عبدالڪريم چانڊيو
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي سڪ ڀريو سلام
مان آهيان سچل ڳوٺ کان عبدالڪريم چانڊيو۔ هن وقت وڪالت جو ڪم ڪري رهيو آهيان. منهنجو تعلق ڳوٺ نبي بخش چانڊيو لڳ غيبي ديري تعلقي قمبر سان آهي۔ پرائمري تعليم ڳوٺ مير حيدر خان مري مان ، مئٽرڪ قمبر هاء اسڪول مان ۽ انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي۔
1973 ۾ ڪراچي آيس ۽ تعليم کاتي ۾ استاد طور ڪم ڪيم۔ بي اي ، بي ايڊ ، ايم ئي ، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي ڪراچي مان ڪئي۔ منهنجو سماجي طور تعلق سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان آهي ۽ سگا سچل ڳوٺ شاخ جو صدر به رهيو آهيان۔ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي جيڪو اڃان تائين جاري آهي۔
منهنجو سياسي تعلق 1978 کان وٺي جيئي سنڌ محاذ سان رهيو آهي جيڪو اڃان تائين قائم آهي ۔ سائين جي ايم سيد جي رهبريء هيٺ آزاد ۽ خودمختيار سنڌ جي حصول واري جدوجهد ۾ گڏ رهيو آهيان ۔ دعا آهي ته ساه سنڌ جي آزادي ۽ خود مختياريء لاء وڙهندي نڪري۔
سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام جن هي بهترين سنڌي پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي۔