• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فضاء کي صاف ڪندڙ سيارا

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ترجمو عربيءَ کان: طاهر سنڌي

آمريڪي فضائي مشينري ناسا وارن فضا ۾ هڪ عجيب شيء ڏٺي آهي، اها هڪ اهڙو سيارو آهي جيڪو فضا ۾ موجود ٽٽندڙ تارن ۽ مٽي ۽ گرد و غبار گند ڪچري جي صفائي ٿو ڪري!!
جي ها اهي سيارا گنچ ڪچرو ۽ مٽي جي باقاعده هڪ گهر ۾ موجود صفائي واري مشين جيان آهن.
ناسا انهن تي نالو رکيو آهي:
"The Black Holes"
ڇو ته اهي نظر به مشڪل سان ايندا آهن.
حقيقت ۾ اها شيء باقاعده تارن جي قسمن منجهان تارا ئي آهن جيڪي افق ۽ فضا ۾ موجود مٽي وغيره جي صفائي ڪن ٿا.
هي ڏسو ۽ سبحان الله چئو:
پر هڪ وڏي ڳالهه اها آهي ته ناسا کي ان شيء جي باري ۾ خبر ڪانه پئي ڇو ته اهي صرف ان شيء جا فوٽو ئي حاصل ڪري سگهيا آهن، جڏهن ته الله تعالي هزارين سال اڳ اسان جي پياري حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن تي نازل ڪيل قرآن مجيد ۾ ان شيء جو ذڪر ڪيو آهي: (فلا اقسم بالخنس* الجوار الڪنس*) سورت التڪوير آيت 15 _ 16.
نظر نه اچڻ: الخنس.
الجوار: مجري ۾ فلڪ ۾هلن ٿا.
ڪالمڪنسه: الڪنس: صفايو ڪندڙ.
سج کان 20 دفعا وڏا آهن.
هڪ ئي ڌڪ ۾ ساري زمين هڙپ ڪري سگهن ٿا.
ان ۾ عظيم جاذبيت آَهي، جيڪا شيء ان جي ويجهو وڃي ان کي جذب ٿا ڪري ڇڏين.

سبحان الله

Uploaded with ImageShack.us

Uploaded with ImageShack.us

Uploaded with ImageShack.us

Uploaded with ImageShack.us
 
جواب: فضاء کي صاف ڪندڙ سيارا

مهرباني ادا طاهر

سهڻو ۽ ڄاڻ وارو ليک ونڊ ڪرڻ لاء اوهان جا ٿورا۔ اوهان جي ڳاله بلڪل صحيح آهي۔ رب پاڪ پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ 1400 سال اڳ انهن شين جو ذڪر ڪيو آهي۔ پر هڪ ٻي ڳاله ته سائنس کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته اها سائنس ئي آهي جنهن قرآن ۾ ذڪر ڪيل نشانين ِيا حديث ۾ آيل ڳالهين کي ثابت ڪيو آهي۔

جيئن جيئن سائنس ترقي ڪري ٿي تيئن تيئن انسان جو پنهنجي رب تي ايمان وڌيڪ مضبوط ٿيندو ٿو وڃي۔ تنهنڪري اسان مسلمانن کي به سائنس يا تحقيق تي کوجنا ڪرڻ کپي جيئن دنيا کي اسلام بابت صحيح ڄاڻ ڏئي سگهجي۔
 
جواب: فضاء کي صاف ڪندڙ سيارا

ادا طاهر اوهان کي سلام آهي ، جو اهڙو قيمتي مضمون اسان لا ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي ۔ يقينن دوستن جي معلومات ۾ اضافي جو سبب بڻجندا ۔ اگتي به اوهان کان اهائي اميد آهي ته اهڙيون قيمتي ونڊون شئير ڪندا رهندا
ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا
 
ادا پسند ڪرڻ لئه مهرباني، باقي سائنس عقل ڪل نه آهي، ڪجهه ڳالهيون انهن جون جيڪي اڳي ڪندا هئا اهي هاڻ غلط پيون ثابت ٿين يعني سائنسدان پاڻ ئي پنهنجي ڳالهين ۾ ڪوڙا ٿا ٿين ، ڪجهه هاڻ جا انڪشافات به آهن جيڪي بعد ۾ ڪوڙا ثابت ٿيا، بحرحال رب ڪريم انسان کي عقل ته ڏنو آهي پر ڪمال تي اسان نه ٿا پهچي سگهون جنهن لئه رب ڪريم بار بار قرآن مجيد ۾ چيلنج ڪيو آهي۔​
 
جواب: فضاء کي صاف ڪندڙ سيارا

ادا طاهر اوهان کي سلام آهي ، جو اهڙو قيمتي مضمون اسان لا ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي ۔ يقينن دوستن جي معلومات ۾ اضافي جو سبب بڻجندا ۔ اگتي به اوهان کان اهائي اميد آهي ته اهڙيون قيمتي ونڊون شئير ڪندا رهندا
ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا

ادا اصل ۾ هي مضمون منهنجي ڀيڻ مڪي پاڪ مان مونڏانهن ايميل ڪيو هو جيڪو اصل ۾ عربيءَ ۾ هو، مونکي ڏاڍو پسند آيو ان ڪري سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنگت سان ونڊ ڪيم۔۔​
 
Back
Top