سنڌي شاگرد تنظيمن ۾ هي جهيڙا آخر ڪيستائين؟ نازيه قريشي [justify]هي انهن خوابن جي ڳالهه آهي جيڪي شاهه لطيف، شهيد شاهه عنايت، شهيد مخدوم بلاول سميت اڻ ڳڻيل انهن گمنام شهيدن جا خواب هئا، جن سنڌ ۽ سڄي دنيا لاءِ پر امن، خوشحال، مهذب ۽ غريب مسڪين ۽ مظلوم کي آجپي ڏيارڻ جون تعبيرون سمايل هيون، انهي جا خواب سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي آجپي لاءِ هئا، انهن خوابن جون تعبيرون نئون نسل پنهنجين جهولين ۾ کڻي اچي ها پر ڇا ڪجي جو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اهو خواب سنڌ يونيورسٽي ۾ قيد ٿي ويا آهن، انهن خوابن جي چوڌاري خوف، دهشت، دٻاءُ ۽ بي پناهه بائيڪاٽن جا پهرا ويهاريا ويا آهن. چوويهه ڪلاڪ سنڌ ۽ سنڌين تان سِر گهورڻ جون دعوائون ڪندڙ ڪجهه تنظيمون انهن بائيڪاٽن جون ڀرجهلو بڻيون بيٺيون آهن، جيڪڏهن منهنجي اها ڳالهه غلط آهي ته پوءِ اهي سڀئي تنظيمون، آئون ڪنهن جو نالو نه ٿي کڻان، جن جون شاگرد ونگز سنڌ يونيورسٽي ۾ موجود آهن، اهي بائيڪاٽن جي موسم ختم ڇو ناهن ڪرائي سگهيون، سنڌ يونيورسٽي ته هر طرف کان مصيبت ۾ آهي، جيڪڏهن شاگرد تنظيمون ڪجهه ٿڌيون ٿيون ٿين ته استادن جون تنظيمون بائيڪاٽ ٿيون ڪرائين ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا وري پوئتي ڇو رهي، ان به ڄڻ اهو طئه ڪري ڇڏيو آهي ته شاگردن ۽ استادن جا بنيادي مسئلا نه حل ڪرڻا آهن نه جائز مطالبا بنا احتجاجن جي قبول ڪرڻا آهن، وچ ۾ ڀوڳي ٿو سنڌ جو نئون نسل جيڪو شاهه لطيف، شهيد شاهه عنايت ۽ شهيد مخدوم بلاول جا خواب هئا. هي درد بيان اڄ رڳو مان ڪري رهي آهيان جو اهو درد سنڌ يونيورسٽي جي سڀني شاگردياڻين ۽ شاگردن جو آهي، هر نئون سال نيون اميدون ۽ آسرا کڻي ايندو آهي، نئين سال جون مبارڪون ورهايون وينديون آهن پر هي نئون سال 2011ع سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ پاڻ سان بائيڪاٽ کنيو آيو آهي، ٿيڻ ته ايئن گهريو هو ته نئين سال ۾ بهتر تعليم لاءِ شاگرد تنظيمون استاد ۽ انتظاميا ۽ خود شاگرد ۽ شاگردياڻيون نئون وچن ڪن ها ته هي سال سنڌ يونيورستي جي لاءِ بهتر سال ثابت ٿيندو پر ٿيو ان جي ابتڙ. جنوري جي هڪ مهيني ۾ ئي 5 کان 6 دفعا ڪلاسن جو بائيڪاٽ ٿي چڪو آهي ۽ اهو سلسلو فيبروري ۾ به جاري آهي، گذريل سال 2010ع جي آخري ٻن مهينن نومبر ۽ ڊسمبر جو جائزو وٺبو ته جيڪي پيپر نومبر کان شروع ٿي ڊسمبر جي شروع ۾ ختم ٿيڻا هئا اهي ڊسمبر جي آخر تائين هليا، گهڻائي پيپر ڪينسل ٿي وري ٻي تاريخ تي ٿيا، جنهن ۾ 12 نومبر تي ٿيڻ وارو پيپر ڪينسل ٿي 3 ڊسمبر تي رکيو ويو، جيڪو بائيڪاٽ جي ڪري وري 8 ڊسمبر تي ورتو ويو، ايئن ئي ٿرڊ ايئر وارن جا زباني امتحان به جنهن تاريخ تي ٿيڻا هئا اهي ڪينسل ٿي وري محرم کان پوءِ ٿيا، انهن بائيڪاٽن سبب سموري يونيورسٽي جو تعليمي ماحول ڊانوانڊول ٿي ويو، هاسٽل ۾ رهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڌيڪ عذاب جو شڪار آهن. شاگرد تنظيمون چون ٿيون ته اهي بائيڪاٽ ڪرڻ جي حمايت ۾ نه آهن، مسئلا ڳالهين وسيلي حل نه ٿا ٿين ته پوءِ بائيڪاٽ کان سواءِ ٻي ڪا واهه ناهي. هنن جو چوڻ هو ته امتحانن هلندي پرچن جي بائيڪاٽ جو مقصد يونيورسٽيءَ ۾ فيسز جو وڌڻ هو، جيڪو غريب خاص ڪري ٻوڏ متاثر شاگردن جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ جو سبب بڻجي ويو آهي، سڀ کان اهم مسئلو ميرٽ تي سيٽن جي ورهاست نه ٿيڻ جو هو. هي جواز هئا نومبر ۽ ڊسمبر جي بائيڪاٽن جا. نئين سال جي شروع ۾ جيڪو بائيڪاٽن جو سلسلو شروع ٿيو آهي، ان جو ڪو خاص سبب نه هو، معمولي معمولي ڳالهين تي ڪلاس بند ڪرائي ڇڏڻ، يونيورسٽي جي مختلف ڊپارٽمينٽس جي ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي زبردستي ڪلاسن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ، وطن دوستي ۽ سنڌ دوستي جو واحد مثال آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي ڏسڻ لاءِ ملي ٿو، نه ته ورهين کان بيروت، فلسطين جي ٻين علائقن ۾ بنا ڪنهن ساهيءَ جي جنگ جي صورت حال رهي آهي اتي جي يونيورسٽين ۾ جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي جهڙي صورت حال هجي ته فلسطين تباهه ٿي وڃي ها پر جنگ دوران به تعليم جي جاري رهڻ فلسطين کي تباهيءَ کان بچائي ورتو. ايران-عراق جنگ اٽڪل هڪ ڏهاڪي تائين جاري رهي، ٻنهي ملڪن جا لکين ماڻهو مري ويا پر سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪم ڪندڙ تنظيمون اهو ٻڌائي سگهنديون ته تهران ۽ بغداد جون يونيورسٽيون گهڻا ڏينهن بند رهيون؟ جيڪڏهن ايران ۽ عراق جون يونيورسٽيون اٺ ڏهن سالن ۾ بند هجن ها ته ٻنهي ملڪن ۾ جاهلن، اڻ پڙهيل نوجوانن جي فوج هجي ها، جنگ دوران به تعليم جو جاري رهڻ قومن کي تباهيءَ کان بچائي وٺندو آهي، ٻين مثالن کي ڇڏيو ڪراچي يونيورسٽيءَ جو مثال ٿا وٺون، ڪراچي ۾ روز قتل عام جاري آهي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سڀئي ٻوليون ڳالهائيندڙ شاگرد ۽ سياسي پارٽين جون شاگرد تنظيمون موجود آهن. ڪراچي يونيورسٽي ۾ گهڻا دفعا ڪلاسن جو بائيڪاٽ ٿئي ٿو؟ ڇا ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان مسئلا نه آهن؟ پر ڇا ان جو حل پنهنجي تعليم برباد ڪرڻ ۾ آهي؟ جيئن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿئي ٿو. آئون ايئن نه ٿي چوان ته ڪا سياست خراب آهي، ان جو نه هجڻ گهرجي، اسان سمجهون ٿا ته مثبت ۽ تعميري عوام ۽ وطن دوست سياست ۾ ئي سنڌ جي مسئلن جو حل آهي، اهڙي سياست جي مخالفت آمريت پسند ذهن ۽ سوچ ئي ڪري سگهي ٿي پر منفي سياست ۽ سنڌ جي نالي تي سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪرڻ نه وطن دوستي آهي ۽ نه سنڌ دوستي آهي، سنڌ جيڪا هينئر هر طرف کان دشمنين ۽ تمام خطرناڪ مسئلن جي گهيري ۾ آهي، ان مان بهتر ۽ مستقل تعليم ئي نجات ڏياري سگهي ٿي. شاگرد تنظيمون هجن يا استادن جون تنظيمون، توڙي انتظاميا جي هوڏ، سنڌ يونيورسٽي جي نالي ۾ زهر جون پڙيون نه هلڻ گهرجن، تعليم دشمني سنڌ جي توهين آهي، جيڪا ڊگهي عرصي کان جاري آهي. والدين پنهنجي نياڻين کي سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلين ٿا، انهن وٽ ۽ تعليم پرائڻ لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ ايندڙ نياڻين جي ذهنن ۾ بهتر مستقبل جا خواب آهن، جن کي هر روز ٽوڙيو وڃي ٿو ۽ اهو ئي خواب سنڌ لاءِ شهيد ٿيندڙ شهيد مخدوم بلاول، شهيد شاهه عنايت ۽ لا تعداد شهيدن جا آهن، اهي خواب لطيف سائين جا آهن، شهيدن جي خوابن سان غداري ڪرڻ، سنڌ ۽ وطن دوستي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟؟؟[/justify] عوامي آواز تان ورتل
جواب: سنڌي شاگرد تنظيمن ۾ هي جهيڙا آخر ڪيستائين؟ سائين جيستائين تعليمي ادارن ۾ سياسي تنظيمن جو عمل دخل رهندو تيستائين اها صورتحال جاري رهندي۔۔۔ جڏهن به ڪو قتل ٿيو آهي يا بائيڪاٽ ٿيو آهي، اهو سياسي تنظيمن ئي ڪرايو آهي، پوءِ ڀلي شاگرد ونگ هجي يا ملازم ونگ۔۔۔ الله اسان جي هن مادرِ علمي تباهه ٿيڻکان محفوظ رکي۔۔