• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اَسُونهِين آهِيان؛

عرس پريو

سينيئر رڪن
اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَرِي، اَسُونهِين آهِيان؛
لُڙِڪَ لعۡلَ، لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَءِ وَهايان؛
هيجان هَنجُون حَبَ ۾، هوتَنِ لَءِ هارِيان؛
جانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنهون پَهايان؛
پِيهان، پَچايان، جي مان نِيو پاڻَ سين.

اَڌرِ، نِڌرِ، اَڀَرِي، آهيان اَسُونهِين؛
پَرَ ڏيهي پِرِين ڪَيا، مَرَڻَ لَءِ مُونهين؛
سَسُئِيءَ کي سَيّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونهين؛
هارِي! ڪِئَن هونهين، رِءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَرِين.

اَڌرِ، نِڌرِ، اَڀَرِي۽ سَڌَرِ ٿيُ سچي؛
سُپَڪِ ٿيُ، سَيَّدُ چئَي، پَهڻَنِ مَنجھ پَچِي؛
مَعذُورِ تي مارو ڪيو، اولاڪَنِ اَچِي؛
منجھان راہَ رَچِي، ٿِيَڙِي لالُ، لَطِيفُ چئَي.
 
جواب: اَسُونهِين آهِيان؛

شاهه سائين جي شاعري حقيقت ۾ هڪڙي منزل آهي، افسوس جو ننڍي لاڪون مونکي منهنجي مائٽن انگريزي اسڪولن ۾ پڙهايو جتي رڳو انگريزي ۽ اردو پڙهائي ويندي هُئي ان ڪري لطيف سائين جي بيتن جي مطلب کان صفا ڪوري آهيان، سائين نثار ناز جي مهرباني آهي جو انهن مونکي سنڌي لکڻ سيکاريو آهي پر اڄڪلهه سائين نثار گهٽ پيو ڏسڻ ۾ اچي سندن ڪا نئين شاعري به پڙهڻ لا ڪانه پئي ملي، ڪڏهن ڪڏهن ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي اٿن ۽ يا ڪنهن هڪ اڌ سنڌي ادبي فنڪشن ۾ ملاقات ٿيندي آهي۔ ادا عرس جي مهرباني
 
جواب: اَسُونهِين آهِيان؛

ادا عرس زبردست ونڊ شاه سائين جي شاعري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، لک لائق دوست۔
 
جواب: اَسُونهِين آهِيان؛

شاهه سائين جي شاعري حقيقت ۾ هڪڙي منزل آهي، افسوس جو ننڍي لاڪون مونکي منهنجي مائٽن انگريزي اسڪولن ۾ پڙهايو جتي رڳو انگريزي ۽ اردو پڙهائي ويندي هُئي ان ڪري لطيف سائين جي بيتن جي مطلب کان صفا ڪوري آهيان، سائين نثار ناز جي مهرباني آهي جو انهن مونکي سنڌي لکڻ سيکاريو آهي پر اڄڪلهه سائين نثار گهٽ پيو ڏسڻ ۾ اچي سندن ڪا نئين شاعري به پڙهڻ لا ڪانه پئي ملي، ڪڏهن ڪڏهن ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي اٿن ۽ يا ڪنهن هڪ اڌ سنڌي ادبي فنڪشن ۾ ملاقات ٿيندي آهي۔ ادا عرس جي مهرباني

محترمه ڪائي ڳالهه ڪانه آهي، هاڻ اميد آهي ته اوهان کي شاه صاحب جي بيتن جي سائين ناز صاحب ضرور سمجهاڻي ڏيندا هوندا، هونئن به سائين ناز صاحب ڪافي وقت کان هڪ پهيلي ڀڃڻ لاءِ مونکي ڏني آهي جنهن مونکي وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اميد آهي ته جلد ڀڃي وٺندس، ۽ واقعي به سائين ناز صاحٻ جي تمام گهڻي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي، سندن اسان جي ياد ڪرڻ جو ضرور اطلاع ڏيندا۔
ٿورا۔۔۔
 
Back
Top