• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪاڪو آچار ۽ حسني مبارڪ

نثارابڙو

نائب منتظم

.

مصر جو اڳوڻو صدر حسني مبارڪ، ڪجهه صلاحڪارن ۽ دعوت خاص تي سنڌ مان گهرايل ڪاڪي آچار سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪري رهيو هو ۔۔۔

حسني مبارڪ پنهنجي کيسي مان 1000 گني جا نوٽ ڪڍيا ۽ صلاحڪارن کي چيو ته هنن پئسن سان آءُ ڪئين ڪنهن مصريءَ کي راضي ڪري سگهانٿو؟

هڪ صلاحڪار چيو ته سائين جهاز جي دريءَ مان هيٺ اڇلايو جنهن مصريءَ جي گهر ڪرندا ته خوش ٿي ويندو ۔۔

ٻي صلاحڪار چيو ته نه انهن پئسن کي ٻن حصن ۾ ورهائي اڇلايو ته ٻه مصري گهر خوش ٿي ويندا ۔۔

ڪاڪي آچار ڳالهه ويٺي ٻڌي ۽ کائنس صبر نه ٿيو ۽ چيائين مبارڪ صاحب اوهان پئسا کيسي ۾ وجهو ۽ پاڻ جهاز جي دريءَ مان هيٺ ٽپو ڏيو سڀ مصري خوش ٿي ويندا۔
 
جواب: ڪاڪو آچار ۽ حسني مبارڪ

ڪاڪو آچار مصرين جو سڄڻ‌آهي، سندن ڀلي لاءِ ان کان وڌيڪ مشورو ته نه ٿو ڏئي سگهي۔۔۔
 
جواب: ڪاڪو آچار ۽ حسني مبارڪ

هاهاهاهاها۔۔۔واھ جي صلاح ڏني اٿس۔۔ڪاڪي ڪاڪو وڏو ڏاھو آهي سائين ان جي ڏاهپ جا قصا ته ڏور ڏور تائين مشهور آهن۔
 
جواب: ڪاڪو آچار ۽ حسني مبارڪ

هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ڪاڪي آچار کي کپي ته اها ڳاله اسان واري ڀوتارن سان به ڪري۔۔۔۔۔
 
جواب: ڪاڪو آچار ۽ حسني مبارڪ

هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ڪاڪي آچار کي کپي ته اها ڳاله اسان واري ڀوتارن سان به ڪري۔۔۔۔۔

سائين هي ته حسني مبارڪ هو جنهن عوام جي خاص فرمائش تي ڪاڪي آچار کي پنهنجي جهاز ۾ سوار ڪرايو، پاڻ وارا ڀوتار ڪاڪي آچار کي پنهنجي ٽُو ڊي ۾ به ويهڻ‌ڪونه ٿا ڏين۔۔۔ هو ڳالهه ٻڌي اٿوَ نه ته۔۔۔ گهر ڪي مرغي دال برابر۔۔ سو هتي به گهر جو ڪاڪو ڪنهن نه ڪم جو۔۔۔۔
 
جواب: ڪاڪو آچار ۽ حسني مبارڪ

مون اڄ اهو لطيفو مصري دوستن کي ٻڌايو ... ڏاڍو کليا آهيون ۔۔

پر يار آمريڪا وارا ۽ سامراجي طاقتون ڪٿي ٿيون ايترو جلد عوام جي فتح کي قبول ڪن ۔۔۔ سازشون شروع آهن ۔۔۔ ڏسجي ته انقلاب ٿو اچي يا سامراجي سازشون ڪامياب ٿين ٿيون ۔۔۔ سامراجين جا يار پڻ ميدان ۾ اچي ويا آهن ۔۔۔

الله پناه ڏي ڪاڪي آچار کي مون کيس صلاح ڏني آهي ته جلد سنڌ پهچي پنهنجن حڪمرانن کي سٺيون صلاحون ڏيڻ ۾ مدد ڪري ۔۔۔

سڀاڻي مصر مان روانو ٿي ويندو ۔۔۔
 
Back
Top