آمريڪا جي دوستي سٺي نه دشمني!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو

    آمريڪا جي دوستي سٺي نه دشمني!

    اظهار سومرو

    لاهور شهر جي ويڪرن رستن ۽ باغن جي ڀر مان گذرندي لڳ ڀڳ هر ماڻهوءَ جي وات تي اهائي وائي هئي ته آمريڪين کي ڪهڙو حق ٿو پهچي ته اهي اسانجي سرزمين تي اچي سرِعام ڏينهن ڏٺي جو ٽن نوجوانن کي گولين سان پروڻ ڪري پنهنجي لاءِ سفارتي رعايتون گهرندا وتن. پارليامينٽ جي ٻاهران هڪ اين جي او جي سڏ تي ٿيل احتجاج جو موضوع به ساڳيو آهي. ان ۾ شامل ٻن خوبصورت ٻارن جي هٿن ۾ کنيل پلي ڪارڊ تي لکيل آهي ته ”پاڪستاني رت وڪري لاءِ نه آهي“. آمريڪا دشمني جو وکر وڪڻندڙ مذهبي، سياسي پارٽين به پنهنجي تقريرن جي تيرن جو رخ ان پاسي ڪري ڇڏيو آهي، اهو سڀ ڪجهه هڪ آمريڪي شهري ريمنڊ ڊيوس جي نشاني بازي جو نتيجو آهي، جنهن جي هو سکيا ڏئي ٿو.

    لاهور جي ڪينٽ واري علائقي مان گذرڻ وقت ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو ته ڪيئن هڪ آفريڪي پرڏيهي کي به ٽيڪسي روڪي پڇاڻو ڪيو ويو ته هو ڪير آهي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي ؟ هن جو چوڻ هيو ته اڳ جن کي سڀ کان وڌيڪ کلي ڇوٽ هئي، هاڻي سڀ کان وڌيڪ پڇاڻو به انهن جو ٿئي ٿو. اها ڪيفيت پنجاب جي دل لاهور جي روڊن رستن، هوٽلن، مطلب ته هر هنڌ محسوس ڪئي وئي. راند، کاڌي ۽ گهمڻ جا شوقين لاهور جا ماڻهو چند چوڪين ۽ ناڪن جي اضافي باوجود پنهنجي زندگي جي رنگن کي ڦڪو ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن .فوڊ اسٽريٽ کان وٺي ون پلازائن تائين رات جي رش ۽ رونق جيئن جو تئين موجود نظر آئي.

    پاڪستان ۾ آمريڪي مداخلت جي تاريخ اوتري ئي پراڻي آهي جيتري پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي آمريڪا ۾ ڪيل اها تقرير، جنهن ۾ هن آمريڪين جي ڳچيءَ ۾ پوڻ لاءِ چيو هيو ته جيئن توهان هجرت ڪري برطانيا کان آمريڪا آيا ۽ اچي هن ديس کي وسايو آهي، تئين اسان به هندستان مان لڏي اچي هي ملڪ وسايو آهي. ان تقرير جو حوالو وڏي عرصي تائين نصابي ڪتابن ۾ به ايندو رهيو.

    پوءِ روسين سان دشمني ۾ آمريڪا کان به وڌيڪ اسين اڳڀرا رهياسين، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي وڏي ۾ وڏي غلطي به اهائي هئي ته ڀر ۾ موجود سپر پاور روس کي ڇڏي ڪيئي سمنڊ پار وسندڙ آمريڪا سان پيار جو پيچ لڙايو ويو.

    ايوب خان جي دور ۾ محبت جي انتها هئي، جيڪو سلسلو ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ تکو مٺو رهيو ۽ پوءِ دين جي خدمت جي دعويٰ ڪندڙ اهو آمر جنرل ضياءُالحق هيو جنهن جو ڪلاس فيلو حسني مبارڪ آخري هڏڪي ڏئي چڪو آهي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ آمريڪا ۽ خاص طور ان جي جاسوس اداري سي آءِ اي کي هتي کلي ڇوٽ ڏني وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ طرف ڊپورنڊ لائن جي هن پاسي اسٽنگر ميزائلن سان روسين جي چيلهه چٻي ٿيڻ لڳي ته ٻئي طرف هن پاسي به اهڙيون فيڪٽريون قائم ٿي ويون‎، جيڪي پراڪسي وار لاءِ اهڙا ذهن تيار ڪرڻ لڳيون جن کي اڄڪلهه هر ڪوئي آپگهاتي بمبار طور سڃاڻڻ لڳو آهي.

    هي هڪڙو ريمنڊ ڊيوس ته کڻي جهلجي پيو آهي پر اهڙا ڪيئي ريمنڊ ڊيوس اڳ ۾ به ۽ شايد اڃا به هتي ڦرندا هوندا پر اعتراض ريمنڊ جي پستول مان نڪتل گولين جو شڪار ٿيل ٽن انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تائين محدود نه هجڻ گهرجي؟

    اعتراض جي آڱر جهلي هڪ اهڙو سفر ڪرڻو آهي، جيڪو هن ملڪ کي اڃا تائين نصيب نه ٿيو آهي؟ حڪمرانن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هينئر تائين ٿيل سمورن ڳجهن ٺاهن جا راز به کلڻ گهرجن، آمريڪا سان سياسي پارٽين جي رابطن جون حقيقتون به کولي ٻڌائڻ گهرجن، آمريڪي سفارتخاني ۽ قونصل جا ڦيرا ڏيندڙ امراءُ ۽ شرفاءَ جا نالا به ظاهر ٿيڻ گهرجن؟

    اهو به معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته آمريڪي سفير کي اها ڪنهن اجازت ڏني آهي ته هو ڪڏهن نائن زيرو ته ڪڏهن چوڌري شجاعت ۽ نواز شريف جي رائيونڊ واري محل ۾ ملاقاتون ڪندو رهي؟ سفارتي آداب کي پاسيرو رکي آمريڪي سفير کي سڌو صدر سان ملاقات جي اجازت هر ڀيري ڇو ڏني وڃي ٿي؟

    اهي اهڙا سوال آهن جن جا جواب ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا حڪومت جي هٿ وس نه آهن، اها پرڏيهي پاليسي جي نااهلي آهي، جيڪا شرم ۾ ٻڏي رهي آهي. ان ناڪام پاليسي جا بنياد وجهندڙن کان وٺي هينئر تائين هر دور ۾ وڏي ڊپ وچان ان کي هٿ لاهڻ لاءِ به تيار نظر نٿا اچن، سياسي حڪومتن کي ته هونئن به هن ملڪ ۾ پرڏيهي پاليسي کان مالياتي پاليسي تائين ڪيترن ئي معاملن ۾ ائين محدود رکيو ويندو آهي، جيئن ڪنهن ننڍڙي ٻار کي بجليءَ جي سامان ۽ دوائن کان پري رکيو ويندو آهي، پر اصل واڳ ڌڻين جي دور ۾ به صورتحال ساڳي رهي ٿي، پرويز مشرف جو اهو انڪشاف ڪنهن کان وسريو هوندو ته ”جيڪر افغانستان خلاف ويڙهه ۾ شامل نه ٿيا ته پٿر جي دور ۾ موڪلي ڇڏينداسون.“ اها گذريل 6 ڏهاڪن جي ڌمڪين سان ڀريل تاريخ جا ڪا اڪيلي ڌمڪي نه آهي، پر پاڻ ڌمڪيون ڏيندڙن کي گهٽ وڌ ڇو ڳالهايون؟ انهن کي اها اجازت به ته اسان ئي ڏني آهي. وڪي ليڪس جي جاري ڪيل دستاويزن ان حقيقت جي منهن تان پردو لاهي ڇڏيو آهي ته ڪهڙيءَ ريت هن ملڪ کي آمريڪا پنهنجي ڪنهن ڏورانهين رياست وانگر هلائي رهيو آهي، جتي جا حڪمران ته هن مان خوش آهن پر عوام هرو ڀرو منهن سجايو پيو هلي.

    ريمنڊ ڊيوس جي معاملي تي آمريڪا جو دٻاءُ ۽ ڌمڪيون يقيني آهن، مالڪ ۽ ڪرائيدار جي تعلق کي سمجهڻ وارا ان ڳالهه تي حيران به نه آهن پر عوام کي هروڀرو نعرن جي واري ۾ آڻي وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهه وارا به ته پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي ڪري ائين ڪري رهيا آهن.

    نذير ناجي حقيقت پسند ڳالهه ڪري ٿو ته هن دور ۾ ڪوبه ملڪ اڪيلي سر رهي نٿو سگهي ۽ آمريڪا سان لاڳاپا ٽوڙڻ جي قيمت جو تصور به نٿو ڪري سگهجي- پر پاڻ کي هڪ سياسي حڪومت کي ايترو جس ضرور ڏيڻ گهرجي ته ان ريمنڊ کي آمريڪي سفارتخاني حوالي ڪرڻ بدران جيل ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. ايترو دٻاءُ ته هو ڪمانڊو به برداشت نه ڪري سگهيو هيو جيڪو رمسفيلڊ ۽ ڊڪ چيني جي ڌمڪين کان ڊڄي ويو هيو، ”ريمنڊ ڊيوس کي ڇڏي ڏيندا“ اها ڳالهه هڪ عام ماڻهو به سمجهي ٿو ته پوءِ سفارتي رعايتن (اميونٽي) جو ذڪر ئي اجايو ٿي وڃي ٿو. ويانا ڪنوينشن تحت سفير يا سفارتي عملي تي ميزبان ملڪ ۾ ڪيس نٿو هلائي سگهجي، پر اڻ وڻندڙ سرگرمين جي صورت ۾ ان کي ملڪ نيڪالي ضرور ڏئي سگهجي ٿي، پر ان ساڳئي عالمي قانون ۾ اها ڳالهه به چٽي نموني چيل آهي ته اها رعايت ان صورت ۾ واپس وٺي سگهجي ٿي، جيڪڏهن ان سفارتي عملي جي شخص پنهنجي سفارتي ذميوارين کان هٽي ڪري ڪو عمل يا ڏوهه ڪيو هجي. ريمنڊ ڊيوس ڪو جاسوس آهي يا سفارتڪار ان ڳالهه جي اهميت وڪي ليڪس جي انڪشافن کان پوءِ ختم ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪي سفارتڪار پنهنجي پيشي کان وڌيڪ جاسوسي ۽ چغل خوريءَ جي خوراڪ کائيندا رهن ٿا. هو ميزبان ملڪ جي حڪمرانن جي بيڊ رومن تائين پهچڻ ۽ انهن تي غير اخلاقي تبصرا ڪرڻ ۽ چڙ ڏياريندڙ نالا رکڻ کان به نٿا ڪيٻائين. سياسي پارٽين کي ويڙهائڻ ۽ ٺاهڻ جا ڪم جيڪي داخلي معاملن ۾ مداخلت جي ذمري ۾ اچن ٿا اهي ڪرڻ کان به نٿا ڪيٻائين. ڀلا ايم ڪيو ايم کي اين آر او جي مخالفت جو آمريڪي مشورو ڪهڙي سفارتي قانون تحت ڏنو ويو هيو. هاڻي وري اهو به چيو پيو وڃي ته پاڪستان جي آمريڪا ۾ سفير حسين حقاني کي ملڪ نيڪالي جو دڙڪو ۽ صدر آصف زرداري جو دورو رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، پاڪستان کان وڌيڪ آمريڪا جي مفادن جو محافظ لڳندڙ سفير حقاني ترديدون ڪري رهيو آهي، پر ان کان ڪير انڪار ڪندو ته حقاني کي ريمنڊ واري چڪر ۾ ڪيترا چڪر ڪاٽڻا پيا آهن. ڪيترائي ماڻهو ريمنڊ جي بدلي ۾ عافيه صديقي کي پاڪستان حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه ڪا خوش فهمي ته ٿي سگهي ٿي پر ايتري برابري جي اميد رکڻ ۽ سا به دنيا جي لٺ سردار کان ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي.

    عبرت اخبار جي ٿورن سان
    izharsoomro@yahoo.com


    نوٽ؛مضمون جئين ته امريڪه جي ڪرتوتن کي واضح ڪر ي ٿو پر ڪٿي ڪٿي ڪن ڳالهين سان اتفاق نه ڪري سگهيو آهيان ،هن جي باوجود مجموعي طور تي مضمون ڏاڍو ڪارائتو لڳيو تنهن ڪري ونڊ ڪيان پيو ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو