• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موهن جي دڙي سميت تاريخي ماڳن جي سار سنڀال صوبن حوالي

جواد رضا

سينيئر رڪن
موهن جي دڙي سميت تاريخي ماڳن جي سار سنڀال صوبن حوالي

ڪراچي (هه آ) پنج هزار سال پراڻي قديمي شهر موئن جي دڙي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ انتظامي نظام هاڻي حڪومت سنڌ جي حوالي ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو ٻڌائي. هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ باضابطه فيصلو وفاقي ڪابينا ۾ صوبن ڏانهن کاتا منتقل ڪرڻ واري فيصلي جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن کي 18 هين ترميم جي روشني هيٺ عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 128 ماڳن جو انتظامي نظام هاڻي صوبائي حڪومتن کي منتقلي واري مرحلي کان پوءِ ڏنو ويو آهي، جن ۾ موئن جو دڙو پڻ شامل آهي. موئن جو دڙو هڪ قديم تهذيب ۽ سنڌو ندي جي ڪناري تي آباد آهي. سسئي پليجو چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي. موئن جو دڙو سميت سمورن ماڳن جي حفاظت ۽ سار سنڀال لاءِ جوڳا قدم کڻندي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن يونيسڪو ۽ حڪومت سنڌ جي وچ ۾ پڻ ماڳن جي حفاظت ۽ سار سنڀال لاءِ پڻ يادداشت نامي تي پڻ صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ يونيسڪو پاران مناسب فنڊ، فني مدد، تربيتي سهوليتون ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اپاءُ وٺڻ پڻ شامل آهن.
 
Back
Top