ڀارت، ۾، سنڌي، ٻوليءَ جي صورتحال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي

    [JUSTIFY]ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ حالتون اهڙيون سازگار نه آهن. جو اُها پاڻ مرادو، سڀاويڪ طرح، ترقيءَ جي راهه تي اڳتي وڌي سگهي. اَچو ته اَول ٿوري ۾ اِنهن تي ويچار ڪريون:-
    1. علائقائي حالتون: ڀارت ۾ سنڌي لوڪ جدا جدا ڀاشائي صوبن ۽ ايراضين ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. سال 1991 جي آدم شماريءَ ۽ ٻولين جي انگن اکرن موجب، ڀارت ۾ 848، 22، 21 (ايڪويهه لک، ٻاويهه هزار، اَٺ سؤ اٽيتاليهه) شخصن پنهنجي مادري زبان سنڌي لکائي آهي. ان مطابق ڀارت ۾ سنڌي، ڪل آدم شماريءَ جو 25.0 سيڪڙو مس آهن. اِنهيءَ ڳڻپ ۾ ڪڇي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي سرحد سان لڳندڙ گجرات- راجسٿان جي ايراضين ۾، ڍاٽڪيءَ وغيرهه اُپ – ڀاشائن جي ڳالهائيندڙن کي به شامل ڪيو ويو آهي. اهي حقيقت ۾ سماجي ۽ ثقافتي لحاظ کان، ورهاڱي بعد، سنڌ مان لڏي آيل سنڌين کان الڳ آهن ۽ مڪاني رهاڪن جي نزديڪ آهن. سنڌي ڳالهائيندڙن مان اٽڪل ويههه لک ماڻهو گجرات، مهاراشٽر، راجسٿان، مڌيه پرديش، اُتر پرديش ۽ دهليءَ م رهندڙ آهن. ورهاڱي کان پوءِ انهن ڇهن ايراضين ۾، سرڪاري توڙي خانگي سطح تي، اُنهن ننڍن – وڏن شهرن ۾ ابتدائي ۽ ثانوي سنڌي تعليم جو انتظام ڪيو ويو، جتي سنڌي گهڻي تعداد ۾ اچي رهيا.
    2. تعليمي حالتون: ويهين عيسوي صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾، ڀارت ۾ سنڌي تعليم جي هڪ جائزي (ليکواڻي، ڪنهيالال – ڀارت ۾ سنڌي تعليم، سنڌي اڪادمي، دهلي، 1997) جي انگن – اَکرن مان صاف ظاهر آهي ته سال 1948 – 1949 ۾ جنهن جوش ۽ اُتساهه سان ڀارت ۾ سنڌيءَ جي دستوري تعليم ڏيڻ جي شروعات ڪئي ويئي، اُها ويهارو کن سالن بعد، ڏينهون - ڏينهن پٺتي پوندي ويئي. سال 2005ع تائين، سنڌي ميڊيم سان تعليم ڏيندڙ ابتدائي ۽ ثانوي اسڪول گهڻو ڪري بند ٿي ويا آهن. انهن جي جاءِ هندي يا انگريزي ميڊيم وارن اسڪولن ورتي آهي. اَهڙا ڪجهه اسڪول، جن جو انتظام ڪن سنڌي سنساٿن جي هٿ ۾ آهي. اُتي هاڻي سنڌي ٻولي فقط هڪ وشيه (subject) طور پاڙهي وڃي ٿي. سڄي ڀارت ۾ اسڪول ۾ تعليم وٺندڙ سنڌي ٻارن جي ڪُل تعداد مان پنج سيڪڙو کان به گهٽ ٻار، سنڌي ٻولي دستوري طور پڙهن ٿا. ان مان صاف ظاهر آهي ته دستوري تعليم جي سرشتي ۾، ڀارت ۾، سنڌي پوين پساهن تي آهي.
    3. سماجي سرشستي جي لحاظ: کان ڏسبو ته ڀارت جي وڏن ننڍن شهرن ۾ توڙي ڳوٺن ۾ گهڻا سنڌي اَهڙين ايراضين ۾ رهن ٿا، جتي غير – سنڌي ماحول آهي. اهڙن هنڌن تي جيڪڏهن سنڌي – گهرن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جو واهپو ناهي، ته اُنهن ڪٽنبن جي ٻار توڙي ٽيهن – پنجٽيهن سالن جي عمر جا نوجوان پڻ، پنهنجي مادري زبان صحيح نموني نٿا ڳالهائي سگهن. آخري حد تي سنڌي ٻارن توڙي نوجوانن جو اَهڙو طبقو به آهي، جيڪو سنڌي سمجهي به نٿو سگهي.
    4. روزگار ۽ ڌنڌو – واپار ؛ جي خيال کان سنڌي ٻوليءَ جي اهميت تمام محدود آهي، ان ڪري اوچي توڙي وچولي طبقي جا سنڌي، پنهنجن ٻارن کي انگريزي ميڊيم وارن پبلڪ اسڪولن ۾ موڪلڻ وڌيڪ پسند ڪن ٿا، چاهي ڪيترو به خرچ ڇو نه ڪرڻو پوين.
    5. ڀارت سرڪار جي تعليمي پاليسيءَ موجب هر هڪ اسڪول ۾ هنديءَ جي تعليم لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اها ٻولي ملڪ جي راڄ – ڀاشا (Official Language) آهي. ان ڪري ڀارت ۾ ڄاول هر سنڌيءَ کي هر هنديءَ جو گيان اَوس آهي، پوءِ چاهي هَو ڪهڙي به صوبي ۾ رهندو هجي ۽ ڪهڙي به اسڪول ۾ (انگريزي/هندي يا علائقائي ٻوليءَ واري اسڪول ۾) پڙهندو هجي. ان ڪري هر هڪ سنڌيءَ کي ديوناگري لپيءَ جي ڄاڻ آهي، جنهن ۾ هندي ٻولي لکي ويندي آهي. ٻئي طرف ڏسجي ته ڀارت ۾ انهن سنڌين جو تعداد اڄ ڪلهه پنج سيڪڙو به مشڪل ٿيندو، جن پنهنجي مادري زبان جي دستوري تعليم عربي – سنڌي لکاوٽ ۾ حاصل ڪئي آهي. اِن جو مطلب اهو ٿيو ته پيدا ٿيل ٻن پيڙهين ۾ اُهي سنڌي پنجانوي سيڪڙو (95%) کان به وڌيڪ ٿيندا، جن کي عربي – سنڌي لکاوٽ جي ڄاڻ نه آهي. اِن ڪري هُو سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ادب ۽ ثقافتي وراثت کان ڪٽجي ويا آهن. اهڙن سنڌين کي جيڪڏهن سنڌي ساهت، سنڌي سڀيَتا ۽ سنسڪرتيءَ کان واقف ڪرڻ لاءِ اسين چونڊ سنڌي ڪتاب ديوناگري لکاوَٽ ۾ ڇپائي کين ميسَر ڪريون ته اُهي سنڌيت کان واقف ٿي سگهندا. ان بعد جيڪڏهن منجهن سنڌ نجي اِتهاس ۽ سنڌي ساهت جي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ چاهه پيدا ٿئي، ته پوءِ هو پاڻ مرادو عربي – سنڌي لکاوٽ جو اَڀياس ڪري اُن ۾ شايع ٿيل ادب پڙهي سگهندا. اسين جڏهن غير - سنڌين کي سنڌي اَدب کان واقف ڪرڻ لاءِ چونڊ سنڌي رچنائون انگريزي، هندن، مَراٺي، گجراتي، اردو وغيرهه ٻولين ۾ ترجمو ڪري شايع ڪريون ٿا، ته پوءِ پنهنجن ئي سنڌي نوجوانن کي اِن کان محروم ڇو رکون؟
    هِتي اهي حقيقت به اوهان جي ڌيان تي آڻڻ چاهيندس ته نوجوان پيڙهيءَ جي سنڌين کي عربي – سنڌي لکاوٽ سيکارڻ لاءِ ڀارت ۾ گهڻن ئي هنڌن تي ڪوششون جاري آهن، پر اهي دائمي طور اثرائتيون ۽ ڪامياب ثابت نه ٿيون آهن. شاگردن کي انعامن وغيرهه جون لالچون ڏيئي سنڌي ٻولي سيکارجي ٿي. هُو اسي – نوي سيڪڙو مارڪون حاصل ڪري امتحان ۾ پاس ٿين ٿا. پر پوءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکاوٽ جو نيمائتو اڀياس نه ڪرڻ سببان، ٻن - ٽن مهنن ۾ ئي سڀ وساري ٿا ڇڏين.
    6. ڀارت ۾ سنڌين جي زوردار گُهر ۽ سانتيڪي نموني هلايل هلچل کان متاثر ٿي، ڀارت سرڪار 10 اپريل 1967ع تي، چيٽي چنڊ جي ڏڻ تي، سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين (Constitution) ۾ ٻين مکيه ادبي ٻولين جي فهرست ۾ شامل ڪيو. جيئن ته ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو ڪوبه خاص علائقو نه آهي، ان ڪري مرڪزي سرڪار سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت ۽ واڌاري جي ذميواري پاڻ تي کنئي. 1975ع کان وٺي، سنڌي صلاحڪار ڪاميٽي مقرر ڪري، ان جي صلاح سان سنڌي ساهت جي واڌاري لاءِ ڪجهه رٿائون عمل ۾ آنديون ويون. پوءِ سال 1995ع کان وٺي، سنسڪرت ۽ اُردوءَ جي طرز تي ”نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج“ (NCPSL) نالي هڪ خودمختيار ادارو به برپا ڪيو ويو. انهيءَ دور ۾ ئي مٿي ڄاڻايل پنجن صوبن ۽ دهليءَ ۾ سرڪاري مدد سان سنڌي اڪادميون به برپا ٿيون. ان طرح جي سرڪاري مدد ملڻ جي باوجود، سنڌي ٻوليءَ ۽ تعليم، ادب ۽ ثقافت جي ترقي لاءِ جوڳي رٿابندي تيار ٿي نه سگهي آهي.
    هتي اها حقيقت به ڌيان ڏيڻ جوڳي آهي ته جيستائين ڪنهن به جاتيءَ ۾ پنهنجيءَ ثقافتي وراثت، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب سان پيار پيدا نه ٿيو آهي، تيستائين ان جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ سرڪاري مدد گهڻي ڪارگر ثابت نه ٿي سگهندي.
    (ب) ٻين ٻولين جا سنڌيءَ ۾ داخل ٿيل لفظ:
    (1) انگريزيءَ جا گهڻا لفظ اَهڙا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۽ ٻين علائقائي ٻولين ۾ جذب ٿي ويا آهن. جيئن ته – اسٽيشن، پلئٽفارم، اسپتال، ڊاڪٽر، نرس، ماستر، اسڪول، ڪاليج، گلاس، ڪلاس، ڪرڪيٽ، بئٽ – بال، رنس/رنسون، ريڊيو، ٽيليوزن وغيرهه. تازو جديد ٽيڪنالاجيءَ جا گهڻيئي انگريزي لفظ جيئن جو تيئن، سنڌيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتب پيا اچن. جيئن ته ويب – سائيٽ، سائبر ڪئفي، ڪامپيوٽر، فلاپي، اي-ميل، فئڪس، موبائيل فون.
    (2) هندي لفظ: ملڪي انتطام سان واسطو رکندڙ لفظ لازمي طور سنڌيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ استعمال ڪيا پيا وڃن. جيئن ته: راشٽر پتي، اُپ – راشٽر پتي، پرڌان منتري (وزيراعظم) مُکيه منتري (چيف منسٽر)، سَنسَند ڀَون (پارليامينٽ هائوس)، سَچو (Sachiv سيڪريٽريٽ)، سَچِواليَه (سيڪريٽريٽ). اَهڙن لفظن کان سواءِ ٻيا به گهڻيئي هندي لفظ، سنڌيءَ ۾ عام – جام واهپي ۾ پيا اچن. جيئن ته: آڪاشواڻي (ريڊيو)، دوُردرشن (ٽيليويزن)، درشَڪ (Viewer)، آتنڪ (دهشت). پُرشارٿ (اُدم)، واتاورَڻ (environment)، اُدگهاٽن (inauguration)، سواگت (آجيان) وغيرهه. سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۾ ٽڪنيڪي لفظ يا اِصطلاح، جيڪي اڳي عربي – فارسيءَ وارا ڪتب ايندا هئا، اُنهن جي بدارن هاڻي هندي اصطلاحن جو واهپو وڌندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته شاگردن کي عربي – فارسي لفظ اوکا محسوس ٿين ٿا، جو هنن اُهي ڪڏهن ٻُڌا – پڙهيا نه آهن ۽ هندي ٽڪنيڪي اصطلاحن کان هو اڳيئي واقف آهن. مثال طور گرامر جا ڪجهه لفظ ڏسو: وَرتمان ڪال (زمان حال)، ڀُوت ڪال (زمان ماضي)، ڀوشيه ڪال (زمان مستقبل)، سنگيا (اسم)، سَروَنام (ضمير)، وِشيشڻ (صفت)، ڪِريا (فعل)، پُلِنگ (مذڪر) ايستري (لِنگهه (مونِث) وغيره.
    (3) سنڌيءَ م گجراتي لفظ: راجي نامو (استعفا)، کيڙوت (ڪسان)، گامڙو (ڳوٺ)، چؤڪس (خبردار) ڀوائي (لوڪ ناٽڪ جو هڪ قسم)، گربا (لوڪ ناچ جو هڪ قسم)، واستو پُوڄن (نئين گهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳَ جي پُوڄا.)[/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو