ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ عالمي ادبي ميڙاڪو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ عالمي ادبي ميڙاڪو!

    منوج ڪمار

    هن وقت ڏکڻ ايشيا ۾ ادبي ميڙاڪن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيو آهي، جيڪو مختلف حوالن سان خبرن ۾ به آهي ۽ جنهن ۾ ڪتابن ۽ ادب سان دل رکندڙ ماڻهن جي دلچسپي به آهي. اهي ادبي ميڙاڪا به ڪنهن ميلي وانگر ئي آهن. جيئن عام ميلن ۾ ٻارن کان وٺي جوانن ۽ ڇڙن کان وٺي سگهڙن تائين هر ڪنهن جي دلچسپي جو ڪو نه ڪو اهتمام هوندو آهي، تهڙي طرح هنن ادبي ميڙاڪن ۾ به ادب سان وابسته ماڻهن لاءِ ڪنهن نه ڪنهن وکر جو انتظام هوندو آهي. ڪٿي ڪنهن ڪتاب جي رونمائي پئي ٿيندي آهي، ته وري ڪٿي ڪنهن مشهور اديب جي ڪتابن تي آٽوگراف لاءِ ميڙ هوندو آهي. ڪٿي ڪو تاريخدان ڪنهن موضوع تي ليڪچر پيو ڏيندو آهي، ته وري ڪٿي ڪو مفڪرن جو پينل ڪنهن موضوع تي بحث پيو ڪندو آهي. ڪٿي ڪو شاعر پنهنجا نظم پيو پڙهندو آهي ته وري ڪٿي پڙهندڙ ڪنهن ناول نگار کان سوالن جي هڻ هڻان لڳايو ويٺا هوندا آهن. هڪڙي ئي جڳهه تي توهان کي ڪتابن جا رعايتي اسٽال به ملندا ته تخليقي ادب لکڻ جي ٽيڪنيڪ تي ورڪشاپ به. مطلب ته پڙهندڙن ۽ لکندڙن کي هڪ هنڌ ويهڻ جو موقعو ملندو آهي، جتي پڙهندڙ پنهنجي پسند جي ليکڪن سان ملي وٺندا آهن ۽ جيڪڏهن وٽن انهيءَ جي لکڻين جي حوالي سان جيڪر ڪي سوال يا مونجهارا هوندا آهن ته اهي به پڇي وٺبا آهن. ته وري ليکڪن کي اهو موقعو ملندو آهي ته اهي پنهنجي لکڻين جي حوالي سان عام پڙهندڙن جي راءِ معلوم ڪري سگهن.

    اهڙا ادبي ميڙاڪا دنيا جي مختلف حصن ۾ ٿيندا رهندا آهن. اسڪاٽ لينڊ جي ايڊنبرا ۾ ٿيندڙ ادبي ميڙاڪو ته دنيا ڀر ۾ مشهور آهي. انهي کانسواءِ جرمني ۾ ٿيندڙ برلن انٽرنيشنل لٽريچر فيسٽيول به يورپ ۾ ٿيندر تمام وڏو ادبي ميڙاڪو آهي. مڊل ايسٽ ۾ گذريل ٻن ٽن سالن کان دبئي انٽرنيشنل آرٽ اينڊ لٽرري فيسٽول جو به وڏو نالو ٿيندو وڃي، جنهن ۾ سڄي دنيا ۽ خاص طور تي عرب دنيا جي ادب جا وڏا نالا گڏ ٿيندا آهن. ايشيا ۾ ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن ۾ هر سال مارچ ۾ هانگ ڪانگ ۾ انٽريشنل لٽرري فيسٽول انهي خطي جي اديبن لاءِ ملڻ جو هنڌ هوندو آهي ته جولاءِ ۾ ٿيندڙ ڪولالمپور جو بين الاقوامي ادبي ميڙاڪو وري پنهنجي علائقي جي اديبن جي ملڻ جو هنڌ هوندو آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڏو ادبي ميڙاڪو يقينن انڊيا ۾ ٿيندڙ جئپور لٽرري فيسٽول آهي. اهو ادبي ميڙاڪو هاڻ دنيا جي چند وڏن ادبي گڏجاڻين جي حيثيت وٺندو پيو وڃي. 2006ع کان ٿيندڙ انهي ادبي ميڙاڪي ۾ سڄي دنيا کان وڏا وڏا اديب گڏ ٿيندا آهن. جنهن ۾ هيستائين اورهان پامڪ، جي ايم ڪوٽيزي، وڪرم سيٺ، مائيڪل اوڊينجي، طارق علي سميت پاڪستان ۽ سڄي دنيا مان ادب جي کيتر جا وڏا وڏا نالا شريڪ ٿي چڪا آهن. گذريل سال سنڌي ادب تي به هڪ پينل ڊسڪشن هو. سنڌ جي اديبن جي نمائندگي سائين شوڪت حسين شوري ڪئي. جئپور جي انهيءَ ادبي ميڙاڪي جي دلچسپ وارتا سائين شوڪت حسين شوري سارنگا رسالي ۾ اسان سان ونڊي به آهي. انهيءَ ادبي ميڙاڪي ڪرائڻ ۾ ڪافي وڏو ڪردار مشهور تاريخدان وليئم ڊيلرمپل آهي. سندس ڪتاب خاص طور تي دي وائيٽ مغل، دي لاسٽ مغل ۽ تازو ڇپيل ڪتاب دي نائن لائيوز برصغير جي تاريخ ۽ سماج جي حوالي سان انتهائي اهم ۽ دلچسپ ڪتاب آهن. وليئم ڊيلرمپل جي آخري ڪتاب دي نائن لائيوز ۾ سنڌ ۽ قلندر شهباز جي حوالي سان به ڪافي دلچسپ باب موجود آهي. هن سال جئپور ۾ ٿيندڙ انهي فيسٽول تي هندوستان جي ڪن اخبارن تڪرار به ڪيو هو. ڪجهه هندوستاني اديبن ۽ صحافين کي انهيءَ تي اعتراض هو ته هڪ اسڪاٽش ليکڪ يعني وليئم ڊيلرمپل هندوستان ۾ ٿيندڙ انهي فيسٽول جو مهندار ڇو ٿيو ويٺو آهي. پر انهيءَ سڄي تڪرار جي باوجود جئپور جو اهو ادبي ميڙاڪو سڄي دنيا جي اديبن ۽ خاص طور تي ننڍي کنڊ جي اديبن جي ميل ملاقات ۽ خيالن جي ڏيٺ ويٺ جي حوالي سان ڪافي مقبول ميڙاڪو ٿيندو پيو وڃي.

    تڪرار ته هيل ڀيري سريلنڪا جي شهر گيلي ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ادبي ميڙاڪي ۾ ڪافي ٿيا هئا. خاص طور تي اديبن ۽ مفڪرن جي هڪڙي گروپ جنهن جي نمائندگي ارونڌتي راءِ ۽ مشهور لسانيات جي ماهر ۽ سياسي مفڪر نوم چومسڪي پئي ڪئي، تن انهيءَ ادبي ميڙاڪي جو بائيڪاٽ ڪيو هو. سندن موقف هو ته انهيءَ ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿيڻ جو مقصد ته سريلنڪا جي حڪومت جي صحافين خلاف پاليسين کي قبول ڪرڻ هوندو، تنهن ڪري انهيءَ جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. جڏهن ته ٻين اديبن جو خيال هو ته انهيءَ ادبي ميڙاڪي کي منظم ڪرڻ ۾ سريلنڪا جي حڪومت جو ڪجهه به نه وڃي ۽ جيڪڏهن حڪومت کي نندڻو ئي آهي ته اتي اچي اهو ڪم ڪريو.

    جئپور ۽ گيلي جي ادبي ميڙاڪن سان گڏوگڏ هاڻ ڪراچي جو بين الاقوامي ادبي ميڙاڪو به ڪافي اهميت ماڻيندو پيو وڃي. هن سال اهو ٻيو ميڙاڪو هوندو، جيڪو پنجين ۽ ڇهين فيبروري تي هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي. انهيءَ ميڙاڪي پاڪستان جي ادبي منظرنامي مان ڪافي اهم شخصيتون گڏ ٿي رهيون آهن ۽ پاڪستان جي سماجي، سياسي ۽ ادبي صورتحال تي ڪافي اهم بحثن کي رٿيو ويو آهي. ڇنڇر واري ڏينهن تي ٿيندڙ ڪارگذارين ۾ مشهور شاعرا فهميده رياض، نئين اڀرندڙ ناول نگار ۽ نجم سيٺي جي پٽ علي سيٺي ۽ ڪالم نگار زاهدا حنا جو پاڪستان ۾ وڌندڙ انتها پسندي تي پينل ڊسڪشن آهي ته ساڳئي وقت وري انگريزي جي مشهور پاڪستاني ناول نگار ذوالفقار گهوش جو ناول لکڻ جي حوالي سان ورڪشاپ به آهي. انهي ڏينهن مٽياريءَ سان تعلق رکندڙ انگريزي جي بهترين ناول نگار بينا شاهه جي ڪتاب سلم چائلڊ جي مهورت ۽ انهيءَ تي ڳالهه ٻولهه به آهي. انهيءَ کانسواءِ مشهور سياسي ڪالمسٽ ۽ ليکڪ عائشه صديقه، مبارڪ علي ۽ پاڪستان جي آمريڪا لاءِ اڳوڻي سفير مليحه لوڌي جو پاڪستان جي اميج جي حوالي سان به پينل ڊسڪشن آهي. انهيءَ کانسواءِ دردانه سومرو جي موڊريشن ۾ ڀلوڙ شاعرائن زهرا نگاهه ۽ ڪشور ناهيد سان ڪچهري به آهي. ته ساڳئي رات پاڪستان جي مشهور شاعرن جو مشاعرو به آهي. آچر ڏينهن ٿيندڙ پروگرامن ۾ تاريخ جي حوالي سان بحث آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو، پرويز هودٻائي ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي شريڪ ٿيندا. انهيءَ کانسواءِ صوفي ازم تي ڊسڪشن به آهي ته پاڪستان ۾ لکجندڙ نئين ادب تي بحث به آهي، جنهن ۾ حسن درس ۽ عطيه دائود حصو وٺي رهيا آهن. انهيءَ بحث جو ماڊريٽر پاڪستان جو شايد واحد ۽ بهترين سياسي ناول نگار محمد حنيف آهي. انهي ڏينهن محمد حنيف پنهنجيون نيون لکڻيون به پڙهندو ۽ ساڻس هڪڙي ڪچهري به رٿيل آهي. ساڳي ڏينهن مشهور تاريخدان ڪيرن آرم اسٽرانگ جو ليڪچر به آهي. انهيءَ کانسواءِ انگريزي جي ڪهاڻيڪار دانيال محي الدين سان ڪچهري به آهي.

    اسان سنڌ جي پڙهندڙن ۽ لکندڙن لاءِ اها يقينن هڪ نئين ڳالهه هوندي، ڇاڪاڻ جو اسان وٽ لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي وچ ۾ ڪنهن به اهڙي تعلق جو ڪو سلسلو ڪونهي. نه ئي وري اسان وٽ ادب جي حوالي سان ڪنهن معنيٰ خيز بحث جو ڪو رواج به آهي. ڇا اهو خواب ڏسجي ته حيدرآباد ۾ ڪو اهڙو ادبي ميڙاڪو ٿيندو، جنهن ۾ هند، سنڌ ۽ دنيا جي سڀني حصن مان اديب اچي پنهنجا تجربا اسان سان ونڊيندا؟ منهنجي خيال ۾ سنڌ حڪومت، ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي، لينگئيج اٿارٽي ۽ اديب ملي ڪري اهڙو ڪو ميڙاڪو ڪرائي سگهن ٿا. ڇا خيال آهي؟

    manojhalai@yahoo.com

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو