• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فوٽو شاپ جو متبادل سافٽويئر۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
تصويرن کي آن لائين ايڊٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪافي ساريون سائيٽس آهن جن مان ڪافي ته سنڌ سلامت تي ونڊ ٿي چڪيون اهن۔۔۔ پر هتي مان توهان کي فوٽوشاپ جي متبادل طور هڪ سافٽويئر متعارف ڪرائي رهيو آهيان۔۔۔
هن سافٽويئر جي ضرورت ان ڪري پئي ته هي سائيز ۾ ننڍو ۽ استعمال ۾ آسان آهي ۽ آهي به هو بهو فوٽو شاپ وانگر ۔۔۔
ArtWeaver نالي هن سافٽويئر جو هڪ نظارو توهان به ڏسو۔۔۔

Free-Photoshop-Software-Artweaver.png

فوٽوشاپ جهڙي پروفيشنل سافٽويئر جي مقابلي ۾ هي سافٽويئر مفت جو آهي ۽ لڳ ڀڳ 90 فيصد ڪم ساڳيا ئي انجام ڏئي ٿو جيڪي فوٽوشاپ ڏيندو آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ فوٽوشاپ جي مقابلي ۾ هن ۾ ڪافي فيچرس نه آهن پر عام استعمال ۾ ايندڙ سمورا فيچرس موجود آهي۔۔۔ سڀ کان اهم ڳالهه ته هن سافٽويئر جي سائيز صرف 8 ميگابائيٽ آهي۔۔۔

هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو ۽ هڪ دفعو آزمائي ڏسو۔۔۔۔
 
جواب: فوٽو شاپ جو متبادل سافٽويئر۔۔۔

ادا رشيد مهرباني

جيتوڻيڪ مون انسٽال ته ڪيو آهي پر اهو شايد ٽرائل ورجن آهي ۔ يار هت ته رجسٽريشن ڪي به گهربل آهي۔ مهرباني ڪري اه به هٿ ڪري ڏيو ته قرب باقي فري ورجن استعمال ڪيان پيو جيستائين هليو
 
Back
Top