
ڪرڪيٽ 2011 جو ميلو شروع ٿيڻ تي آهي ۔۔۔ 19 فيبروري تي شروع ٿيندڙ هي مقابلا ڏکڻ ايشيا جي ٽن ملڪن ۾ کيڏيا ويندا۔۔۔ پاڪستان جي اندروني امن امان جي صورتحال ۽ سري لنڪا ٽيم تي ٿيندڙ حملي کان پوءِ آئي سي سي پاڪستان کي ميزباني مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔۔۔۔ هاڻي هي مقابلا انڊيا، سري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ کيڏيا ويندا۔۔۔ هن ۾ شامل ٽيمن جو تعداد 16 آهي جن مان 6 ٽيمون اڃان سيکڙاهٽ آهن۔۔۔ جڏهن ته توهان جي سهولت لاءِ هتي باقي ڏهن ٽيمن جو تجزيو پيش ڪجي ٿو۔۔۔۔
آسٽريليا۔۔
2008 کان پوءِ جڏهن ٽيم ۾ شامل ميڪ گراٿ، شين وارن ۽ گلڪرسٽ جهڙن قابل رانديگرن ڪرڪيٽ تان ريٽائرنمينٽ ورتي ته ائين ٿي لڳو جهڙوڪ آسٽريليا جو حشر به ويسٽ انڊيز جهڙو ٿي ويندو پر نئين خون جي حامل نوجوان رانديگرن پنهنجي جستجو جاري رکي۔۔۔ تازو ايشز سيريز ۾ انگلينڊ هٿان بدترين شڪست کان پوءِ وري ون ڊي ۾ انگلينڊ کان خوب بدلو وٺندي 5-1 تان سيريز کٽي ۔۔۔۔ انتهائي پريشر ۾ به هي ٽيم بهترين راند جو مظاهرو ڪندي آهي ۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو هن ورلڊڪپ ۾ پڻ هاٽ فيورٽ طور شامل آهي۔۔۔
ڏکڻ آفريڪا۔۔۔۔
هي ٽيم ٽيم ڪڏهن ته بدقسمتي هٿان بس فتح کان ٿورو ئي پري رهجي وڃي ته وري ڪڏهن حيران ڪن طور اهم ميچ هارايو وڃي۔۔۔ فيلڊنگ ۽ بيٽنگ ۾ دنيا جي مڃيل هي ٽيم مخالف ٽيم جي لاءِ انتهائي سخت حريف ثابت ٿي سگهي ٿي۔۔۔۔
انڊيا۔۔۔۔۔
نوجوان ۽ تجريبڪار راندگيرن تي مشتمل هن ٽيم کي متوازن ۽ ڀرپور صلاحيتن سان حامل سمجهيو ويندو آهي۔۔۔ هن ٽيم جي بيٽنگ دنيا جي مضبوط ترين سمجهي ويندي آهي۔۔۔ هي ٽيم پنهنجي گرائونڊس تي انتهائي سخت حريف رهندي آهي۔۔۔ بس جيڪڏهن فيلڊنگ ۽ بالنگ ۾ بهتري آئي ته ورلڊ ڪپ کٽڻ کان کين روڪڻ ڏاڍو مشڪل آهي۔۔۔
انگلينڊ۔۔۔
ڪرڪيٽ کي ايجاد ڪندڙ هي ٽيم ڪڏهن به ورلڊ ڪپ کٽي نه سگهي آهي۔۔۔۔ پر گذريل ٻن سالن ۾ هن ٽيم جي ڪارڪردگي جو گراف تمام بهترين رهيو آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ٽونٽي ٽونٽي ورلڊ ڪپ پڻ کٽي چڪي آهي۔۔۔ تازو آسٽريليا، پاڪستان ۽ بنگلاديش کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ ٽيم جو مورال بلند آهي۔۔۔ ۽ ڪافي ڌرين جو خيال آهي ته انگلينڊ هي ورلڊڪپ کٽي سگهي ٿي۔۔۔
سري لنڪا۔۔۔
هوم گرائونڊ جي سپورٽ۔ عقلمند رانديگرن ۽ ٻڌي سان کيڏندي هي ٽيم ڪيتري به مشڪل مخالف کان راند کٽڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي۔۔۔ هر فيلڊ ۾ متوازن ۽ جذبي سان ڀرپور هي ٽيم پنهنجي گرائونڊس تي تاريخ دهرائيندي ورلڊ ڪپ حاصل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي۔۔۔۔
پاڪستان۔۔۔۔
ويسٽ انڊيز کان بهترين ۽ تيز ترين بالنگ جو اعزاز کٽيندڙ هي ٽيم ڪجهه ڪري سگهڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي۔۔۔ 8 نمبرن تائين بيٽنگ رکندڙ هن ٽيم جو ڪو به هڪ رانديگر راند کٽرائي سگهي ٿو۔۔۔ دنيا جي بهترين بالنگ جي حامل هي ٽيم ورلڊ ڪپ حاصل ڪري سگهي ٿي پر سندس اهم ڪمزورين ۾ رانديگرن جو هڪ ٻئي سان ساٿ نه ڏيڻ ۽ رشورت خوري جي الزام هيٺ رهڻ ڪري پنهنجو مورال وڃائي سگهي ٿي۔۔۔
نيوزيلينڊ۔۔۔۔
دنيا جي عقلمند ٽيم ۽ ڪپتان جو اعزار رکندڙ هي ٽيم گهٽ ون ڊي کيڏڻ ڪري ڪجهه پوئتي ضرور آهي پر پنهنجي قابليت کي استعمال ڪري ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏئي سگهي ٿي۔۔۔ مسلسل محنت ۽ پريڪٽس سندن قسمت تبديل ڪري سگهي ٿي۔۔۔۔
ويسٽ انڊيز۔۔۔۔
ماضي جو شاندار ريڪارڊ رکندڙ ۽ ڪاري انڌاري سڏجندڙ هي ٽيم هن وقت نوجوانن تي مشتمل آهي۔۔۔ اڪثر پهريون دفعو ورلڊ ڪپ کيڏندڙ رانديگر ڪنهن به ٽيم کي اپ سيٽ شڪست ڏئي سگهن ٿا۔۔۔
بنگلاديش۔۔۔۔
هي ٽيم ڪنهن به وقت حيران ڪندڙ نتيجا آڻي سگهي ٿي۔۔۔ گذريل ڪجهه مقابلن ۾ اهم ٽيمن کي ٻاهر ڪڍڻ جو ڪم انجام ڏئي چڪي آهي۔۔۔ هي ٽيم بيشڪ ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ فيورٽ نه آهي پر هوم گرائونڊ ۽ هوم ڪرائوڊ جي سپورٽ سان بهترين پرفارمنس ڏئي سگهي ٿي۔۔۔۔
زمبابوي۔۔۔
تازو انڊيا کي شڪست ڏيندڙ هي ٽيم باصلاحيت ۽ نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي پر ورلڊ ڪپ جهڙي وڏي مقابلي ۾ سندن لاءِ ڪو ٻوٽو ٻارڻ ايترو آسان نه رهندو۔۔۔
هي آرٽيڪل منهنجي پنهنجي ذاتي رائي تي ٻڌل آهي۔۔۔ ۽ منهنجي خيال ۾ سيمي فائينل تائين پهچندڙ ٽيمون هي آهين۔۔
پاڪستان، انڊيا، سري لنڪا، آسٽريليا