• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ پاران فيس بوڪ تي آن لائن عالمي مشاعرو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بڪ جي ترجمان ابراھيم صالح ھنڱوري ۽ سليمان وساڻ پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي ته 14 فيبروري تي ويلنٽائين ڏھاڙي جي مناسبت سان پاڪستاني وقت مطابق رات 9 بجي کان 12 بجي تائين فيس بڪ جي صاف گروپ ۾ پھريون آن لائين براھ راست سنڌي عالمي مشاعرو امن محبت زندھ باد جي عنوان هيٺ ڪوٺايو ويو آھي. ھن منفرد عالمي مشاعري جي هڪ ئي وقت هند ۽ سنڌ جا چار نالي وارا شاعر صدارت ڪندا. سنڌ مان شاعرشمشيرالحيدري ۽ ھدايت بلوچ جڏھن ته ھند مان اندرا شبنم پونا والا ۽ ومي سندر آگناڻي ڪندا . پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سڄي دنيا جي سنڌي شاعرن کي ڪوٺ آھي ته جيڪڏھن ھن عالمي مشاعري ۾ شعر پڙھڻ (لکڻ) چاھين ٿا ته ( صاف) وال تي اطلاع ڏين. حتمي شاعرن جي فھرست سليڪشن ڪميٽيء جي منظوري بعد وال تي لڳائي ويندي . بيان ۾ سنڌي ادبي فيس بڪ جي چيئرمين ھدايت بلوچ ، سيڪريٽري جنرل ذوالفقار بھڻ ۽ امداد سهتو چيو آھي ته جديد سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ھي عالمي مشاعرو ھڪ نئين تاريخ رقم ڪندو. هن عالمي مشاعري کي هلائڻ لاء ٻه ڪاميٽيون پڻ جوڙيون ويون آھن.

182090_1848142001512_1179567033_32303018_5334246_n.jpg

ھن مشاعري جي رپورٽ سنڌ جي مڙني اخبارن ۽ ٻين ملڪن مان پڻ شايع ڪرائي ويندي،غير رجسٽرڊ دوست پنھنجي شاعري مشاعري ۾ پيش نه ڪري سگھندا. سنڌ سلامت تي موجود شاعر دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجي شاعري هن عالمي مشاعري ۾ پيش ڪن ۽ فيس بوڪ جي ادبي صفحي تي اچن جنهن جي لنڪ هي آهي۔
 
Back
Top