سقراط جي آخري تقرير آفتاب احمد خانزادو سقراط ايٿينز جو هڪ وچولي درجي جو شهري هو، جيڪو پنهنجو سمورو وقت بحث مباحثن ۾ گذاريندو هو. هو نوجوانن کي فلسفي جي تعليم ڏيندو هو، پر پنهنجي ان ڪم جو ڪو معاوضو نه وٺندو هو. مٿس ڪيس هليو، کيس ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ 399 ق.م ۾ اٽڪل 70 سالن جي عمر ۾ کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي. جڏهن سندس موت جو فيصلو صادر ڪيو ويو ته ان وقت هن پنهنجي آخري تقرير ڪئي: ”منهنجي لاءِ موت جي سزا تجويز ڪرڻ واروء! هاڻ آئون توهان جي لاءِ هڪ اڳڪٿي ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇو ته هاڻ آئون موت جي انتهائي ويجهو آهيان ۽ موت کي ويجهي ماڻهن ۾ اڳڪٿيءَ جي صلاحيت وڌي ويندي آهي. اي منهنجا قاتلو! آئون اوهان جي لاءِ اها اڳڪٿي ڪريان ٿو ته جيڪا سزا اوهان مون کي ڏني آهي، منهنجي موت کان ترت پوءِ اوهان کي يقيناً ان کان به وڌيڪ ڳري سزا ڀوڳڻي پوندي. جيڪڏهن اوهان اهو سمجهو ٿا ته ٻين کي قتل ڪري توهان کين ان ڳالهه کان روڪي سگهندا ته اهي اوهان جي ڪوتاهين تي تنقيد ۽ ملامت نه ڪن، ته اوهان غلطيءَ تي آهيو. پنهنجي بچاءُ جو نه اهو طريقو ممڪن آهي ۽ نه ئي وري عزت جوڳو. آسان ترين ۽ شريفاڻو طريقو اهو ناهي ته ٻين کي ختم ڪري ڇڏجي، پر اهو آهي ته پاڻ ۾ سڌارا آڻجن.“ ۽ پوءِ هو منصفن (ججن) سان مخاطب ٿئي ٿو، جن کيس بَري ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو. هو چوي ٿو، ”منهنجي معاملي ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، ان جو ته خير آهي ۽ اهو پڻ ته جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته موت هڪ برائي آهي، اهي پڻ غلطيءَ تي آهن، ڇو ته موت هڪ بي خواب ننڊ آهي، ان ۾ روح ٻي دنيا طرف موٽي وڃي ٿو. آرفيئس، ميوسيئس، هياڊ ۽ هومر جهڙن انسانن سان هم ڪلام ٿيڻ لاءِ ڀلا ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا قربان نٿي ڪري سگهجي ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته آئون بار بار مرڻ لاءِ تيار آهيان. ٻئي جهان ۾ سوال پڇڻ تي موت جي حوالي نٿو ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه سچ آهي ته اتي ماڻهو اسان کان نه صرف گهڻو خوش هوندا، بلڪه لافاني به هوندا. موڪلاڻيءَ جو وقت اچي پهتو آهي ۽ اسان پنهنجي پنهنجي واٽ وٺون ٿا، آئون موت جي راهه تي ۽ توهان زندگيءَ جي رستي تي. اها خبر ته صرف خدا کي ئي آهي ته اسان مان ڪير بهتر آهي.“ فلسفي جي ابتدا طاليس کان ٿي، جنهن جو چوڻ هو ته هر شيءِ پاڻي مان ٺهي آهي. طاليس مليطس جو رهواسي هو. مليطس هڪ امير تجارتي شهر هو، جنهن ۾ غلامن جي هڪ وڏي آبادي هئي ۽ آزاد رهواسين ۾ اميرن ۽ غريبن وچ ۾ ڇڪتاڻ موجود هئي. انسان جي اهڙن سوالن جي مطالعي جو نالو فلسفو آهي، جن جا جواب ڪنهن ليبارٽري ۾ نٿا ملي سگهن. سائنس اسان کي ٻڌائي ٿي ته اسان ڇا ڄاڻي ۽ پروڙي سگهون ٿا ۽ جيڪو ڪجهه به ڄاڻون ٿا، اهو بنهه گهٽ آهي. مذهب کان ڌار ٿي، فلسفي جي ابتدا ڇهين صدي ق.م ۾ يونان ۾ ٿي، جنهن جو ٻيو وڏو دور 11هين کان 14 هين عيسوي صدي تائين رهيو، تڏهن ان تي ڪيٿولڪ چرچ جي بالادستي هئي ۽ ان جو ٽيون دور 17 صدي کان اڄ تائين هلندو پيو اچي ۽ ان تي سائنس جي بالادستي آهي. جديد فلسفي جي شروعات وري ڊيڪارڊ کان ٿئي ٿي، جنهن جو بنيادي يقين پنهنجي وجود ۽ پنهنجي فڪر ۾ آهي. اها ارتقا جي پهرين صورت هئي، جيڪا برڪلي ۽ ڪانٽ کان ٿيندي، نئٽشي تائين آئي. فلسفي جي تاريخ اڍائي هزار سالن تي مشتمل آهي. فلسفو قديم زمانن ۾ صرف مڪتبِ فڪر يا آڱرين تي ڳڻڻ جيترن عالم جي بحث جو مسئلو نه رهيو آهي، پر اهو ڪميونٽي جي زندگيءَ جو لازمي جز پڻ رهيو آهي. فلسفي جي ميدان ۾ ايٿينز ۾ ٻه ناليواريون هستيون پيدا ٿيون، هڪ سقراط ۽ ٻيو افلاطون. سياسي زوال جي باوجود ايٿينز جي شهرت قائم رهي ۽ هڪ هزار سالن کانپوءِ به اهو فلسفي جو مرڪز رهيو. رياضي ۽ سائنس جي ميدان ۾ اسڪندريه ايٿينز کان اڳتي نڪري ويو، پر افلاطون ۽ ارسطو ايٿينز کي فلسفي جي لحاظ کان اعليٰ ترين منزل تي پهچائي ڇڏيو ۽ اها اڪيڊمي، جتي افلاطون پڙهائيندو هو، ٻين فڪري مڪتبن کانپوءِ به جاري رهي. سماجي ارتقا ۾ سائنسي ايجادن ۽ فڪر جي منطقي انداز جو تمام وڏو عمل دخل رهيو آهي. يورپي روشن خيالي جي فڪري رهنما فرانسس بيڪن پنهنجي هڪ اهم ڪتاب “Advancement of learning” ۾ علم کي هڪ اهڙي طاقت قرار ڏنو آهي، جنهن جو مقابلو ئي ڪونهي. فلسفي جو بنياد عمليت آهي، جيڪا انسان کي فطرت جي قانون کي سمجهڻ ۽ پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جو هنر سيکاري ٿي. فرانس جي انقلاب، تاريخ کي ۽ انساني امنگن کي هڪ نئون موڙ ڏنو ۽ سيکاريو ته انسان تدبير ذريعي پنهنجي تقدير بدلائي سگهي ٿو. ان ئي سبق جي اثر هيٺ دنيا ۾ آزاديءَ جون تحريڪون شدت اختيار ڪري ويون ۽ صدين کان هلندڙ طبقاتي ڇڪتاڻ جو ڳجهه دانشورن پروڙي ورتو. جرمن فلسفي ڪائنات جي وسعتن کي سمجهڻ سان گڏوگڏ انسان ۽ سماج جي وچ ۾ لاڳاپن جا بنياد تلاش ڪيا ۽ رياست جي جديد تصور ۾ فرد جي ڪردار جي اهميت جو ذڪر ڪندي انساني فڪري ترقيءَ جي مرحلن تي غور ڪيو. هيگل جي ارتقا ۽ فڪري اوسر جي فلسفي سائنسي اصول جو بنياد رکيو، ان کان پهرين Heraclitus چيو هو ته هر شيءِ حرڪت ۾ آهي. قديم يونان ۾ فلسفي جي اها شاخ، جنهن موجب دليل ۽ منطق کي فڪر جو بنياد سمجهيو ويندو هو، هيگل جو فلسفو ان مڪتبِ فڪر جي ترقي يافته شڪل هو. کيس آفاقيت ۽ روح مطلق جو صوفي سڏيو وڃي ٿو. ڪارل مارڪس وري هڪ نئين انداز جي سوچ ڏني. مارڪس جو چوڻ هو ته، ”سوال اهو ناهي ته هيءَ دنيا ڇا آهي؟ پر سوال اهو آهي ته ان کي ڪيئن تبديل ڪيو وڃي؟“ مارڪس جي ڪتاب داس ڪئپيٽال کي سمجهڻ ۾ يورپ کي گهڻي دير لڳي. مارڪس جو چوڻ هو ته اضافي قدر Surplus value استحصال جو بنياد آهي، جنهن جي ذريعي پورهيتن کي سندن محنت مطابق معاوضو نٿو ملي ۽ اهو ئي منافعو سرمائيدار کي سگهارو بڻائي ٿو ۽ سندس خيال هو ته پرولتاري انقلاب ئي سماجي ۽ معاشي ناانصافين جو حل آهي. موجوده دور ۾ جيڪو سڀ کان سگهارو نظريو ٿي اڀريو آهي، اهو آهي لبرل ازم جو نظريو، جيڪو جان لاڪ پيش ڪيو. ان کان پوءِ روسو، هيگل ۽ ٻيا ان نظريي جي مختلف صورتن جي نمائندگي ڪندا رهيا. جان لاڪ پنهنجي مضمونن ۾ سماج، سماجي علمن، انساني روين، فطري جذبن ۽ خواهشن جو انتهائي خوبصورتي سان اظهار ڪيو آهي. لبرل ازم ۾ هڪ اهڙو سماجي سرشتو وجود ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ انسانن کي حقيقي خوشيون ۽ معاشي خوشحالي حاصل ٿئي ٿي. جان لاڪ جي سياسي نظرين جا دنيا ۾ آيل انقلابن تي گهرا اثر رهيا. آمريڪي آئين ۾ ان جي سياسي ۽ فلسفياڻن نظرين کي شامل ڪيو ويو ۽ روسو ۽ والٽيئر چوندا رهيا ته قدامت پرستي ڇڏيو ۽ سوچيو ته عقل ۽ فطرت ڇا ٿي چوي. فرانس جي انقلاب ۾ روسو ۽ والٽيئر جي لکڻين جو تمام وڏو اثر آهي. اڄ دنيا ارسطو، سقراط، فرانسس بيڪن، جان لاڪ ۽ هيگل جي فلسفن تي عمل ڪري آزادي، خوشحالي ۽ ترقيءَ جون نيون نيون منزلون طئي ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف پاڪستان ۾ مخصوص عناصر دهشت ۽ بربريت جو دور، جيڪو ڪئين صديون اڳ يورپ ۾ قائم هو، ان کي ٻيهر آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. اڄ معصوم انسانن کي سندن نظرين، خيالن ۽ سوچ جي ڪري قتل ڪيو پيو وڃي. قاتل قتل جا پروانا کنيو پيا گهمن. انهن حالتن ۾ سقراط جي آخري تقرير بار بار ياد پئي اچي، جيڪا ان پنهنجي قاتلن جي سامهون ڪئي هئي. اڄ به سقراط کي بار بار قتل ڪيو پيو وڃي. قاتل اهي ئي آهن، پر صرف سقراط ۽ قاتلن جا نالا تبديل ٿيا آهن. aftabkhanzada2@yahoo.com The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
جواب: سقراط جي آخري تقرير چوهاڻ صاحب مهرباني سهڻو ليک ونڊ ڪيو آهي اوهان۔ دنيا ڪيتريون به پابنديون لڳائي پر سچائيء کي دفن ڪري نه ٿو سگهجي۔ سچ جو آواز ڪٿان نه ڪٿان نڪري نروار ٿيندو آهي چاهي ان :اڀ ٿورو وقت لڳي وڃي۔
جواب: سقراط جي آخري تقرير ادا طاهر اوهان جي وڏي مهرباني ، جو ليک کي پسند ڪيو ۔ اسان جي ڪوشش سڄائي ٿي ، سدا خوش رهو آمين
جواب: سقراط جي آخري تقرير جي ادا بلڪل صحيح ٿا چئو ۔ ضرورت آهي اندر جي سڌار جي ، الله تعالى اوهان کي خوش رکي ۔