ هو تعليمي موڪل تي لنڊن ويو، اتي هن 1928ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس مقالي جو عنوان: “Mysticism in the Early Nineteenth Century Poetry of England” هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي يار ويس هو. دل جو صاف ۽ دوستيءَ جو پڪو، هندو مسلم ايڪتا جو حامي هو. سندس اسلام دوستي مشهور هئي. ايتريقدر جو کيس هوتچند بدران هوت خان به سڏيو ويندو هو. هن جي دوستن جو حلقو نهايت وسيع هو. خان بهادر محمد ايوب کهڙو ۽ سيد ميران محمد شاهه سندس شاگرد هئا ۽ پوءِ دوست بڻجي ويا. جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پرنسپل ڀارواڻي، گوبند رام ڪرپالاڻي ۽ ٻيا هن جي دوستن مان هئا، جيڪي سندس گهڻي عزت ڪندا هئا. جيتوڻيڪ سر غلام حسين هدايت الله کائنس عمر ۾ وڏو هو، پر تڏهن به کيس ڊاڪٽر صاحب لاءِ نهايت ئي گهڻي عزت هئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو دلي لڳاءُ پنهنجي مادري زبان جي خدمت ڪرڻ سان هو. هن جي دلچسپي جو مرڪز تصوف ۽ سنڌي صوفياڻو ڪلام هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري سان لنئون لڳل هئس. ان ئي عشق کيس شاهه جي رسالي کي جديد نموني سهيڙڻ ۽ شرح لکڻ تي آماده ڪيو. هن ئي پهريون دفعو ادبي تنقيد جي مغربي اصولن ۽ خالص ادبي ماڻن سان شاهه جي رسالي تي ڪم ڪيو. پير حسام الدين راشدي جي چوڻ موجب ”ڊاڪٽر گربخشاڻي، خدا بخشيس، پهريون سنڌي آهي، جنهن انگريزي وضع قطع تي اسان کي ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ جو نمونو ڏيکاريو ۽ راز سمجهايو.“ ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جي رسالي کي ايڊٽ ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ڇپيل توڙي قلمي نسخن سان گڏ شاهه جي گنج کي به آڏو رکيو. هن شاهه جي رسالي جو پهريون ڀاڱو 1923ع ۾ ڇپائي ظاهر ڪيو. ٻيا ٻه ڀاڱا 1924ع ۾ ۽ 1931ع ۾ شايع ڪيائين. ٽنهي جلدن ۾ 2039 بيت ۽ 147 وايون آهن، ۽ ڪل 18 سر تصحيح ٿيل آهن، جن جي شرح ۽ معنا ڏني ويئي آهي. رسالي جو چوٿون جلد ڇپجي نه سگهيو ۽ ان جو مسودو غائب ٿي ويو. ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جي رسالي جو جيڪو مقدمو لکيو آهي، سو شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. اهو مهاڳ بعد ۾ ”مقدمه لطيفي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪيو آهي، جيڪو سنڌالاجي طرفان ڇپيو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون ڀيرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح عمري ۾ تواريخي ثبوتن ۽ ڏند ڪٿائن کي ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن شاهه جي شاعريءَ جي هر پهلو جو جديد ادبي تنقيد جي ڪسوٽي تي جائزو ورتو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي ۾ لفظن جي بڻ بنياد ۾ وڃي، سندن اُچار ۽ معنيٰ قائم ڪرڻ ڪاڻ فارسي، عربي ۽ سنسڪرت کانسواءِ ترڪي، بلوچي، پنجابي، سرائيڪي، هندي، گجراتي ۽ مرهٽي وغيره جي لغتن جو به سهارو ورتو. هن شاهه جي رسالي مان ڌارئي ڪلام کي الڳ ڪرڻ جو ڪم پڻ ڪيو، جنهن تي ڄيٺمل پرسرام پنهنجي هفتيوار اخبار ”ڀارتواسي“ ۾ هن خلاف سخت ليک لکيا. جڏهن ته وقت ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻي صحيح هو. هن لکيو آهي ته”هي ڪم نهايت ڪٺن آهي، ڪماليت ڪنهن کي حاصل نه آهي، عيبن ۽ اوڻائين ٿيڻ جو امڪان آهي. فقط سنڌي ساهت جي خدمت جي شوق وچان هي ڀاري ڪم پاڻ تي هموار ڪيو اٿم... جڏهن اهڙو ڪو عالم ساماڻبو جو رسالي جو هن کان به بهتر نسخو تيار ڪري ڇپائيندو، تڏهن ئي چئبو ته هي پورهيو سجايو ٿيو.“ رسالي مرتب ڪرڻ جي ڪم ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي کي پنهنجن ٻن شاگردن ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ غلام دستگير پانڌياڻي جو ساٿ حاصل رهيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي بابت پير علي محمد راشدي لکيو آهي ته”سنڌي ٻولي ۽ لٽريچر تي سندس هڪ اهڙو وڏو احسان آهي، جنهن جو بار سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن لاهي نه سگهندا... هونءَ ته ڀٽائي گهوٽ جي شهرت عام هئي، پر پڙهيل لکيل طبقي ۾ سندس ڪلام جي مقبوليت اهڙي نه هئي، جهڙي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪتابن جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ٿي. شاهه جو ڪلام ڳايو ضرور ويندو هو، پر ڪلام جي ڳوڙهائي ۽ شرح جي پروڙ ڪن ٿورن ماڻهن کي هئي. اڪثر مجلسن ۾ حافظ، جامي ۽ سعدي جي ڪلام جو تذڪرو هوندو هو. فارسي اڃان تائين علمي زبان سمجهي ويندي هئي، چٺي چپائي به فارسي ۾ لکي ويندي هئي. شاهه صاحب جي ڪلام جي مقبوليت ۽ سندس اعليٰ شخصيت جي ناقدري جو حال اهو هو جو ڊاڪٽر گربخشاڻي جو رسالو شايع ٿيو ته ان کي خريد ڪرڻ وارو ڪو نه ٿي مليو. ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي تياري ۽ ڇپائي تي گهڻو خرچ ڪري چڪو هو. نفعو ته ٺهيو، پر اهو خرچ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو هئس... پر وقت گذرندي، هوريان هوريان، ان ڪتاب جي برڪت سان شاهه صاحب جي ڪلام ۽ شخصيت ۾ سنڌين جي دلچسپي وڌندي ويئي. 1930ع کان پوءِ ته ايئن محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ سنڌين کي لڪل خزانو نئين سر هٿ آيو آهي، گهڻي تحقيق ان کانپوءِ ٿيندي رهي.“ ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جي رسالي ۾ قصن وارن سُرن جو تمثيلي پاسو چٽائي سان ظاهر ڪيو آهي. شاهه سائين جي ڪلام ۾ لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن کي تواريخي پسِ منظر ۽ سمجهاڻين سان گڏ ”روح رهاڻ“ نالي جدا ڪتابي صورت ۾ سن 1933ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ٻين تصنيفن ۾ ”نورجهان“ (ناول) ۽ ”لواريءَ جا لال“ شامل آهن. لواري شريف جي صوفي درويشن جي حياتي ۽ فڪر تي ”لواريءَ جا لال“ ڪتاب ۾ تصوف تي عالماڻي مهاڳ کانسواءِ خواجه محمد زمان رحه جي سوانح عمري ۽ سندس 15 بيت ڏنا ويا آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻي 11 فيبروري 1947ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچي ۾ گذاري ويو. سندس 39 ورسيءَ جي موقعي تي مدد علي سنڌي پاران حيدرآباد ۾ هڪ ادبي تقريب ڪوٺائي ويئي هئي، جنهن جي صدارت محمد ابراهيم جويي ڪئي ۽ خاص مهمان سيد ڏنل شاهه درٻيلي وارو، اڳوڻو سيشن جج هو، جيڪو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو شاگرد هو. ان کانپوءِ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ياد ۾ ڪڏهن به ڪا تقريب نه ڪوٺائي ويئي آهي.[/JUSTIFY] shoro.shoukat@gmail.com روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: ڊاڪٽر گربخشاڻي: شاهه جو پهريون شارح ويا مور مري هنجه نه رهيو هيڪڙو وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئرن جو۔ اهي ڏينهن اهي شينهن ۔۔۔ سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌاري جا ڪم ٿيندا هئا ۔۔۔ سهڻا ۽ جاکوڙي اديب ۽ سچا انسان هوندا هئا ۔۔۔قوم ۽ ٻوليءَ سان محبت ۽ چاهه جون تاريخون مرتب ٿينديون هيون ۔۔۔ پر اڄ جي سنڌ ۽ ان ۾ موجود سنڌي سڄڻ ۔۔۔۔ هڪ سوال آهي ۔۔۔؟ رب العالمين سنڌ ۽ سنڌيت کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ سنڌ کي ڏاهن ۽ سچن انسانن سان سنواريندو رهي ۔۔۔ آمين ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا ٿورا هميشه ڳائيندا رهنداسون، جو هن شاهه کي اسانجي آڏو ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ جتن ڪيا ۽ اڄ اسين انجي ٻاريل ڏيئي جي لاٽ ۾ لطيف جي فڪر ۽ ڪلام سان پاڻ سنواريون ٿا ۔۔۔ سهڻا ماڻهون سهڻا عمل ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت