• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هن ديس جو ڇاٿيندو؟

4هميرا

سينيئر رڪن
ها مون ڏٺو ان حوا جي ڌئي کي جنهن تي رستي ويندي ڪنهن ٽوڪ ڪئي ء مون ڏٺو هيسيل چهري کي جيڪا راستي ويندي ترڪڻ تان ترڪي پئي شرم کان منهن ڳاڙهو ٿي ويو هيس ،ماڻهن کان نظرون چورائيندي پنهجي لٿل برقي سان پنهنجي عصمت کي ڍڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي هئي،ڪيڏو نه ڪروڌ ڏٺو هيم ان عورت جي اکين ۾ جيڪا پنهنجي بيوسي تي لڙڪ هاري رهي هئي ۽ چٿرون ڪري رهي هئي هن نظام تي،ڇاٿي ويو آ هن قوم جي ماڻهن کي؟هن ديس جي ماڻهن کي جيڪي عورتن جي ء زت ڪندا هئا،هر غير ءورت کي سام ڪري ڏسندا هئا،اڄ اهي مرد رستي ويندڙ عورت کي هرس ڀريل نگاهن سان ڏسن ٿا مونکي روئڻ ٿو اچي ،هن ديس جو ڇا ٿيندو؟ اڄ مونکي ساحر جو هڪ شعر ٿو ياد اچي عورت ني جنم ديا مرد کو،مرد ني اسي بازار ديا مرد که هر ظلم روان،عورت ڪه لئي رونا بهي سزا
 
Back
Top