هيءُ شهر اسلامي دور 730ع پراڻو آهي، جيڪو شهدادپور کان 8 ميل اوڀر طرف ضلعي سانگهڙ وٽ آهي. ھي شھر سنڌونديءَ جي ھڪ وھڪري تي واقع ھو. ھن شھر جو بنياد ٧٣٠ع کان ٧٣٢ع تائين پيو. اوائلي اسلامي دور جو ھيءُ وڏي ۾ وڏو شھر ھو، جنھن جا ٢٧٥ ھيڪٽرن ۽ ٣ . ٦ ڪلو ميٽرن تي سندس آثار پکڙيل آھن. شھر جي حفاظت لاءِ ٺھيل ڪوٽ پڪين ۽ ڪچين سرن جو ٺھيل آھي. قلعي جي ديوارن سان ٺھيل اڌ گول برجن ۾ جيتوڻيڪ مختلف خام مال استعمال ڪيو ويو آھي، پر جنھن نموني قطار سان اھي بيٺل نظر اچن ٿا، تنھن مان ڀنڀور وانگر منصوره جي ماضيءَ جي ياد تازي ٿئي ٿي. شھر جو ھڪڙو دروازو اوڀر طرف دريا ڏانھن کلي ٿو. کوٽائيءَ کان پوءِ ڪيتريون شيون مليون آھن. شھر جي ڏکڻ اوڀر طرف ڪاريگرن جا دڪان يا صنعتي علائقو ھو، جتي اڄ بھ قيمتي ڌاتن ۽ پٿرن جا ٽڪرا، بٺيءَ پڪل ٿانون، بيڪار شيشي جا ٽڪرا، سڪن جا سانچا، جن تي مورتون اڪريل آھن، ڪوڏيون، ڪنگڻ، رديءَ جا ڍير، ھڪ ٿانون جنھن ۾ چار ھزار کن ٽامي جا سڪا پيل آھن، ھڪ ترقي يافته ڌاتوءَ جو ڪارخانو، جيڪو ڏيھي توڙي پرڏيھي ضرورتون پوريون ڪندو ھو. منصوره جي تازي کوٽائي مان لوھ ۽ ڪنجھي جي مختلف نمونن کان سواءِ چار وڏا ۽ ڳرا دروازن جا ڪڙا ھٿ آيا آھن. ان مان ھن شھر جي ڪاريگرن جي ڌاتوءَ کي ڳارڻ جي مھارت جي خبر پوي ٿي. ھرھڪ ڪڙي جو قطر ٥٦ س- م آھي. جنھن تي ڪوفي خط ۾ ڪتبو اڪريل آھي. ڪتبي تي بسم لله، ڪلمو شريف قران پاڪ جون آيتون ۽ ”عبدلله بن عمر“ نقش ڪيل آھي. شھر جي عام خاڪي ۾ گھڻو ڪري وڏا رستا ۽ گھٽيون گوني ڪنڊ تي ٺھيل نظر اچن ٿيون. شھر جي اتر اولھ ۾ طرف ھڪ ڳتيل آباديءَ واري حصي مان ھڪ ڊگھي گھٽي گذري ٿي. آخر ۾، اڀرندي حصي جي وچ ۾ ھڪ جامع مسجد واقع آھي، جيڪا مستطيل شڪل ۾ آھي. قبلي طرف يا الھندي وارو حصو، اصل ۾ سادي ڇت سان ڍڪيل ھو، ۽ ڪاٺ جي ٿنڀن جي ڇھن قطارن تي بيٺل ھو. 513 اٽيچمينٽ ڏسو جيستائين عرب دارالسلطنت منصوره جو تعلق آھي ته اھا مسلمانن جي پھرين آبادڪاري نه ھئي. سندن پھرين آبادڪاري ”محفوظه“شهر جي نالي سان ھئي. علامه بلاذري جو چوڻ آهي ته سنڌ جي حاڪم، محفوظه شهر جو بنياد ١٢٠ ھجريءَ ۾ رکيو. عمرو (بن قاسم) جيڪو سندس نائب ھو، ان منصوره جو بنياد رکيو. منصوره جو بنياد خليفي منصور جي شروعاتي ڏينھن ۾ رکيو ويو ھو. ابن حوقل ۽ ادريسي چون ٿا ته مھراڻ جي ھڪڙي شاخ منصوره جي چوڌاري وڪڙ ڏئي وھي رھي ھئي. ابن خرداذبه جي لکت موجب پکيڙ اھم چورس ھڪ ميل آھي. المسعودي (١٣- ٩١٢) ۾ منصوره کي ڏٺو. بلاذري چوي ٿو ته منصوره ھندوستان جي طرف ڍنڍ جي ڪناري تي آباد محفوظه جي ٻئي طرف ھو. ڪزنس لکي ٿو ته اهي ڳالهيون غلط آھن ته ڪو برھمڻ آباد الڳ ۽ منصوره الڳ شھر آھن. منصوره، برھمڻ آباد جي کنڊرن جي مٿان اڏيو ويو ھو. بھرحال منصوره اسلامي اوائلي شھرن ۾ وڏي اھميت وارو شھر ھو، جنھن جا کنڊر موجود آھن. محمد بخش ٽالپر لکي ٿو ت ”افسوس جو عربن جو تعلق ٽٽڻ سبب، تاريخ ۾ منصوره جو ذڪر ختم ٿي ويو. (”سنڌ جي قديم آثارن جي ڊڪشنري“ جي ٿورن سان)
انتهائي لاجواب ۽ معلوماتي تحرير آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا ابو واصف لڳي ٿو فورم تي تحرير موڪلڻ واري عمل کان به توهان هاڻي بهتر طريقي سان واقف ٿيندا پيا وڃو۔۔۔۔ اميد ته پنهنجي معلومات کي پاڻ تائين محدود نه ڪندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سان ونڊيندا رهندا۔۔۔۔۔
ادا! ساراهه جو ٿورائتو آهيان. حضرت علي سائينءَ جو قول آهي ته ”علم واڌائڻ سان کُٽي نٿو وڃي، پر اڃا به وڌندو ويندو آهي.“ شين کي لڪائڻ منهنجو پنهنجو مقصد نه هوندو آهي، پر ان ۾ صرف منهنجي لاپرواهي ۽ سُستيءَ جو عمل دخل آهي. منهنجي ڀرپور ڪوشش هوندي ته ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهان.